شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

استاد امن آزاد مانجهي جن جي زندگي جو مختصر احوال

ولادت باسعادت:
اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ 04 آڪٽوبر 1969ع تي جنم ورتو، سندن پيءُ جو اسم مُبارڪ تاج محمّد هيو.

استاد امن مانجهي جو بچپن ۽ جَواني:
اُستاد امن مانجهي جي پيدا ٿيڻ کي اڃان پنج مھينا مس گُذريا تہ سندس والدہ ماجدہ نانگ جي ڪکجڻ سبب فوت ٿي وئي ۽ پاڻ والدہ جي شفقت کان ننڍپڻ ۾ ئي محروم ٿي ويا. معصوم کير پياڪ ٻار کان جڏهن ماءُ جي عظيم گود ۽ مِٺڙين ٻولين جو پيار ۽ ماءُ جي اوجاڳن واري اجهراڻي کسجي وڃي تہ ان ٻار وٽ ڪجھ بہ ناهي بچندو، سائين امن مانجهي وٽان بہ سڀ سھارا ان ڏينھن کسجي وِيا هُئا جنھن ڏينھن سندس ماءُ جي زندگي جا ڏينھن اچي پورا ٿيا هُئا، جنھن جو ذڪر هُو خود پنھنجي شاعري ۾ بہ ڪري ٿو؛
غريب ويچارا اڪانۡ تي پالا، ڇورڙا ٻال آهم،
نھين ميڪون ڪنھن دا سھارا، قُرب دي لئي سِڪدا.
جڏهن ماءُ جي ٿڃ کان محروم ٿيا تہ ڳوٺ يا اوڙي پاڙي جي عورتن کان ٿڃ وٺڻ لڳا، ٻالڪپڻ ۾ ئي هو پنھنجي ماءُ جي جهولي کي ڳوليندا رهيا، پر اها ان کي ڪٿان بہ آسيس نہ ملي سگهي. استاد امن آزاد مانجهي اُن ماءُ کي اڪيلا ئي پُٽ هئا، اُن جي فوت ٿين بعد ان جي پيءُ ٻي شادي ڪئي جنھن مان کيس هڪ پوٽ غلام الدين (غلام) ۽ ٽي ڌيئرون ٿيون. استاد امن آزاد مانجهي جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندا هُئا تہ سندن ٻانھن ڀڄي پئي، اُن آزار بہ هن کي ڪافي وقت تائين جهنجهوڙِيو.
اُستاد پنھنجي بچپن يا جواني ۾ پنھنجي ماءُ جي اُن گم ٿيل پيار کي ڳوليندا رهيا، تانۡ جو اُن گهمڻ ڦرڻ ۽ آلاپ ڪرڻ جو گس ورتو، ڀِٽن جا دڙا هُجن يا گرميون هُجن، يا سخت سرديون هُجن، راتيون هُجن يا ڏينھن هُجن، هن جي انھي گم ٿيل پيار کيس کي ڏاڍو بيتاب ڪيو. هُن دُنيا مان ان گم ٿيل پيار ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، اُن کي ان سفر ۾ مُسافر تہ گهڻائي مِليا پر ان باوجود بہ انھن ولرن وڳرن هوندي هُو پنھنجي اڪيلائيءَ جو ذڪر ڪري ٿو؛
آهيان مان مُسافر، سفر ۾ اڪيلو،
وڳر ۾ اڪيلو، ولر ۾ اڪيلو.
ويڳاڻو هن شھر ۾ بيگانو بڻيس مان،
آهيان ڄڻ تہ هيڏي شھر ۾ اڪيلو.
هِڪ نظر سان ڏِسجي تہ جِتي اُستاد امن مانجهي گهڙي پل ويھندا هُئا تہ اُتي ڪچھرين جا منڊل مچي ويندا هُئا، هن جا جيڏا ساٿي بہ گهڻا هُوندا هُئا، پر اُن باوجود بہ هُو خود کي اڪيلو محسوس ڪندا رهيا. اُن کي جنھن پيار جي تلاش هُئي، جنھن ماءُ جي ممتا رُوح لاءِ تڙپ هُئي، اُهو اُن کي نہ ملي سگهيو. هُو ان تلاش ۾ پنھنجو بچپن ۽ پنھنجي جَواني قُربان ڪري چُڪا هُئا شاھہ سائينءَ جي هِن بيت جِيان تہ؛

