شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

رُوح حق ۽ ســچ جا بيت

نوٽ؛ هيءَ جنگ آهي پاڪ رُوح ۽ نفس نادان جي، دُنيا جو مزو بہ سوادي ۽ مٺو آهي.
نفس ڇِڪيندو مزي ۽ سُک ڏي، پر رُوح حق ۽ ســچ جـي واٽ سيـکاريـندو. هـن وڏي عـظـيـم جنگ ۾ صُوفي، انسان سان مُحبت ڪرڻ جي اجازت تہ ڏني آهي مگر سچي، صوفي پنھنجي سِير ۾ پاڪيزه چُمي تائين عشق جي حُدود رکي آهي. (شاعر)

دوست دل جا دادلا، اڄ خبر ٻُڌ خَرِي،
تہ رب پنھنجي حڪمت سان، دُنيا ڪيئن ڌري،
ڪيئن آڪاش، شمس و قمر ڏين ٻري،
ڏينھن رات هڪ ٻئي پُٺي اٿن ڀر ڀري،
هي سمنڊ پهاڙ، ڀر ڀِٽون، سي ڪن زينت ۽ زري،
ٻارڻ اِن ۾ ڪُهڙ جيان، ويو اٿم ساھ سڙي،
هي ڳالھ وس تُنھنجي ۾، ڪجهہ سُفارش ڪر تہ سھي،
هڪ حُور حُسن جَي هٿ تنھنجي، هُن ڪات سان ڇڏيو ڪُهي.
توسان گڏ توسان هلي ۽ توسان هَلِي چَلِي،
اِمُونۡ چئي رُئان ٿو آءُ رِڻن ۾ رُلِي،
ويندس تار مان تري، جَي مھر ڪندين مون مسڪين تي.

هُو ڳالھ ٻُڌي ڳهرجي ويو، ڪاوڙ سئو سئو ڪري،
چئي تو جهڙو نہ ڄمي، جَي ڄمي تہ ڄمندي مري،
اهڙي ڪوڙ ڪسوٽي ۾، دل ڪيئن مُنھنجي ٺري،
ٽر هِتان پاسي ٿيءُ، جو پئي ٿي باھ ٻري،
ماري مُنڍي ٽنگي ڇڏيائين، ساھ ٿو منھنجو سڙي،
اِهڙي ڳالھ منھنجي مُنہ ان، ڇو ڪيئي ڇا لاءِ ڀري،
بي عقل بڻايو اٿئي، پرو ڇڏ ٿي پري،
جَي وقت ڪو وري، تہ ماري مَڙھ موڪليندو ساءِ مُقام ۾.

چَي ادا ماري مَڙھ موڪل مُقام ڏي، توکي موڪل آ مٺا،
اسان تہ ڪنھن جي قُرب ۾ اڳي ئي آهيون ڪُٺا،
ان ريءَ نہ آرام اکين کي، کاڌا لڳن کٽا،
دانہ ون ڪيان ٿو درد مان، آهن ڦٽ فٽيا،
دارون ڪرڪو هن درد جو، چونۡڪ لڳا ٿم چِٽا،
ڀلي اُکڙيو ڳالھاءَ عجيب تون، پر ڪر تون ڪينَ جُدا،
تون ڪن ڏئي قياس ڪري حال تہ ٻُڌ ادا،
اڌ رات جو اوڇنگار ڏئي، ساھ سُڪائي ڪيم سدا،
تہ ڦٽ منھنجي جي ملم ڪر، شل خوش رکئي خُدا،
مُنھنجي واسطي ربُ وفا، واپرائي ڏِس وِير تون.

چَي نہ وِير آهيان نہ پِير آهيان، هي ڪهڙو ڏَسين ڪم،
ٻُڌي دل دهلجي وڃي، اچي غيرت سندو غم،
اُبتو ڪم عجب جهڙو، اِها ڄاڻان نہ رِيت رسم،
واھ جو تو سنگت ۾ ساٿ ڏنو، ڪڏهن تہ هُئاسون همدم،
اکيون وجهين گهر مُنھنجي ۾، تو شرافت وِڃائي شرم،
هينئر ماري جيڪر مات ڪري، دٻائي ڪڍيائين دم،
پر هِيڻي تُنھنجي حال تي، اچي ٿو رحم،
تہ دل جهلي داشت کان، تو وِڌا لک قسم،
هاڻي شل ڀلو ڪري ڀرم، تہ تون ڇِرڪ ڏئي ڇا ڪندين؟

