شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

مارين تون مران مان، مُناسب لڳي ٿو،

مارين تون مران مان، مُناسب لڳي ٿو،
روڪين تون رهان مان، مُناسب لڳي ٿو.
تون مارين، منھنجو روح مري ڪونہ سگهندو،
تون روڪين، هي تصور مُڙي ڪونہ سگهندو،
ڪُهين تون ڪُسان مان، مُناسب لڳي ٿو.
ڪُٺل کي ڪُهڻ سان هٿ ڪونہ ٺرندئي،
مُئي تي لتڙ سان، ڪجهہ ڪونہ ورندئي،
چورين تون، چُران مان، مُناسب لڳي ٿو.
چورين ٿو زخم تون، ڪچا هَن اڳي ئي،
جهلڻ تيغ تيغن ۾، سِکيا هن اڳي ئي،
چوين تون، مڃان مان، مُناسب لڳي ٿو.
چوين تون ڇڏي ڏي، ٻيا در ڌنڌولج،
اسان جي حُسن جو هي پردو نہ کولج،
کلين تون، کلان مان مُناسب لڳي ٿو.