شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

عشق مجاز جا بيت

نوٽ؛ هيٺ بيان ڪيل بيتن اندرڪٿي عشق مجاز نظر اچي ٿو تہ ڪٿي وري محبوب جي حُسن جي جهلڪ نظر اچي ٿي، ڪٿي فِراق جو درد پَسڻو پوي ٿو تہ ڪٿي محبوب جي ذڪر سان گڏ پنھنجي اصلي خالق جو بہ ذڪر اچي ٿو تہ ڪٿي اِنسان جي غفلت ۽ اُبتا سندا ڪم بہ ذڪر هيٺ اچيو وڃن.
شاعر هر منظر اندر درد جي پيڙاءُ هيٺ رهي ٿو، وفا جي اکر ڪارڻ لُڇي ۽ تڙپي ٿو پر موٽ ۾ اُن کي ان منزل تي پھچڻ تائين جيڪي صدما، تڪليفون ملن ٿيون، هو اُنھن کي پنھنجي منزل جو ڏاڪو سمجهندي اڳتي وڌي ٿو. زندگي جي هر ساھ ۾، زندگي جي هر قدم تي ۽ هر موڙ تي هو پنھنجي طلب کان نہ ٿو هٽي، نہ هن کان ماضي ٿي وِسري، نہ هن کان درد جا اهي تُحفا ٿا وِسرن، نہ جفا کي وساري سگهيو آهي. پر نہ هن کي اُهو ڪٿان پيار ملي سگهيو، نہ هن کي نوڪري ملي سگهي، وڏيرن جي درن تان واپسيءَ وقت درد ان کي ٽوڙي ٿو وِجهي، ان باوجود بہ هُو جيئڻ جو مزو ٿو محسوس ڪري. شاعر بيتن جي اندر ان سڄي ڪيفيت کي ڪيئن بيان ڪيو آهي، پڙهڻ کان بعد درد کي سمجهڻ وارا اُن جي اُن لوڇ ۽ تڙپ کي محسوس ڪري سگهن ٿا.

(مرتب)

يار پرين پيو ياد ڪجان، هي وقت مزي جو آهي،
قدر پرين تو ڪونہ ڪيو، اڄ ٿو هرڪو توکي چاهي،
جابر پرين آ جواني تنھنجي، ڪير سينو توسان ساهي،
امن چوئي تڏهن تون چئجان، جڏهن جُواني وڃئي ڇڏائي.

گُذريو زمانو ڇڏ کڻي، ماضي ڇا تون ياد ڪندين؟
پراڻيون ڳالھيون دل ۾ پچائي، دل پنھنجي برباد ڪندين،
پُورن پچائڻ مان ورندو ڪينَ، غمِ الم ڪُل افراد ڪندين،
امن گُذريو زمانو وسار کڻي، ڇا حاصل هَڙ مُراد ڪندين؟

ظاهر ۾ کل خوشي، ليڪن اندر ۾ ڪپيل آهيان،
فٽيل آهيان، ٽُٽل آهيان،زخمن جو تتل آهيان،
آهيان تہ اِهو سادو، مگر سنگت ۾ نہ کُٽل آهيان،
امن وفا جو ڪم ۽ وفا جو دم، نہ پرتل آهيان نہ رُٺل آهيان.

جَي خوش آهيون تہ کل خوشي، جَي پيمار آهيون تہ بس،
سُک ۾ سڄڻ ٿا ساٿ ڏين، ڏُک ۾ ڏوران ڏين ڏس،
تہ امن اهو گسُ،وٺي راھ رِڙھ هتان.

ظاهر ۾ جُدا آهيون، اندر ۾ گڏ آهيون، سمجهڻ ۾ هڪ سڏ آهيون،
پري آهيان تہ نَيڙي سمجه، اسان ماس تنھنجي جا هڏ آهيون،
پيار ڪندي گِلا هلي تہ ڀئو ڪِهڙو، نہ غير آهيون نہ ڏڏ آهيون،
امن پيار عشق ۾ عليل آهيون، چريا اسان بہ حد آهيون.

ڪامورا ڪوڙ ڪسوٽي جي ڄاڻن وڏي ڄاڻ،
حِلال پگهار ۾ حرام گڏايو، رکن ڪينَ سُڃاڻ،
رُشوت وٺي ناحق ڪن، مزو وٺن مِٺاڻ،
امن اهڙن ماڻهن هاڻ، ڏيکاءَ ڪيا هن ڏيھ ۾.