چَي ادا ڇِرڪڻ جي ڳالھ ڇڏي ڏي، مان آهيان وڏو مجبور،
سامھون چئي سگهان نہ ٿو، جو سيني ۾ سئو سئو سُور،
تنھنجي گهر ۾، تنھنجي هٿ ۾، آهي حُسن سندي حُور،
جِنس اهڙي جڳ ۾ ناهي، مون کي نينھن ڪيو ناصُور،
هن جو هلڻ، گهمڻ، گهاءُ هڻڻ، ماري اهو مذڪور،
هن جهڙي هن جڳ ۾ ٻي مائي نہ آهي مُور،
پاڻ سھڻي وار سھڻا، چاهت ڪيو آ چُور،
هي جِنس تون نہ ٿو سُڃاڻين، ساڙيو آ اِنھيءَ سُور،
هڪ تہ سڀاءَ واري سُلڇڻي، ٿي عاشق ڏنگي ڏُور،
سنھي سھڻي صُورت جا گهايو وجهن ٿا گهور،
هٿ پير حُسن ۾ هلڪا ۽ نازڪ اکين ۾ نُور،
سو ماريو دِل کسيو وڃي، منھنجو ناهي قصور،
امن چوي پرينءَ جا پُور، سي پُراڻا ٿين ڪينَ ڪي.

چَي ادا وس کان ڳالھ ڳري اٿم، پُور پوئي تہ پل،
روڪ پنھنجي رُوح کي، اٿئي جا اُٿل،
دل ۾ دُونہ ان دُکاءُ دردن جا، پيو ڳڻتي انھيءَ ۾ ڳل،
ڪنھن سان ڳالھ سلڻ جي، اڄ آهي ڪانہ مھل،
مون تہ صبر ڪيو منھنجا ادا، ٻيو تہ ڪرئي ها قتل،
ماٺ ڪري وڃي گهر ويھ ڇڏي هنگامون هُل،
متان وجه وٺي ڪو ماري وڃئي ۽ بُلجي ڏيئين بُل،
قرب جا ڪات اندر پنھنجي ۾، پچاءَ وڃي پاڳل،
هي آهي امانت اسانجي، توکي ڪيئن ڪيان داخل،
تون ڪرين ٿو خُواري خلل، ڇو بُڇڙا ڪم تون بَدُون ڪرين!

ڇئي ادا بُڇڙا ڪم ڪهڙا ڪيم، مون کي ٿو مزاج ماري،
ڳري ۽ ڳر بہ لھي وئي، ڳڻتي پئي ٿي ڳاري،
مينھن هوا ۾ مُڙيو اچان، اوهان جي پرين اوتاري،
توکي پنھنجا سور سُڻايم، سِڪ جا سڀئي ساري،
تہ مريو ڳريو مريو وڃان، مات ڪيو آ مُونجهاري،
تنھنجي چوڻ سان من رحم پويس، من مُنہ ڙو مون ڏيکاري،
تنھنجو چوڻ ڪين موٽائي، هو لڳل آ تنھنجي لاري،
اڄ مان وري تنھنجي پيناري، اچي پيس امن چوي.

چئي ادا شابس هجئي پڳ مٽ سنگتي، ياري تو ملھائي،
مون تي ۽ تو پاڻ تي، خلق خُدا جي کلائي،
ڪيئن ڪجي قسم سان، توسان بحث ڪرڻ اجائي،
لڄ شرم شان ۽ شوڪت، تو لُوٺيا اهي لڄائي،
سھڻي ڏسي مڱ منھنجي، تو راھ چڱي نہ چائي،
بُرائي جي عيوض بدُون توسان، ڪيان هُوند چڱائي،
برابر مان بہ ڄاڻان، آهي رُوح پرور سڀائي،
پيءُ ماءُ بہ مڃن ٿا، جن جي ڄڻي آهي ڄائي،
پر اصول قُدرتي قانون سان، حق منھنجي ۾ آئي،
پر تون چوينس ڀرڄائي، جو مان ڀاءُ آهيان تو ڀاءُ جو.

