زندگيءَ جي رِڻ مٿان
* مينھوڳيءَ جي موسم ۾،
منھنجي دل ٿيڙ کائڻ لڳندي آهي،
بادل، ڇُلڪندڙ جام بڻجي پوندا آهن،
ڪڻي، ڪڻي ڪيف ۾ ڪڪوري ڇڏيندي آهي.
وَسندڙ مينھن جو ڏيک،
منھنجي روح ۾ تحليل ٿي،
اکين مان عَيان ٿي پوندو آهي.
مينھن کان پوءِ مٽيءَ جي خوشبوءِ،
منھنجي اُداس ساهن ۾ کِڙي پوندي آهي.
انڊلٺ جا رنگ،
منھنجي من جي بيقراريءَ کي
وڌائي ڇڏيندا آهن.
هوءَ، سانوڻيءَ جي سُرمئي احساس مان،
ڪَر موڙي مون ۾ جاڳي پوندي آهي.
۽ مان جنمن کان اوجاڳيل اکين سان،
جاڳ جا طويل صحرا،
جهاڳيندو رهجي ويندو آهيان.
هُوءَ بارشن جي رُوپ ۾،
سدائين منھنجي اُڃارين اکين ۾،
وَسندي رهندي آهي.
پر زندگيءَ جي رِڻ مٿان هوءَ،
اِنڊلٺ بڻجي کِڙي ناهي سگهي.
هُن جي مُرڪَ جِي موکيءَ،
مون کي ڪڏهن به،
مُحبتن جو مَڌُ ناهي پيئاريو.
پوءِ به منھنجو روح،
ڪَڙاڻ جي ڪائنات ۾،
جياپي جي ڍُڪ ڍُڪ سان،
ڪَڪورجي رهيو آهي!
وڇوڙن جا وَرلاپ،
واعدن جي تَپندڙ واريءَ تي،
روڳ جي رِڻ کي رقص ڪَرائين ٿا.
ڪارن ڪڪرن ۾ ويڙهيل آسمان
جيڏي اُڃَ،
سُڪل ساهن جي سُرمئي سمنڊ ۾
ٻُڏي رهي آهي.
درد جي تيز اُٿندڙ لھرن ۾،
دل جي ٽُٽل ٻيڙي ڌُڏي رهي آهي!
*