نہ کپي قاروني خزانو، نہ سڀ سُڃائي ٺاٺ،
شل خير ڪرم جو روز ملي، سُٺا سنۡوڻَ ۽ ساٺ،
امن رب جي ذات، شل ڪرم ڪري قُرب جو.

سُڌ خبر توکي نہ پئي، جا سُورن ڪئي مون ساڻ،
تون خوش رهين گهر پنھنجي، توڏي منھنجي تاڻو تاڻ،
امن ڪنھن جي ڪاڻ، ڇا مري ملھايون پاڻ کي.

افسوس سنگدل مون سان رهائين نہ ٿو،
حال دل جو دلبر صنم سڄو ٻُڌائين نہ ٿو،
دل سان دل کي اي جان، من موران ملائين نہ ٿو،
سچ ٻُڌا ڪيم جَي قصور، واتان ورندي ورائين نہ ٿو.

دلبر چيو ماٺ ڪر هي قِصو ٻُڌڻ کان آهي اڳڀرو،
نہ منزل ڪانہ راھ روان، تنھنجي سمجه کان اُتڀرو،
هجي ڪو عقل جو اڪابر اهل دل، هوش مند ۽ جسکرو،
هي ڄاڻ ڄاڻي عالي ظرف، هجي عقل ذهن جو تکڀرو.

ڌيم دل جا ڌڻي جنگجوء چشم سامھون کڻي تنڪ ظرفي ڪينَ ڪر،
نشيب وَ فراز بقدر ڄاڻان نہ ٿو، اِها يڪ طرفي ڪينَ ڪر،
چمن جي مٿان بادصبا جيئن، اُها بي ترسي ڪينَ ڪر،
قفس غارت ۾ ڍڪي، عروس گُلنار پرستي ڪينَ ڪر.

منھنجي چوڻ تي اي ماهرو ۽ دلجبينۡ، تِنڪ حرف سان تيئن چيو،
جيئن ڪاري گهٽا آڪاش تي هر پهلو مٿي ڇاپو هنيو،
تقدير وَ تدبير کي، چشمِ گرم سان نوچي نِيو،
چوٽ لڳي دو نيم ڪليجي ڪم الائي ڪهڙو ٿيو.

مون چيو منھنجا پرين ڳالھ کولي ڪُجهہ ٻُڌا،
سِر راھ ايندو جميع خط، ٻول ٻولي ڪُجهہ ٻُڌا،
ماهِرُو مُشقِ سُخن، ڪنھن اوٽ اولي ڪجهہ ٻُڌا،
ظرف تماشو ڇڏ مِٺا، لب لال چولي ڪُجهہ ٻُڌا.

ٻيرن جهليا ٻُور ۽ سرنھن جهليا گُل،
بادصبا جون برساتون پيون، من ڀائَي هي مھل،
امن ڪيئي ڪانہ ڪھل، وڃي موٽڻ جي ڪانہ ڪيئي.

پلڙا ڏسو ٻٻرن ۾، ٿي پڪا ڪِرڙ ڪري،
هي مُند ساريو سانگين کي، رُويو رُوح رڙي،
امن ويا ڪنھن قُرب ڪڙي، ڪنھن ٻاتي مِٺڙي ٻول سان.

ڪنھن ٻاتي مِٺڙي ٻول سان، چهڪ ڏِنائون چِير،
جيئن ڇِڪيل اچي چُوھ مان، ڪان وٺندو ڪير،
اچي ڌڪ لڳو دل مٿان، تنئون نہ نڪري تير،
امن چانگ اَسِير، آهيون تُنھنجي عشق جا.

ڪنھن ٻاتي مِٺڙي ٻول سان، ٻَکينۡ ويس ٻَجهي،
تنھنجا پيار مون سان ڏسي، ٿيا عاشق لک لڄي،
تہ هن گُنہ گار هن گندڙي سان، ڪيئن چاهت چس لڳي،
هي چسي اهڙي رُوح رسي، ٻيا رايا سڀ رهجي ويا.

