شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

شاعر جي همعصر اُستاد سُلطان علي چانگ (گدا) جا خيال

اڄ آءُ اُن شخصيت مُتعلق ٻہ لفظ لکڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو جيڪي ڪنھن تعارف جا محتاج ڪونہ هئا فقير صفت ماڻھو کلڻا مِلڻا سدائين ٻين کي خوش ڪندڙ ڪمال درجي جا سخي مرد مانجهي اِمن ٻالڪپڻ کان وٺي مون سان گڏ راند روند ڪندڙ ۽ ٻالڪپڻ کان وٺي جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پِڙهندا هئاسين اُن وقت کان وٺي شاعري لکڻ جو شوق هو ۽ لکندا رهندا هئاسين. اُن وقت نہ قافيہ نہ رديف جي ڪا ڄاڻ هئي پر اندر جو آواز هڪ ٻئي کي ٻُڌائيندا هئاسين.
جڏهن تہ عملي طرح ڪنھن کان اصلاح وٺڻ کان سواءِ 1982ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي سون. اڄ هو اسان وٽ نہ آهي پر اُن جون يادون اسان وٽ رهجي ويون آهن. جڏهن بہ مان اُن سان مِلڻ ايندو هيس تہ سندس جي هٿ ۾ يڪتارو هوندو هيو ۽ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڳائيندا آلاپ ڪندا رهندا هئا. اوطاق ۾ هيٺ نُک وڇايل هوندي هئي اُن تي ويھي ڪمال جو سُر پيا آلاپيندا هئا؛
اي رمتا ! تون تند تار وڄاءَ ڪا تان لڳاءَ ڪو تن تڳي،
توکي سِر گهرجي هي سِر حاضر مون کي سُر گهرجي ڪا سوز ارپ.
هُن جي خوبي اِها هئي جو پنھنجي جسم تي پاتل ڪپڙا لاهي ٻين کي پارائيندا هئا، پاڻ چادر (لوئي) ويڙهي گهر اچي پھچندا هئا. ٻي عظيم خوبي هوندي هين جو ڳوٺ وارن کي پڙهائڻ لاءِ پاڻ هڙئون وڙئون جتن ڪندا هئا. چوندا هئا تہ دنيا چنڊ تي پھتي آهي اڃان اسان اتي ئي آهيون. ڪچھري هلندي بہ هُن جو قلم پيو هلندو هو نظم هُجي يا نثر ٻِنھي ڪمن ۾ ڪو بہ ناگو نہ پوندو هو.
راڳ جا پارکو ۽ ڪلاسيڪل راڳ ٻُڌڻ جا وڏا شوقين هوندا هئا. ڪڏهن ڪنھن سان مذاق ڪندي کِل ڀوڳ بہ ڪري وٺندا هئا پر وري آُن ماڻھو کان وڃي معافي وٺندا هئا. ڪچھري جو ڪوڏيو، رات جو گهڻو وقت جاڳڻ، ۽ صبح جو وري سائيڪل ڪاهي فيض گنج پبلڪ اسڪول پڪا چانگ وڃڻ سندن جو معمول هوندو هو.
بحرحال هي هڪ عظيم انقلابي انسان، شعور پيدا ڪندڙ، ٻين لاءِ جئيڻ جو سبق ڏيندڙ بھترين انسان، صوفي عزم رکندڙ انسان اڄ اسان وٽ تہ نہ آهن پر اُن جي ڇڏيل مقصد کي اڳتي کڻي ايندڙ نوجوان هاءِ اسڪول پڪا چانگ جو هڪ بھترين اُستاد، اُستاد حُبدار علي چانگ (حُبن) اُن جي ڇڏيل پيغام کي سھيڙي ترتيب ڏئي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙن لاءِ ساڃاھہ ۽ سوجهري جو ڪم ڪيو آهي.
اُستاد حُبدار کي جس آهي جنھن هيڏي محنت ڪري، وڃايل ورق سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ آڻي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ گُم ٿيل ايڏي وڏي انسان کي وري زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ڇو تہ هُن جي ڇڏيل مواد کي ماڻهن تائين پھچائڻ جو سهرو اُن اُستاد حُبدار مٿان وڃي ٿو جنھن رات ڏينھن محنت ڪري مانجهي جو مواد ڳولي هٿ ڪيو جيڪو دفن ٿي چُڪو هو.
اُستاد حُبدار کي ايڏي وڏي محنت ڪرڻ تي کيس مبارڪباد ڏيان ٿو جو هُن هڪ تاريخي ڪم ڪري اسان جي ڳوٺ علائقي کي صدين تائين روشن ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي بھتر ڪاوش تي اُستاد اِمن مانجهي جو پيارو شاگرد هزارين جس لھڻين. مون کي اڃا اُن ۾ اُميد آهي تہ جيڪو بہ مانجهي صاحب جو مواد نثري توڙي نظمي باقي رهيل آهي، اُن کي ڳولي تحقيق ڪري اُن کي سھيڙي ڪتابي شِڪل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو. منھنجي دُعا آهي اهڙي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڪثر ڪونہ ڇڏيندو.

(گدا) سُلطان علي چانگ
27-05-2021