علي بابا
ڪھاڻي توکي ڳولي ٿي،
ڪھاڻين ۾ تنھنجي ڳولا.
تنھنجي خانه بدوشيءَ جي،
ڪٿا بڻجي ويا رستا.
مَگن تون من جي مستيءَ ۾،
تنھنجون ڳالھيون مِٽيءَ هاڻيون.
فقيري تنھنجي هستيءَ ۾،
حياتي تنھنجي آکاڻيون.
ٻَڌل تنھنجي آ پيرن ۾،
ٿَڪاوٽ عمر جي ساري.
سفر جي تو انڌيرن ۾،
ڏياٽي درد جي ٻاري.
رهيا تنھنجا سدا وکريل،
نه وارن کي سَنواريو تو.
تتيءَ تي پير پيا تنھنجا،
نه سُک جو ساھُ ساريو تو.
دريا جي دانھن ورنائي،
دُنگيءَ جو درد تو ڄاتو.
اکين ۾ اُڃَ کي پائي،
جُهڙالو رنگ تو پاتو.
موهن جي ماٺ آهين تون،
دَڙي جي دانھن تو ۾ آ.
رَڙن ٿيون تو ۾ چانڊوڪيون،
چِڪن ٿا چنڊ جا چارا.
اِها آوارگي تنھنجي،
هرڻ جي تشنگيءَ وانگي.
سموري زندگي تنھنجي،
ٿيل زخمي پکيءَ وانگي.
لکي ”منھنجون ڪهاڻيون“ تون،
ڪھاڻي ٿي ويو آهين.
جَڙي لفظن ۾ تصويرون،
مُصور ٿي پيو آهين.
عجب تنھنجو جِياپو آ،
نه ڪو ڀي ٿاڪ آ تنھنجو.
نه اوجاڳن جو ڪاٿو آ،
گريبان چاڪ آ تنھنجو.
*