وقت سگريٽ جيئن آ دُکائي ڇڏيو،
زندگيءَ جي هَٿن ۾ جَلون ٿا پيا،
روز رَک جا ڦُلا ٿي ڇَڻون ٿا پيا،
خاڪ وانگر هَوائن اُڏائي ڇڏيو،
وقت سگريٽ جيئن آ جلائي ڇڏيو.
*
وقت اُن موڙ تي وٺي آيو،
واپسيءَ جو جتان نه آ رستو،
خواب هوندو نه آ ڪو سَربستو،
ساٿ هلندو جتي نه آ سايو،
وقت اُن موڙ تي وٺي آيو.
*
مُفلسيءَ جي طَويل موسم ۾،
خواهشن جي خزان وَڌي ويئي،
زندگي زرد زرد ٿي ويئي،
پَن ڇَڻ جي اُداس رِم جِهم ۾،
مُفلسيءَ جي طويل موسم ۾.
*
مان اڪيلو اُداس ڪمري ۾،
سوز وارا لتا جا سُرَ آهن،
نيڻ، لُڙڪن ڪيا هي پُر آهن،
ساھ ويندو لڳي ٿو سُڏڪي ۾،
مان اڪيلو اُداس ڪمري ۾.
*
راھ ۾ تون ملي وئي آهين،
ياد ماضيءَ اچي ويون ڳالھيون،
ٺوٺ ٿي ويل اکيون ٿيون آليون،
ٿي وئي شام سُرمئي آهين،
راھ ۾ تون ملي وئي آهين.
*
تنھنجا رستا کُليل هوائن جيئن،
گَسَ منھنجا درن جيان ٻُوٽيل.
منھنجو ماضي سمورو دُونھاٽيل،
زندگي ٿو ڪَٽيان سزائن جيئن،
تنھنجا رستا کُليل هوائن جيئن.
*
رات! تو خواب هي ڪٿان آندا؟
نيڻ منھنجا ٻَري رهيا آهن،
ميڻ وانگر ڳَري رهيا آهن،
حادثا دل تي ڪِريا هيڪاندا،
رات! تو خواب هي ڪٿان آندا؟
*