سنجرِيس تانۡ سور، ساماڻيس تان سُک ويا،
اِهي ٻئي پُور، مون نِماڻيءَ نصيب ٿيا،

تعليم:
غريبيءَ ۽ ڏُکئي حال ۾ پڙهڻ بہ هڪ وڏي جھاد مِثل هوندو آهي، اُستاد امن مانجهي جي وڏڙن جا تمام غريبي حال هُئا، جنھن ڪري هُو ظاهري اعليٰ تعليم تہ نہ پِرائي سگهيا، پرائمري جي تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ پنھنجي نانا اُستاد لعل محمّد چانگ وٽان حاصل ڪيائون. مئٽرڪ تائين تعليم هاءِ اسڪول ڀنگوبهڻ مان 1984ع ۾ حاصل ڪيائون. انٽر سکر ڪاليج مان پِرايائون، کيس کي سُھڻن اکرن جي قُدرتي ڏات مليل هُئي جا کين کي باقاعدي طور مڃتا مِليل هُئي جيڪا هن جي سڃاڻپ هئي. پاڻ پنھنجي اُنھيءَ هُنر جو ذڪر شاعري ۾ ڪيو اٿائون تہ؛

اٿم منھنجو هُنر، اکر صاف سُھڻا،
خِطاطي هٿن تي تہ سِکندا وڃو ها!

جڏهن پاڻ سکر ڪاليج ۾ پڙهندا هُئا تہ ان وقت ڪاپيون وٺي ڪري اِنڊن جي صورت ۾ لکي کپائيندا هُئا ۽ پنھنجي پڙهائيءَ جو خرچ پورو ڪندا هُئا. زياده غربت سبب هُو وڌيڪ ظاهري تعليم حاصل نہ ڪري سگهيا.

تخلص جو اصل راز:
سندن جو اصل نالو امام الدين هُئو، پر ڳوٺ ۾ هِتي هُتي اِمن جي نالي سان مشھور هُئا، سندن جو شاعري ۾ تخلص اِمن آزاد مانجهي استعمال ٿيل آهي، ڪِٿي ڪِٿي هُن تخلص سادہ دل بہ استعمال ڪيو آهي. ادب جي دُنيا ۾ مانجهي اِمن جي نالي سان گهڻو سُڃاتا ويندا هُئا، سندن جو پاڙو مانجهي (منجهاڻي) هُيو، اُن ڪري هِن وٽ پنھنجي پاڙي جو لِحاظ هُيو، ان ڪري اُنھن اِهو تخلص استعمال ڪيو.

اُستاد امن مانجهي جي شاعري جي شُروعات:
مان اڳ ۾ ئي بيان ڪري چُڪو آهيان تہ هُو ٻالڪپڻ کان وٺي ماءُ جي شفقت کان محروم رهيا، هُو جڏهن اُن پيار جي ڳولا ۾ محُو ٿيا تہ سندس سان ڳوٺ جو همعصر اُستاد سُلطٰن علي چانگ (گدا)
ساڻس اُن سفر ۾ رَليا، قُدرتي طرح اُهي بہ اُستاد امن مانجهي وانگر ماءُ جي پيار کان محروم هُئا، ٻئي درديلا جڏهن هڪ ٻئي سان ويھي درد جو احوال اوريندا هُئا تہ اُهو درد آلاپ جي صورت ۾ سِٽن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو، جيڪو آهستي آهستي هڪ شاعري جي ڏات جي شُروعات بڻجي وِيو
شروع ۾ ڪنھن بہ قِسم جي ڪابہ سِکيا نہ هُئي پر اُنھن ٻنھين کي فِطرت جي طرفان سِکيا ملي هُئي سا تہ ڪمال جي صُورت اختيار ڪري وئي ۽ پاڻ ٻئي درد جي آواز کي اڳتي اورڻ لڳا.
سندن جي شاعري جي شُروعات 1982ع کان ملي ٿي، جڏهن هُو اٺين ڪِلاس جا شاگرد هُئا،
انھيءَ مان اندازو ٿئي ٿو تہ اهو درد ئي هُيو جنھن هن کي ننڍپڻ ۾ ئي لکڻ تي مجبور ڪيو.
پاڻ شروع ۾ بحر وزن جو علم 25 جنوري 1996ع بروز خميس تي اُستاد مرحوم محمد وارث چانگ کان حاصل ڪيائون، پوءِ پنھنجي نانا اُستاد لعل محمّد کان بہ سِکيا ورتائون، اُستاد لعل محمّد چانگ پاڻ بہ وڏي پائي جا شاعر هُئا.

