جيئڻ جو ڏانءُ
اکين جي نيرڙي نَدي،
اڃا به تار ٿي وَهي،
کڻي ڪا تِکَ پيار جي،
هي بيقرار ٿي وهي،
عجيب وهڪرا اَٿس،
نه ڪنھن به روڪ ٿي رُڪي،
سدائين چاڙھ چاھ جو،
نه ڪنھن به مُند ٿي سُڪي،
گهٽا جا ويس ٿي ڍَڪي،
ڇَمر ڇَمر ڪري وَسي،
اُداس سانجهه ٿي اُڻي،
پياس سانجهه ٿي اُڻي،
وڃي پيو وقت سُرمئي،
دُونهي جي لاٽ جيان ڪئي،
فضا ۾ عڪس ڇڏيندو،
الائي ڪنھن کي سَڏيندو؟
ندي اُنھن سَڏن پُٺيان،
پَڙاڏا ٿي رُلي پئي،
ڪُنن ۾ واءُ سان وڏا،
ڪري ڪَڙڪاٽ ٿي رُڳو،
وڄائي واديون ڇڏي،
پھاڙ هيٺ ڪنڌ ڪري،
نديءَ جو نيِنھن ٿا ڏسن،
ڏُکارو ڏينھن ٿا ڏسن،
ڪَٽي ٿي جُستجو ڪندي،
جُڳن جي جهانءِ کي جَهٽي،
ڪٽيندي پنڌ پھاڙي،
نديءَ جو ڏيک ڏهاڙي،
وسيع تَر ٿو ٿئي،
وشال سمنڊ وانگيان،
اَڌوري چنڊ وانگيان،
ڏئي ٿو ڏيک ناوَ جو،
نه جنھن جو مانجهي آھ ڪو،
جو گُنگنائي گيت ڪو،
نديءَ جي لھر لھر مان،
ڦُٽي پوي سنگيت ڪو،
ملي آواز لھر کي،
ڪو سُر ۽ ساز لھر کي،
جيئڻ جو ڏانءُ ڪو ڏئي،
صدين جا ٿڪَ پھاڙي،
ندي ڀَڃي ڪو ڪَرَ کڻي!
*