ٿي جوان منھنجا جانب، نہ مون کي مِٺا وسارج،
نعتا پُراڻا پنھنجا، واپس سھڻا سنڀارج،
ٻين سان هڻين ٻٽاڪونۡ، جانب نہ جيءُ ڳارج،
هِن هُن سان هٿ ملائڻ، ڊاڙا ٺڪا نہ مارج،
عُمر امن اسان جي، خالي ائين نہ کارج.

چيم لالچ ڪھڙي ڪم جي، نڪو مان وڻج واپاري،
نڪو تون ٿو مون کي گهرجين، نڪا يارل تنھنجي ياري،
پر ڦاٿل دل جي دوا ڪهڙي، هي چري آ دل ويچاري،
ڏسيان ٿو توکي حشر ڪهڙو، ڪھڙي آ عشق آزاري،
امن کي اي خودغرض کپي نہ هاڻ ڪا دلداري،
پُورن ۾ پچي پڪا ٿياسون، ڪيون ٿا دنيا جي ڪم ڪاري.

کل ڀوڳ ڀلا ڪو چرچو وقتينۡ ڪندين تہ ڇا آهي؟
هردم تاڙو تاڙي ۾، مون سان ڏيندين تہ ڇا آهي؟
دل ٿي زخم سھي سڀ ٻيا ويتر ڏيندين تہ ڇا آهي؟
امن کي پنھنجو سمجهي اڱڻ ايندين تہ ڇا اهي؟

چيو سھڻي آهيان سھڻو، اُٿيو آ پيار جو جذبو،
مون کي بہ دل آهي، دل ۾ جاڳيو آ يار جو جذبو،
دُنيا ۾ هِت هر ڪنھن کي ڪنھن نہ ڪنھن وهنوار جو جذبو،
امن مون سان ڏيکاريو اڄ پرين اقرار جو جذبو.

چيائين ڪبو بس ڪين ٻيو ماڻھو، نڪو توکي ڇڏي ڏيندس،
چئو حاضر اکڙين سان، قُرب توکي ونڊي ڏيندس،
چُمي ڀاڪر جَي چوندين، برحق توکي سڏي ڏيندس،
مکڻ ماکي ۽ مِصري ڪُل مِلائي طعام گڏي ڏيندس،
هيرا لال زمرد عميق، خزانا سڀ لڏي ڏيندس،
امن وچن ٻُڌ، سِر سھائي اَڏي آيو تہ اڏي ڏيندس.

مڃين تہ مراد تنھنجي نہ مڃين تہ نِيت،
ڪونہ وڃائبي ڪڏهن لکن جي پِريت،
جانب آهي جِيت، اِهائي چانگ امن چوي.

مڃين تہ مڃ، تانۡ مون مڃوتي مڃي،
دل منھنجي درد کان، ڀورا ڪيؤ ڀڃي،
تو جا رس سان رڱي، سي چِٽ نہ لهن چاھ جا.

چٍٽ نہ لهن چاھ جا، جَي چارئي پاسا چوڌار،
دردن دل ديواني ڪئي، اٿم کيپ ۽ خُمار،
امن چانگ عجيب جا، نشا ٿيا نِروار،
نہ آهي خبرچار تہ ڦاٿاسون ڪيئن فيراق ۾.

ڦاٿاسون فيراق ۾، دردن دل دمي،
کلي ٿو خوشي مان، ڪم ذات ڪوري ڪمي،
امن چانگ عجيب لاءِ، آيس سمورا گهر گهمي،
رضا مون مڃي، تہ ڏاڍا اهن ڏانءُ ۾.

هُو ڏاڍا ڏانءُ ۾، عجب اٿن عقل،
مڃتا اٿن عقل ۾، اٿن ملڪيت ماڻھو ڪُل،
تن کي ڪھڙي ڪھل، امن جي آزار جي.

امن چانگ چوي ڳول، جي ڳلي لڳي ملن ڳل سان،
جي اچن اڌ رات جو، قُرب منجهاران قول،
جي ماڻھو ڪن مخول، سي عام اٿئي هت آدمي.

پنھنجا اٿم دُشمن نہ تہ پراوا پري ٿيا،
پراوا هڪ پل نہ بيھن، جي پنھنجا نہ پِيهٽ ڪن،
پنھنجا قاتل مفاد ۾، سَي ٻئي تي ڪيئن پون،
اهڙا اوڏا امن چوي اڃي پون ٻَنَ،
نہ غيرت ڪا اٿن، نڪي سوڀ اٿن سچ جي.