سندس همعصر ۽ شاگرد
پاڻ خوش مِزاج، کِلڻا مِلڻا ۽ يار ويس شخصيت هُئا، ڪڏهن ڪنھن سان ٻاڙو ڪونہ ٻوليائون سواءِ انھن وڏيرن جي جن غريبن جو مال لُٽيو، کاڌو ۽ ڦُريو هجي. ان ڪري سندن جي زندگي ۾ سندس همعصر بہ تمام گهڻا ئي هُئا پر پوءِ بہ انھن همعصرن جا نالا ڏجن ٿا جن جو ذڪر هُو پنھنجي شاعري توڙي نثري تحريرن ۾ ڪندو رهيو آهي.

اُستاد سُلطان علي چانگ گدا (شاعر)،
اُستاد سيال حيات (شاعر)
ظفر علي شر (شاعر)
فياض علي شر فدا (شاعر)
امر شر (شاعر)
اُستاد شاهنواز سولنگي (فنڪار)

مٽن مائٽن، ڳوٺ وارن سڀني هڪ جيڏن سان سندن جو جيءُ هميشہ ائين جڪڙيل هوندو هيو جيئن پوپٽ جو گُلڙن سان!

سندن جا هونئن تہ تمام گهڻا شاگرد آهن، جيڪي سائينءَ جن کان تعليم جھڙي زيور سان مالامال پئي ٿيا يا سھڻن اکرن جھڙي ڏات سان نوازيا ويا پر هِتي صرف شاعري جي حوالي سان شاگردن جا نالا ڏجن ٿا.
سندن جو ڀاءُ غُلام الدين چانگ (غُلام)
نادر علي چانگ (نادر)
اعجاز علي چانگ (عاجز)
حُبدار علي چانگ (حُبن).

سندس معاشري ۾ اُستادي ڪِردار
پاڻ کي ڪا سرڪاري نوڪري وڏين ڪوششن باوجود بہ نہ ملي سگهي، پاڻ تعلقي فيض گنج ۾ سڀ کان پھريائين پرائويٽ وسيم ڪوچنگ سينٽر 1995ع ۾ شروع ڪيائون، پاڻ پرنسيپال جي حيثيت سان ڪم سر انجام ڏنائون، اُن کان بعد 1998ع ۾ فيض گنج جي اندر جڏهن پرائيويٽ ادارو فيض گنج پبلڪ اسڪول پڪا چانگ جو پٿر رکيو ويو تہ پاڻ اُتي اُستاد جي حيثيت سان پڙهائڻ شروع ڪيائون، زندگي جي آخري گهڙين تائين پاڻ ان اداري سان وفا نڀايائون. پاڻ هڪ اعليٰ قسم جا اُستاد هُئا، اڄ تائين علائقي جا سڀئي شاگرد تمام گهڻي پيار ۽ پاٻوھہ سان ياد ڪندا آهن. پاڻ اڪثر طور تي سِنڌي ۽ اردو پڙهائيندا هُئا، سندن جي هٿ اکري ايتري تہ پياري هوندي هُئي جو اڄ تائين علائقي جي اندر مثال ڏِنا ويندا آهن. پاڻ هڪ ڊرائنگ جا بھترين اُستاد هُئا، قُدرت جي هر سنسار کي ليڪا ڪڍندي جوڙي وٺندا هُئا. مُعاشري ۾ تمام عزت جي نِگاھ سان سُڃاتا ويندا هُئا.

