اچڻ جو اوهان ڏي بنايم بھانو،
سڀئي خيال سوچي رِڙهي ٿيس روانو.
مون مُسافر جو ٿر سان، اچي سانگ ٿيو آ،
رِڻ ۾ اڪيلو، ڏري ڏيل ويو آ،
ساڻا دل جا ڌڙڪا، ڏورڻ ڏيھ پيو آ،
۽ وري هن وڇوڙي سفا سر نِيو آ،
نہ هڻي ڌڪ ماري، ڌنڌولج ديوانو،
وري واٽ ڪُٻ سُٻ وِنگا ور عجب جا،
سُتا سور جاڳيا ۽ گُوندر غضب جا،
ڪيان عرض آزيون ٻڌي هٿ ادب جا،
نہ پُڇو نام نالا نماڻي نسب جا،
ڪيو رحم مون تي، تتل ٿيان توانو.
نہ پُڇ يار مون کان، ڏکيو ڪيئن گُذاريم،
پُڇي پار تنھنجو، تنھنجي در تي آيم،
راتيون روھ ڪاريون نہ وصيعت وساريم،
ڏنئو جا امانت، اوهان کي پُڄايم،
ڏِسو دل ويچاري جو، حُسن ٿيو بيگانو.
پڇو ٿا تہ رهندئو يا واپس وڃڻ آ،
چوان ٿو اِتي مان ۽ اِتي ئي رهڻ آ،
ڪيو جلد بازي زهر ٿيو جيئڻ آ،
رهايو امن کي منھنجو سڀ ٿيڻ آ،
ٿيڻ ڏي ٿئي دُشمن جو زمانو.