وَرسٽيءَ جي نانءُ
رُناسين کِلياسين چڱو اَلوداع.
وڇوڙي جي آخر اچي وئي گَهڙِي.
ويا چارئي سال ڪنهن خواب جيان،
ڪري ياد ڪئمپس کي هيءَ دل رَڙِي.
*
هاڻ تو سان ڪڏهن نه مِلبو ايئن،
چارئي سال جيئن ملياسين پئي.
خيال رکجانءِ تون مِٺي پنھنجو،
موڪلاڻي ڪندي رُناسين پئي.
*
تنھنجي رستن تي رهندي پئي رونق،
توسان ڪئمپس! نه ساڻ هونداسين.
تنھنجي ڪاريڊور ۽ ڪلاسن ۾،
هاڻ موٽي ڪڏهن نه اينداسين.
*
هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾، روئي وَٺون اَچو!
ڪئمپس کي لُڙڪَ روئي ڀيٽا ڪري هَلون.
اي دوستو! وساري سڀئي رَنجشون هتي،
اڄ آخري دفعو ئي، مُرڪي وٺون اچو.
*
رات هاسٽل جي آخري، ڳوڙها،
پنھنجو وِکريل سامان ويڙهيان پيو.
لُڙڪ، ۽ ٽھڪ، رُساما، ڀاڪر،
سَرد ساهن ۾ سڀ سَھيڙيان پيو.
*
تنھنجون ڪئمپس! اکيون هي ڪَجراريون،
منھنجي نيڻن ۾ ٿي وَيون تَحليل.
زندگي! تنھنجي آئيندي جا خوابَ،
نيٺ ڏينديون يقين آ تشڪيل.
*
ٽھڪ کِلندي ختم ٿيا آهن،
لُڙڪَ آيا تَري نگاهن ۾.
دُور ڪيڏو نه ٿي وئينءَ ڪئمپس!
سار سُڏڪي ٿي سَرد آهُن ۾.
*
روم هاسٽل جا اوپرا ٿا لڳن،
وِنگ ويران ٿي پئي آهي.
انتظاري ڪندي نه پوائنٽ ڪا،
ڌار ڪئمپس جو ٿي وئي آهي.
*
او يونيورسٽي! وسارين متان،
مُسافر هُئاسين وَڃون اڄ پيا.
گلي لائي ڪئمپس کي روئي وٺون،
الا! چارئي سال اُڏري ويا.
*
شام، پوائنٽ شھر جي رونق،
روز هوٽل تي پيٽ جي پُوڄا.
ڀوڳَ، چَرچا ۽ چانھ جون چُسڪيون،
چار ئي سال خواب ۾ گُذريا.
*
چئن سالن جي هُئي ڄڻ زندگي،
ڇا ته ڪئمپس جي هئي دنيا حسين.
رنگَ ڪاريڊور ۾ اُڏريا پئي،
خواب، خوشبو زندگاني هئي رنگين.
*