خواهشن جا غلام ٿي وياسين،
پاڻ تي پنھنجي مرضي ڪين هلي،
ڇا ٿيو، ٻين لئه بادشاھ ڀلي،
ڪھڙي حالت ۾ اڄ اچي وياسين،
خواهشن جا غلام ٿي وياسين.
*
مون نه ڪنھن جي ڀي پُٺيءَ ۾ هَنئي ڇُري،
پوءِ به منھنجون مُحبتون مَشڪُوڪ ڇو؟
دوستيءَ کي تو ڪيو مَترَوڪ ڇو؟
مون ته توکان زندگاني پئي گُهري،
مون نه ڪنھن جي ڀي پُٺيءَ ۾ هَنئي ڇُري.
*
حوصلو هارجي ويو آهي،
دوستي مھربان ٿي نه سگهي،
زندگي مھربان ٿي نه سگهي،
خواب هڪ مارجي ويو آهي،
حوصلو هارجي ويو آهي.
*
تو چپن جو ڏنو هُيو اَمرت،
زندگيءَ ۾ مِٺاس باقي آ،
اڄ به تنھنجي پياس باقي آ،
تنھنجي مھڪي اَڃا پئي چاهت،
تو چپن جو ڏنو هيو اَمرت.
*
وقت جا پيرَ ٿا ڪٿي رُڪجن،
وقت هر وقت سفر ۾ آهي،
ڪين ڪنهن ساڻ ڀي ٿو ڳالھائي،
پنھنجي ڌُن ۾ سدائين آهي مگن،
وقت جا پيرَ ٿا ڪٿي رُڪجن.
*
سانجهه کان تنھنجو پُڇيو مون پيار مان،
ڏَسُ مون کي هُن شفق جھڙو ڏِنو،
پيچرو هڪڙو اُفق جھڙو ڏنو،
سَڏَ مون توکي ڪيا سنسار مان،
سانجهه کان تنھنجو پُڇيو مون پيار مان.
*
رات منھنجي روح ۾ اهڙي لَٿي،
سڀ ستارا خواب منھنجا ٿي ويا،
نيڻ هي مھتاب منھنجا ٿي ويا،
عشق اهڙي ڪا ڪئي هئي اَڳڪٿي،
رات منھنجي روح ۾ اهڙي لٿي.
*
چپن جون چپن تي لَٿيون آيتون،
مَديني جيان روح مُنور ٿيو،
مَڪو، مُحبتن جو مُقدر ٿيو،
شرابن طَھورا ٿيون ساعتون،
چپن جون چپن تي لَٿيون آيتون.
*