بي دليءَ جو بَنواس
درد ٿو ڇوليون هڻي منھنجي اندر،
هر گهڙي پيو ٿو ٻُڏان مان پاڻ ۾.
ساھ ۾ آ بيقرارين جو بَحر،
زندگي جي آهيان ڇِڪتاڻ ۾.
ڪنهن به تعلق کي نه آهي ڪو دَوام،
ساٿ هر ڪوئي رهي ٿو مُختصر.
دوستيءَ ۾ ڀي لِڪل آ اِنتقام،
اعتباريءَ ۾ رهيو ناهي اَثر.
سُور مان ڪنھن ساڻ اوريان سُرمَئي،
رنگ خوشين جا سڀئي چاهين ٿا.
دل اُداسين کي ڪڪوري ٿي پَئي،
ويس ڪارو خواب ئي پائين ٿا.
بي سُڪوني بي رحم آهي گهڻي،
زندگي مون کي جيئڻ ڏئي ئي نٿي.
پَن وانگر پاڻ ۾ ڪِريس ڇَڻي،
زرد موسم دل مٿان هر پل لٿي.
تون ئي پنھنجي پير ۾ پائين ته ها،
عشق منھنجي جي جُتي هڪڙو دفعو.
ڪاش ڪھڙو رنگ ڀي لائين ته ها،
روح رهجي ها نه منھنجو بي رنگو.
آرسيءَ سان لُڙڪَ اورن ٿيون اَکيون،
عڪس سڀ ڌُنڌلائجي آهن وَيا.
خواهشن جون ڌُنڌ ۾ ذَرڙيون رَکيون،
شام جا مايُوس پاڇا ٿي پَيا.
دل لڳي ئي ڪين ٿي هاڻي ڪٿي،
بي دليءَ جو ڀوڳيان بَنواس پيو.
وقت پُھچايو اَلا! آڻي ڪٿي،
ڪو خدا کي ڀي نه آهي قياس پيو.
ڳوليان ٿو مان پناهون پيار جون،
عشق جا دل آشيانا ٿي اَڏي.
ٿيون وڃن رڻ مَنجهه راهون پيار جون،
پو به گهٻرايو نه منھنجي جِي جَڏي.
عاشقي منھنجي رهي ٿي روح ۾،
حُسن ئي مون کي ڏنو آ حوصلو.
ٽھڪ توکي منھنجا ملندا ٽُوھ ۾،
هيڪلاين جو آ دل سان قافلو.
جام ۾ ٻوڙي جيئان ٿو پاڻ کي،
هوش ۾ ڪيڏي نه آ تَلخي گهڻي.
مان ڪَري ڍُڪ ڍُڪ پيئان ٿو پاڻ کي،
زندگي تڏهين ته هلڪي آ بَڻي.
*