اک ٻيڙي ڪري،
ناکئو ننڊ جو،
گُنگُنائي پيو.
لھر جي جهاڳ مان،
خواب ڪو سمنڊ جو،
گُنگُنائي پيو.
روح رولاڪ هي،
همسفر چنڊ جو،
گُنگُنائي پيو.
تنھنجي زلفن مَنجهان،
واس سَرکنڊ جو،
گُنگُنائي پيو.
*
بخشل باغيءَ جي شاعريءَ ۾ اسان جي دور جي عڪاسي ڪيل آھي. بخشل باغي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنھن جي تخليقي اڏام روايتي پيچرن کان هٽي ڪري هڪ منفرد ۽ الڳ ٿلڳ رستي طرف گامزن نظر اچي ٿي. ھو لکي ٿو تہ ”عشق ۽ شاعريءَ جو ڪاڪ ٽيل منھنجي زندگيءَ جي پيالي ۾ سدائين نَوان نَوان خُمار کڻي پئي ڇُلڪندو رهيو آهي. ۽ مان هميشہ مڌهوشيءَ جي ڪيفيتن ۾ ڪڪورجي، پنھنجي روح ۾ ڪڪر ڪارونڀار پيو وسندو آهيان.“
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو