ٻَلھڙيجيءَ جي مٽيءَ ۾ ايئن آھ سُتل
ٻَلھڙيجيءَ جي مٽيءَ ۾ ايئن آھ سُتل.
جيئن ”موهن“ جي ڀرسان آ درياھ سُتل.
”اسٽوپا“ جيئن تنھنجو اُوچو ڳاٽ رهيو.
تنھنجو پنڌ پهاڙن واري واٽ رهيو.
تنھنجي نيڻين ڪارونجهر جي ڪور هئي.
تنھنجي خوابن جي موراڻي ٽور هئي.
تنھنجي ڪوتا ”سَمبارا“ جو نِرت هئي.
تنھنجي گيتن ۾ ڌرتيءَ جي پِرت هئي.
تنھنجي ڳالهين ۾ هو مَنڌُ ڀٽائيءَ جو.
تنھنجي پيرن ۾ هو پَنڌُ ڀٽائيءَ جو.
تو وٽ ”اوشُو“ جا اُهڃاڻ نِرالا ها.
ڏيئا ڏيئا تنھنجا لفظ اُجالا ها.
ڪيڏا رُخ ها سائين! تنھنجي هستيءَ جا.
شاھ ڀٽائي، سچل جي سَرمستيءَ جا.
اُسَ ۾ ويھي ڇانوَ سَدائين پوکي تو.
کلندي عمر گُذاري آخر اوکي تو.
تنھنجي گيتن ۾ ٿي فطرت ساھ کڻي.
”سونا سونا سنگ ٻَنين ۾“ ڏيک وڻي.
”سَڙڪن تي اڄ تنھنجا پيرا ڏَسُ نه ڏين“
”گَس ته گونگا آهن ڪيئن آواز ٿين“
سون سَريکن لفظن جو وينجهار هُئين.
مٺڙا ماڻهو! محفل جو سينگار هُئين.
”ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ“ ته تو ئي ڏيکاريو.
”جي تو سَڌ سِڪڻ جي“ پُرجهي سيکاريو.
ڏاڙهونءَ جي گل جيئن ڇِڄِي پيئن جَيون مان.
تنھنجا عڪس نه ڊهندا دل جي دَرپن مان.
تنھنجا ٽَھڪ ته جيون سان ڀَرپُور هئا.
تنھنجا خيال ستارن جيئن پُرنُور هئا.
تون يادن ۾، يادون سڀ دل ۾ رهنديون.
دل مان اُڀري نيڻين ڳوڙها ٿي ڳَڙنديون.
(سائين مير محمد پيرزادي جي ياد ۾)
*