اهي ناز تنھنجا پنھنجي سر تي مان سھندو رهندس،
ڳالھيون دل جون دل ۾، ٻئي کي نہ مان چوندو رهندس
تنھنجي شوخ ادا ۽ جفا، تنھنجي ڪڙڪ جُواني جدا،
کڻين ناز ڀري جي نظر، پلپل ۾ مان ڪُسندو رهندس.
جيئن تون ٿو ڌنڌولا ڌڪا ڏيئين، هر موڙ تي ڏاڍ ڏيکارين،
پنھنجي مرڻ کان پوءِ بہ مٺا، پنھنجي قبر ۾ ڏڪندو رهندس.
گڏ غير سان تون ٿو گهمين، رڳو مون کان ڪنارا ڪرين،
مون سان ساٿ نہ ڏي تون ڀلي، تولاءِ غزل تہ لکندو رهندس.
چانگ مانجهي امن جاني، جڏهن توکان الڳ ٿيندو،
ڏسان ڪير ٿو توسان گهمي، هر غير کان پڇندو رهندس.