سندن جو تڪيہ ڪلام
پاڻ دُنيا کان ڏاڍو آزاريل هُئا، هن کي دُنيا مان هميشہ ڪٺي ڪرڻ لاءِ صرف شايد درد ئي مليا هُئا، هونئن بہ صوفين ۽ اوشاقن لاءِ هي دُنيا جيل خانو مثل هوندي آهي. شايد اُن ڪري سندن اڪثر تڪيہ ڪلام هوندو هيو تہ؛
”هيءَ دُنيا دردن جي ماءُ آهي.“

اُستاد امن مانجهي جي پسند جا شاعر
اُستاد امن مانجهي هميشہ هر وقت مُطالعي ۾ مصروف رهندا هُئا، پاڻ شاھہ جو رِسالو ڏاڍو پڙهندا هُئا، ان کان پوءِ سچل سرمست جا وڏا شائق هُئا، اُستاد بخاري، شيخ اياز، حمل فقير لغاري، سائين اعجاز شاھ، ناظم منگي، فقير خوش خير محمّد کي تمام گهڻو پڙهندا هُئا. انھن جي شاعري جو اُستاد امن مانجهي جي شاعري تي تمام گھڻو اثر آهي.

اُستاد امن جي پسند جا فنڪار ۽ گَوِّيا
پاڻ جو ڪُجهہ لِکندا هُئا، اُن کي آلاپ جي صورت ۾ آڻي طرزون ٺاهيندا هُئا، پاڻ ڪافي وقت اُستاد رضا حُسين وِسطڙو کان ڳائڻ جي سِکيا بہ ورتائون ۽ پاڻ طنبوري جي تار سان سُر ڇيڙي ڪمال ڪري وجهندا هُئا، تانَ هڻڻ ۽ سرگم ٻُڌڻ سان ڏاڍو پيار هُوندو هُين، پاڻ هِڪ بھترين آواز جا مالڪ هُئا پر وقت جي لھرن اُن اڏام ڪندڙ لغڙ جي تند کي ٽوڙي وِڌو ۽ لغڙ حالاتن جي ڦيري ۾ گهمندي گهمندي، بولاٽيون هڻندي، نيٺ زندگي جي ڄار سندس اُميدن کي پُرزا پُرزا ڪري ڇڏيو. هِتي اُستاد امن مانجهي جي پسند فنڪارن جا نالا پڙهي محسوس ٿيندو تہ هن وٽ حد کان وڌيڪ ڄاڻ هُئي پر غريبي کيس کي اڳتي اُڀرڻ نہ ڏِنو، پاڻ چئي ٿو؛
قِسمت ۾ غربت الائي ڇو اچي وئي؟
هُئاسون برادر ۾ اُٿڻ ۽ ويھڻ جھڙا ماڻھو.

