شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

ان نہ کاءَ عشق ڪر تہ خبر پوئي،

ان نہ کاءَ عشق ڪر تہ خبر پوئي،
بکيو رھ سدا عشق ڪر تہ خبر پوئي،
اهي ڍو جون ٽاڏون آهن ادا مانجهي امن،
پنھنجو سِر کپاءَ عشق ڪر تہ خبر پوئي.

منھنجو ڪجهہ نہ وڃي ڪهڙو ڀئو، ٻيلي پاڻ ۾ ڄاڻو،
وڙهو ٺهو وڃي کڏ ۾ پئو، ٻيلي پاڻ ۾ ڄاڻو،
مون تہ ادا ڪنھن جو ڪجهہ نہ وڃايو، غريب آهيان،
جو ڪُجهہ ٿيو يا نہ ٿيو، ٻيلي پاڻ ۾ ڄاڻو.

ڏاڙهي پٽائي دنگ ڪيوسون،
توکي پَڏائي، دنگ ڪيوسون،
هاڻي دم ويو حسرت ڪانھي،
عمر وڃائي، دنگ ڪيوسون.


دل ٿي وڍجي دورا ٿا پون، ڇا ڪجي؟
واتئون رت ٿو وري، مچ ٿا ٻرن، ڇا ڪجي؟
تون غير جي ڳِٽي تي ٿو هٿ لائين امن،
الا! هانءُ تي ڪَرٽ ٿا وهن، ڇا ڪجي؟

ڀُڳڙن جي مُٺ تي دل ڏئي ڇڏيم،
پاڻ کي پاڻهي گِهل ڏئي ڇڏيم،
هڪ بي وفا جي خاطر عُمر وئي امن،
چري دل کي رهندو ڍِل ڏئي ڇڏيم.

مون کي ڏِسي شرمائين ڇو ٿي؟
ايڏو مون کان لھرائين ڇو ٿي؟
دل ٻَڌ پوپري، حقيقت ڪر تون،
پيار کڻي ڏي، سھائين ڇو ٿي؟

مون کي ڏِسي اڄ ڪَر ڀَڳي ٿئي،
پڪ ٿي مون سان دل لڳي ٿئي،
ظاهر جلدي ڪانہ مڃيندين تون،
امن مانجهي ڏاڍي مور مڳي ٿئي.

ڇوڪري مون کان ڇِرڪين ڇو ٿي؟
پير سُڪي سان تِرڪين ڇو ٿي؟
دل اٿئي مون سان ڳالھ کڻي ڪر،
مون کي ڏِسي من مُرڪين ڇو ٿي؟

اهڙي پڪي آهين جو ڦِڪي نہ ٿي لڳين،
هاڻي جُوان آهين، ڪِڪي نہ ٿي لڳين،
دل ڏي دل وٺ جواني ملھاءَ امن،
پيار ٿي ويندو پنھنجو، قول جي ڪچي نہ ٿي لڳين.

سھڻن سان نہ مان ٺھي س نہ هو ٺھي ا،
جنگ کان نہ مان رهيس نہ هو رهيا،
مون ۾ بہ نسل هو، هو بہ ٻج وارا ها امن،
نہ مان ٺريس هنن کان، نہ هو مون کان ٺريا.