جي پنھنجا ڪن همت، تہ اوپرا اچن نہ اوري،
هي مُٺا پنھنجي مطلب ۾، مُوڙها رکن نہ مت،
اڄ نہ سُڀان امن چئي، ٿيندو دُشمن بي درخت،
ڪپي ڪندن قحط، مرندا سڀ منحوس ٿي!

جيئن هڏي مٿي هجوم ۽ ڪتو وڙهي ڪُتي سان،
تيئن انڌي اک انڌا ٿيا نہ ڏيئو نہ سج نہ موم،
ڪِني آهي قوم، جا پنھنجا مارائي پنھنجن کان!

مفاد ۽ مطلب، وڃائي شرم سوڌو ڪري،
هِري پيا منحوس ٿي، نہ رکن مٿي رب،
پنھنجن کان پاسيرا ۽ ڪوٺي ڏين نہ قرب،
امن تن جو ادب، ڪينَ ڪجي ڪڏهين!

پنھنجن کان پري ۽ ٻئي تي ٻاجهون ٻاجه جون،
مطلب ۽ مفاد پنھنجي ۾، شل نہ ڪو کر کري،
ماني لاءِ مُشتاق ٿي، هو ڌيان نڪو ڌري،
عزت ۽ عقل کي ۽ غيرت پنھنجي گُم ڪري،
امن اهڙو ڀل مري، جئيرو نہ گهمي جهان ۾.

ڪجي هر ڪنھن سان چڱائي پر حد اندر ڪجي،
اِهڙو مِٺو نہ ماکي ٿجي، نہ اهڙو ڪڙو ڪسر ڪجي،
پر پاڻ کي رکجي وچ ۾، نہ زبان کي زهر ڪجي،
نہ ظُلم سهجي مُڙس ٿي نہ ٻئي تي قھر ڪجي،
چانگ امن تڏي تي مھمان کي آجيان هر هر ڪجي!

نظر رکجي مال ۽ اولاد ۽ دُشمن سندي داءُ تي،
نہ سُڻِي ڳالھ تي نہ بھتان تي، نہ اعتبار ڪجي واءُ تي،
امن نہ روئجي نہ رڙجي دُشمن سندي گهاءُ تي،
مرجي يا مارجي پر گار نہ ڏجي ڪڏهين ماءُ تي!

پنھنجا هڻن پنھنجن کي، ڌُوڻي ڌُوڻي ڌڪ،
ڪُڌا ڪم ڪنڃرن جا، ڪُتا جن مان ڪڪ،
امن اهڙا انڌا احمق، ڄمندا مرن ڄر ۾.

اسان کي آزار عشق جو، تون ٿو ڏسين ڪم ڪاروبار،
چِت چاهت خيال سمورو، اُتي جتي آ يار،
ٻي ڳالھ ٻُڌڻ سُڻڻ ۾ اچي ڪونہ قرار،
اکيون بہ نہ ارين اوڏهين، رهن خوب خبردار،
ڪهڙا امن حال ڪيان، ساجن جي اٿم سار.

مون کي آزار عشق جو، هيڏان حاڪم جو هچو،
سارو ڏينھن سِڪ ۾ سڙان، قرب نہ رهيو ڪچو،
حاڪم جو حڪم سِر مٿان، آهي تہ ڏُکن جو ڏچو،
امن ساٿي هجي تہ هلي مل هيڪر، سمجهان توکي سچو.

توبھ رب جي در، عشق لڳئي تہ سُڌ هجئي،
هڏا سَنۡڌ سَنۡڌ سور ڪنئي، خبر پوئي جڏهن خيال مُنجهئي،
مرين دم ڏئي درد دلبر جي تڏهن بہ روح نہ رهئي،
هن باھ ۾ امن ويتر باھ ڏجئي، ڀلي ڌرم دنيا تانۡ روح کڄئي.

ڪھڙي طرح دلبر چوان تہ ڪيڏو مجبور آهيان،
چاهي درد چاهت جو ملي، مِٺا مُحب مشڪور آهيان،
عشق جا زخم ٿا عليل ڪن، مست مَئَي پيتل ڄڻ مخمور آهيان.

اچو تہ خزان بھار بڻايون،
ننڍڙا پنھنجا ٻار پڙهايون،
پيار کي اصل ۾ پيار بڻايون،
پيار جو ڪو ڪاروبار بڻايون.

