مون کي ياد پون پنھنجا ماروئڙا
جهانگي جهنگ ۾ رهن، جِيئَنَ جهانگيئڙا.
هُت مينھن وُٺا، ساوا گاھہ ڦٽا،
راتيون ٿر جون ٿڌيون، ڌينھن تہ ماکي مِٺا.
هلي هير ٿڌي، راحت روح سدا،
سانگي سانگ ڪندي، سُونھن سانگيئڙا.
مارو سادا سٻاجها ٿا رِڻ ۾ رهن،
ڏک سک ۾ سدا سرتيون ڪين ڇِڄن،
ونھنجي سونھن جواني تي ناز نہ ڪن،
هو پيار محبت جا پانڌيئڙا.
ڏسو رات جو ڪڪرن ڪاراڻ ڪئي،
کِنوڻيون ڪيئن ٿيون کِنون، وڄڙين ڪر ڪيئن کنئي،
ڦڙڦڙ پٽ تي پوي، خوشبو وس جي ڪري،
اهڙي جُهڙ ڦُڙ ۾ ماندا بانديئڙا.
وُٺي ڀِٽ تي، مارن جا مال چرن،
جن جا تڙ ۽ تلاءُ، وانڍيون وسنديون وسن،
آئي ويل تہ سِر جو سودو بہ ڪن،
سدا ست ۾ سگها اِمن جانيئڙا.