الوداع
صُبح جي سُرهي سفر سان،
هُو پکين وانگر ڇڏي پنھنجو اَجهو،
شام جو واپس ورڻ جي لاءِ ڪُجهه،
نيڻ پُٺيان مُنتظر ويو هو ڇڏي،
ڪا خبر ڪو خيال ڀي ڪنھن کي نه هو،
اوچتو بي وقت ٿيڻو هو ائين
اجنبي هڪ شھر جي شاھراھ تي،
موت ڌاڙو هُن جي هڻندو ساھ تي،
روح ڀَڙڪو ڏئي ڪبوتر وانگيان،
برف جهڙي سَرد هُن جي جسم کي ويندو ڇڏي،
پوئتان اَڻ کُٽ ڇڏي ڪي انتظار،
سَرد آهو ۽ اکيون ڪئي اَشڪبار،
مُنتظر هُن جي وَنيءَ جي،
دل اندر هو زلزلو،
ٻارڙن ٻوليو پئي ويٺي پاڻ ۾،
ڄاڻ پهتو”بابا سائين“ڄاڻ پُھتو،
کوڙ ساري شيءِ هُو ڏيندو وٺي،
ٻارڙن هر هر اِهائي ڳالھڙي ويٺي رَٽي،
۽ وَني ساري ڏهاڙي جي ٿَڪاوٽ،
هڪيلائيءَکي وَنڊڻ جي لاءِ پنھنجون،
دَرَ ۾ ٽاڪي ڇڏيون اکڙيون ٿَڪل،
جي اڃان ٽاڪيون پيو آهن اُتي،
هُو ڪڏهن ڀي ڪين ورڻو هو جتي،
ڇو ته ناهي موت کي ڪائي ڪَھل،
ڪير ڄاڻي ٿو اچي ڪھڙي مَھل،
ٻارڙن چُپ چاپ کيڏي راند پئي،
گهر مٿان غم جا ڪڪر گهاٽا چڙهيا،
فون جي گهنٽي پئي گجگوڙ ٿي،
شام جي خاموش سُرمائي فضا،
پئي اُڻيا ڪيئي فنا جا فاصلا،
هاءِ! ايمبولنس هڪڙي،
ڪنهن قيامت وانگيان،
مُنتظر گهر کي اڪيلو شھر ۾ خالي ڇڏي،
موت جھڙي رات جي ماٺار ۾،
سائرن جي خوف جھڙي شور سان،
ڳوٺ ڏانھن وڌندي رهي،
مُنتظر هڪڙي قبر پئي هئي مُسافر لئه
اَباڻي جُهور قبرستان ۾،
ڳوٺ ۽ پاڙو سڄو سَڪتي ۾ هو،
ڄڻ ته سڀ ڪُجهه ٿي رهيو سپني ۾ هو،
ڪالهه جي سنگتي سندس ئي،
ڪاڄ ۾ جُهوميا هئا،
اڄ ڪري دانھون اُهي ئي مَڙھ مٿان سُڏڪيا پئي،
ڪُنوار اوساريو پئي،
درد کي ڏاريو پئي،
سانجهه پُرآشوب ڪوڪاريو پئي،
پر ڪفن ۾ گهوٽ بي سُڌ هو سُتل،
ڄڻ صدين جي هو ٿَڪاوٽ ۾ سُتو،
سُڏڪندي، روئيندي هِن کي،
لَحد جي پينگهي ۾ لاٿائون پئي،
واپسيءَ ۾ پو تڏي تي،
ڳالھڙيون هُن جون ئي ڳاتائون پئي!
(عبدالغفور مريءَ جي وڇوڙي تي)
*