سندس جي لکت مطابق هيٺيان سنڌ ۽ هند جا اُستاد خان صاحب ڳائڻا تمام گهڻو پسند هُئا.
اُستاد خير محمد خان، اُستاد بڙي غلام علي خان، اُستاد بيبو خان، استاد عاشق علي خان، استاد مِٺو ڪلھوڙو،اُستاد الهڏتو نوناري، اُستاد اميد علي خان، استاد منظور علي خان، وڏو اُستاد برڪت علي خان (تان جو بادشاھ)، تان ڪپتان اُستاد فتح علي خان، استاد عطا محمد خان، استاد امير حسين خان، لتا، محمد رفيع، لليتا ديول، يشونت ڀٽ، اي _ آر اوجها، موهن تارا تالپڙي، سھيش، سريش، پارو ديوي، محمد جُمن، محمد يوسف، مڪيش، طلعت محمود، سلامت علي خان، شرافت علي خان، مھدي حسن (غزل گائيڪ بادشاھ)، مراد فقير، ٻُڍو فقير، مائي ڀاڳي، محمد ابراهيم، حبيب ولي محمد، غلام فريد قوال، نُصرت فتح علي خان، شاهو موتڪ، بينا ٻائي مڪرجي، حميدہ بانو، پشپاهنس ٻائي، جيوڻي ٻائي، مُولي ٻائي، ڪرن ديون، ڪندن لال سهگل، اميران ٻائي، زهران ٻائي، بي اين بالي، للت، سرندر ڪونپل، ڪنور ڀڳت، موٽڻ ڀڳت، ماسٽر چندر، سونا خان بلوچ، نور جهان.

شاعريءَ جون صنفون
پاڻ حمد، نعت، غزل،ڪافي، وائي، سہ حرفي، رُباعي، ٻہ سِٽا، ٽہ سِٽا، بيت، نڙ بيت، اوراڻو ۽ بغير نقطي شاعري تي طبع آزمائي ڪئي اٿن. سنڌي سرائيڪي ۽ اردو ۾ سندس شاعري ملي ٿي. سندس شاعري ۾ فارسي ٻولي جو بہ ڪافي ذڪر آهي.

اُستاد امن جي شاعري
اُستاد امن آزاد مانجهي جي شاعري سونھن جي تلاش جو وجود آهي، اُن سونھن جي تلاش جو وجود هن ماءُ جي گود ۾ ڳولڻ جي بھاني شروع ڪيو، جيڪا هُن کي اها گود ملي نہ سگهي.
پوءِ هُن ان سونھن جي وجود کي در در ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، هو پنھنجي زندگيءَ ۾ چئوياري، سنگت ساٿ ۽ مھمانوازي جو تمام گهڻو خيال رکندا هُئا پر پوءِ بہ هو اڪيلا رهيا ۽ اُن باطني اڪيلائي ۾ سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي. تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو لکيائون:

دغائن ۽ دوکن اهڙو تہ دل کي ڌوڏيو،
جو حشر ۾ بہ اهڙو قھر ڪونہ ٿيندو.

1985، 1986 ۽ 1987 ع ٽي سال زندگي جو طويل عرصو بيمار رهيا پر بيمار بہ بيھوش مثل رهيا، کيس کي عشق وڏي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو هُئو ۽ اُن وقت قلم ئي پنھنجي پاڻ کان پري نہ ڪندا هُئا، رات ڏينھن هڪ ڪري پنھنجي اُن عشق جي اظھار کي ظاهر ڪندا رهيا. اُن وقت بيماري جي حالت ۾ حڪيم فقير علي نواز هيسباڻي ( لڳ درگاھ فقير خوش خير محمد هيسباڻي ) وٽ رهيا، فقير علي نواز هيسباڻي تمام سياڻا حڪيم هُئا، اُن چيو تہ هي ڪُجهہ وقت لاءِ اسان فقيرن وٽ رهي، هِن کي عشق جي انتھا چوٽ لڳل آهي. اگر هيءَ هتي نہ رهندو تہ پاڻ کي سنڀاري نہ سگهندو. فقير شايد اُنھي حساب سان چيو تہ تقريبن هر ٻئي ڏينھن تي راڳ ويراڳ جي محفل ٿيندي هُئي، جِتي اُستاد امن مانجهي بہ ويھي پنھنجي دل کي پلڻ جي ڪندا هُئا، پر دل پلجڻ جي ڪِٿي هوندي آهي، تڏهن تہ پاڻ بي وس ٿي چيائون تہ:

هي دل گر وس ۾ هُجي، ڇا حشر هن سان ڪيان؟
بي وس بڻجي چُپ ٿو ڪيان، ڳالھيون مڙئي ڪُل ڳڻي.

