پِرتيون بھارون پيار مان، اڄ يار گهر مھمان ٿيو،
گل ۽ غنچہ پن ۽ شاخون، هر هڳاءُ چؤگان ٿيو.
ساز سُرن ڪي سُر بِکيريا، سر جو سودو صاف سُود،
تارن تندن جي تان سان، ڪو جوش جولان ٿيو.
پاڳل جهوٽا ٿڌڙي هوا، گُلبدن کي ڪيئن ڇُهن،
هو تہ خادم خِلوت سندا، اڄ عجب احسان ٿيو.
گُلڙا ڪُڏن ٺاهي قطارون، قيد کان ڄڻ اڄ آزاد،
مُکڙيون مُرڪن شاخون نِمن ۽ درد جو درمان ٿيو.
جو ٿڪل ۽ هو ٿِڙيل، انسان پر حيوان جِيان،
جي ٿي ڀٽڪيو راھ تان، سو حيوان مان انسان ٿيو.
پيار جا ڏس سڀ طريقا، پاڪ جي ٿيا هت موجود،
دنيا جون ساريون سڀ لذتون، ڏاڍو لڄي ارمان ٿيو.
اي امن مانجهي ادا، مشڪل وئي آسان ٿي،
جو گهريم سڀ ڪُجهہ مليو ۽ عشق جو اعلان ٿيو.