موهن جو پاڙيسري
ٻَلھڙيجيءَ جي مِٽي مُرڪي،
”موهن“ کي وَاڌايو هو.
ڳوٺ جي هر هڪ گِهٽي مُرڪي،
گيت جَنم جو ڳايو هو.
ڌرتيءَ جي جهوليءَ ۾ چَمڪيو،
هڪڙو ماڻڪ موتي نِرمل.
رنگ نئون ٻوليءَ ۾ ٻَھڪيو،
جنھن ڦِھلائي جوتي نِرمل.
”مُکڙيون ماڪ ڦُڙا“ هو مَنظر،
”لِيار ڦُٽا ها نيڻن“ ۾.
”سارس ساروڻين جا“ سُندر،
”ڪَنول ٻُڪ ۾ چنڊ“ گَگن ۾.
بَسنت جھڙو پيارو ماڻهو،
پَن ڇَڻ ۾ ڀي ٽِڙندو هو.
ڇا ته ڪَوي هو نيارو ماڻهو،
خيالن ۾ ڀي کِڙندو هو.
فھم فڪر جا ڏيئا ڪيڏا،
هُن جي خيالن ۾ ها روشن.
سُرمئي خواب سِتارن جيڏا،
ديس سڄي جا درشن درشن.
هُن جي ڳالھين ۾ هئي آٿت،
هُن وٽ هئي اُتساھ حياتي.
دردن جا هُن جهاڳيا پَربت،
منزل هُن جي هئي پِرڀاتي.
ڀِٽَ جو اهڙو کاهوڙي هو،
جنھن جو پنڌ تَتل هو هرپل.
جَنمن جو هُو جاکوڙي هو،
هُن جي رَڳ رَڳ ۾ هئي هلچل.
هُن سان ملندي روح هو ٽِڙندو،
ڳالھيون خوشبوءِ جھڙيون هُن جون.
زخم زخم هو دل جو مِڙندو،
ساريون، ساريان ڪھڙيون هُن جون.
گوتم جھڙو گِيان اکين ۾،
سوچ نِرالي موهيندڙ.
ڄڻ ته ڪبوتر وِچ پکين ۾،
گيت امن جا ٻوليندڙ.
هيءَ ڪويتا اَرپن توکي،
تنھنجو غم آ گيتن ۾.
ڪين وساريندو من توکي،
شامل رهندين ميتن ۾.
”ٻَلھڙيجيءَ“ ڏي موٽيو آهين،
ويس اَڇي ۾ مِٽي ٿي.
پُھتين واپس ”موهن“ تائين،
سُڏڪا سُڏڪا گِهٽي ٿي.
تو لئه سَڪرنڊ جا سڀ رَستا،
ويڳاڻا ويڳاڻا آهن.
تنھنجا چاهيندڙ سڀ سَرتا،
توکان پوء اُٻاڻا آهن.
پنھنجين يادن ۾ تون زنده،
رهندين تا قيامت تائين.
موت به ٿيندو پيو شرمنده،
پاتي تو ته اَمرتا سائين!
(سائين مير محمد پيرزادي جي ياد ۾)
*