ڪو مُسافر هو پيار جو، ويو تہ نہ آيو وري،
پکڙي ٻوليندو هو باغ ۾، هُيس دل درد ڀري،
پرديسي هو پري جو، هُن جي شايد وئي سري،
ڪو خُواب هو مانجهي امن، اکين اڳيان آيو تري.

حميد* آيو لاڙ کان، مولا ملايو،
سادو سٻاجهو سِڪ ڀريو، دل کي ڏاڍو ڀايو،
سچو سدائين ٻاجه وارو، جنھن خوش ٿي کلايو،
شاعر ڳائڻو خوش مزاج جنھن سان روح اسان رَلايو،
ساٿ ڏبو حميد سان، سنگت رکبي ڪري سايو،
اهڙو دلبر خُدا ڏياريو، امن جو چڱو ڏسجي چارئي پهر.

آزادي آزادي آهي عزيز آزادي،
بِن آزادي پل نہ سرجي، آزادي سان آبادي،
آبادي سان ميلا رنگ، امن آزادي جا آهيون اتحادي.

ڏينھن بہ ساڳيو، رات بہ ساڳي، موسم جا حالات ٿا مٽجن،
ساھ بہ ساڳيو، جسم بہ ساڳيو، عمر عمر سان خيالات ٿا مٽجن.
اکڙين کي روڪ عجيب تون، سر ساھ جيدان ٿو گهرجي،
زندگي وڃي تہ وڃڻ ڏي، نيڻن کي تہ نِشان ٿو گهرجي،
دل ڦتڪي تڙپي ڌڙڪي ٿي، تنھنجو هڪ اِحسان ٿو گهرجي،
قرب جي ڪُٺي دل کي، مُحبت جو مِٺو مان ٿو گهرجي.

کڻي نيڻ نشيلا، نِرمل مٺا مون کي ماري نہ وجهين،
پنبڻين ڇِنڀڻ سان قھري ڪان ٿا ڪھن زندگي کاري نہ وجهين،
هي عقاب شهباز ماس دل جو گهرن، سامان موت جو سنواري نہ وجهين
مان غريب بيڪس بي پرو، بي گُناھ امن غريب جو گهر ٻاري نہ وجهين.

حُسن تي آهيان عاشق، ڀلي سر عام ٻُڌن ماڻھو،
حُسن وارن سان گڏيو گُهمندس، ڀلي هر هر ڏسن ماڻھو،
ڪي کلندا خوش ٿيندا، ڪي سيني ۾ سڙن ماڻھو،
امن موڪل آ هر ڪنھن کي، ڀلي مون سان وڙهن ماڻھو.

کڻي قلم هٿ ۾ چيم لکان پر اڃا ڪُجهہ سِکان،
ڪجهہ دور زماني جا ڏٺم ۽ اڃا ڪجهہ ڏسان،
سِنڌ سونہ اري سدا آباد، تنھن ۾ سُونھن سدائين پسان،
شھر ٿر بر بحر سِنۡڌ جا، اکين تي رکان،
ڳوٺ ٻڌل اسان جو، جو چانگن جو چوان،
نالو ڳوٺ جو غلام محمد، جنھن ۾ مان بہ رهان،
هي بہ سنڌ جو ڳوٺ آ، جنھن ۾ قرب جا ٻنانۡ،
مھمان نوازي مُسافر لاءِ، ۽ هر ڪنھن لاءِ آجيان،
عزت وقار ۽ شان سان رهون روانۡ دوانۡ،
هر هڪ ماڻھو ڳوٺ جو، موتي آهي مرجانۡ،
اهڙن پيارن ماڻهن سان، رانۡول سدا راضي هجي.

رانول سدا راضي هجي، ماڻھو هجن خوشحال،
پڙهن ڪڙهن پِريت مان، لاکيڻا گُهمن لال،
پاڻ سِر سور سھي، ڀورن تي ڪن ڀال،
جوڌا جُوان اڻ ڪاڻيا، ننگي نِج ننگپال،
سادا عقل ۾ ڪين ڪي، نہ ڪوڙا ڄاڻن تال،
سُٺا هجن سيج تي ۽ بُرا ٿين بدحال،
جن جي اهڙي چلت چال، تن وٽ ڀلي رهي وڃ راتڙيون!