پيار پنھنجو پرين آهي ڪڪر جي ڪڻي،
جنھن ڪڻي مان، خُدا جي هي دُنيا بڻي.
ڪڻي ٿي ڪڻي ٿي تہ درياھ ٿئي ٿو،
سُڪل خوشڪ ڌرتي تي رکيل ٻِج ٽڙي ٿو،
چارئي طرف ساوڪ، ڀنئورن جي ڀُڻي
اِهي سمنڊ درياھ ڪڻي ريءَ ڪڙا،
ڪڻي جا هي ٻچڙا ڪڻي منجهہ پليا،
ڪڻي جي تون قيمت سگهين نا سُڻي.
ڦُڙهي هڪ مان ساغر جي ڇُلڪي ٿي ڇولي،
ڇولي مان ڪڪر ڪيئن ڀري اُڀ جي جهولي،
وري وس وسي پئي، مٿان ڀُونءِ گهڻي.
تنھنجو جيءُ جِياپو ڪڻي ريءَ ڪونھي،
بِنا آب مانجهي جيئڻ جيءَ ڪونھي،
صنم ري ائين بس ماريو ڏُک هڻي.