هيسباڻين فقيرن وٽ هن پنھنجي ڪَشتي جا رُخ تصوف جي سمنڊ جي ڇولين ڏانھن ڪيو، جِتي وڃي هن پنھنجي اندر ۾ ئي اِسرار جا علم پڙهيا،تڏهن تہ چيائون:

سي سپرين اوڏڙا ساھ ۾، جن ڪَشتي ڪُن ڏي ڪاهي،
جيئن ڇوليون ڇڪين ڇوھہ مان، تيئن راھ اُنھيءَ راهي،
تن کي سوز سدائين سفرو، هُو ساهان ڪن نہ ساهي،
امن چوي الاهي، پَسيائون علم اِسرار جا.

اڪثر طور تي پاڻ شاھہ جو رسالو تمام گهڻو پڙهندا هُئا پر حصو شاھہ صاحب جي رسالي جو تمام گهڻو حصو ياد هُوندو هُين.
پاڻ هڪ فطرت گو شاعر هُئا، تڏهن تہ هُو پنھنجي علائقي جي ڀِٽ تي ٿيندڙ ساوڙن ٻُوٽن کي بہ وِساري نہ ٿا سگهن، تڏهن تہ چيائون:

کِپن ۽ ٻُوھن جو وهوا ٻُور سھڻو،
سون ۽ چاندي جيان، چِمڪ ڏس چوڌاري.

اندر ۾ اها سِڪ ۽ اها اُڻ تُڻ سندس کي حُب الوطني جي انتھا تي پھچايو ڇڏي ٿي، هُن کي سِنڌ ۾ مارئي هڪ نظر نہ ٿي اچي پر هر عورت ۾ ان کي مارئي جي ڪِردار جي جهلڪ نظر اچي ٿي:

مارو مارو جنھن ملھايا، مُلڪ ۾ مارئي هڪ ناهي،
تون قيد کي کولي ڪَڙَ ڀلي، سئو قيد تنھنجا ڪُل ڪٽڻا هن.


ان حب الوطني، مارن ۽ غريبن جي تڙپ کي محسوس ڪندي هُو وڏيرن کان نفرت ڪن ٿا ۽ پنھنجن مارن جون جهوپيون مُستقبل ۾ خوش ڏسڻ چاهي ٿو:

هي منھنجيون جهوپيون ۽ هي مارو منھنجا ٿر جا سانگي سانوڻ ۾،
شل خوش هجن آباد هجن، تون تن کي بتاوا ڇو ٿو ڏيئين؟

شادي نہ هُئڻ جي حقيقت
پاڻ پنھنجي علائقي يا ڳوٺ ۾ تقريبن گھڻن جا ٿڃ پياڪ ڀاءُ ٿي ٿيا، ان ڪري سندن جو رِشتو مِٽن مائٽن سان نہ پئي ٿي سگهيو، هلندي هلندي ڪافي وقت کان بعد سندن کي آڪٽوبر 2000ع ۾ منڱايو ويو، پاڻ اپريل 2008ع ۾ شادي ڪرڻ ٿي چاهيائون پر شادي ڪرڻ کان اڳ ئي هُو پنھنجي حقيقي ڏيھ ڏانھن روانا ٿي ويا.

سندن وفات
پاڻ آخري وقت ۾ صحتياب هُئا پر وفات کان هڪ ڏينھن اڳ سندس کي گيسٽرو جي بيماري اچي وڪوڙيو، اُن بيماري پنھنجي ڪَرَ ڪھڙي طريقي سان کنئي، اُن بيماري ڪھڙي سبب شُروعات ڪئي، پر هِڪ ڏينھن جي اندر سھڻي ڌرتي تي هلندڙ گهمندڙ سھڻي نوجوان کان 11 مارچ 2008ع بروز اڱاري جي شام جو حياتي کسي ورتي.
(انا لله و انا اليه راجعون).

سندن تدفين 12 مارچ 2008ع تي پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي ٿي.



(اُستاد حُبدار علي)