چئي ادا ڀاءُ برابر آهين مون ڀاءُ جو، پر ٿا ير دونہ ان درد دُکن،
هي جنس سُڄاڻان صحيح نموني، سھڻا ٻيا بہ کوڙ گهمن،
هي حور آهي ڪنھن جنت جي، ٿا اُهڃاڻ اهڙا اچن،
ڏِسيو نيڻ ٺريو پون، پِيا تہ ڀُورل لاءِ ڀڄن،
سارو ڏينھن نظر کڻي، ڏيھ انھيءَ ڏِسن،
دل جو ڪم دل ڄاڻي، باقي چري ڇو چون،
سُور پُور پرين جا، ٿا پر مٿي پلجن،
ڏکن مون سان ڏاڍايون ڪيون نہ تہ سھندا بار تہ سهجن،
علاج ڪر امن چوئي، ساٿ نہ سڀ ڇِنجن،
هاڻي روئيندي نہ ڍاپن، اکيون حُسن جي ڍؤ لاءِ.

چئي ادا سچيون ڳالھيون سڀ سھڻيون، عزت ڏِس اسان جي تڏي جي،
ڀوتار شل ڀرم رکي، آبرو رهي هڪ ٻئي جي،
هڪ ڏينھن مرڻو آهي موت سان، پچر ڇڏ جهيڙي ۽ فڏي جي،
توکي خبر اسان جي ۽ اسان کي تُنھنجي لڏي جي،
هاڻي هوڏ ڇڏ هڏي جي، وڃي شوق پورا ڪر شھر ۾.

چئي ادا شوق پورا ڪيان شھر ۾، تُنھنجا ڏُکيا اِهي ڏس،
تون سياڻو واڻو سمجهي وڃ، ٻي مان ڪھڙي رس،
اهڙي جِنس الله سون، تون ڪٿي تہ وڃي پس،
هي جِنس امن چوي جو قلبئون لاهي ڪَسَ،
هِن جِنس کان اڳتي، بات ڪُلئي بس،
منھنجو ناهي ادا وس، ڪڏهن مُئو سُڻندين مون مِسڪين کي.

چئي ادا ڄاڻان ٿو سُڃاڻان، مرڻ ناهي معيار،
مري وڃ مُلڪ مَٽي تہ لھي هيءُ آزار،
تون سدا عاشق سدائين، خالص ڪرين خُوار،
مزاج بہ آهن مرد ماڻيندا، ڪن نہ خبرچار،
رڳو رڙن رُوحن ۾، تن کي تشنگي تار،
ڏسي حُسن ڪنھن حُور جو، اندر ڪن اچار،
ظاهر پنھنجي زبان تي، گُفت نہ ڪن گُفتار،
گهڙي گهڙي جنس جي ٻولي ٻيائي ڪرين ٻيھار،
کوڙ جِنسون خُدا ٺاهيون، حُسن جون هموار،
گهر ويھي ٿو ڳالھ ڪرين، ماءُ جي پيٽ ۾ يار،
گهم جهان خُدا جو، ڏِس حُسن جو هُٻڪار،
تون تہ ڏِسندي دم دمي وڃين، ڪُسي وڃين قنڌار،
برابر ڳالھ تنھنجي بہ سچي آ، سھڻي تہ آهي ڪُنوار،
پر منھنجي شيءِ مون کي ملي، تون بہ وڃي ڪا اهڙي ڌار،
اهڙا اسان آر، مڃينداسون نہ مُورهين.

چئي ادا سئو سئو دفعه سانگ تي، گهمان جهنگ جبل،
شھر واهڻ وستيون، قنڌار ۽ قابُل،
جاچي ڏٺم ڏيھ ڏوراهان، ڪشمور تائين ڪُل،
اهڙو حُسن هٿ نہ آيو، آخر تا اول،
توکي ملي حُور حُسن جي، پوئي نہ ڪائي ڪل،
توکي رحم ناهي رُوح ۾، ڪرين ڪينَ ڪھل،
اهڙي حُسن جي هنئڙي ۾، هاءِ اٿم هلچل،
ساريان پُڪاريان پيار مان، پِريت پرين جي پلپل،
تون مُنھنجي ڳالھ کان پُٺيرو نہ ٿي پاڳل،
مون کي سُور اچي سوڙهو ڪيو، جيئن ارڙو ٻڌي اجل،
هن منھنجي حياتي لاءِ خطرو آهي خلل،
مان مران ٿو مون سين، مستيون ڪرين بي عقل،
امن چوئي اصل، آهين اڙانگو اصل کان.

چَي ادا دانھن نہ ڪر، ڪُوڪ نہ ڪر، دانَھَ ٿي دلير،
مون وانگيان مِٺو اهڙو پيش پوندئي ڪير،
اِهو مان آهيان، توسان کِليو ڪيان خير،
هُو گهر خوش گهر ۾، تون مٿي وجهين مير،
اڃا مون وٽ آئي ناهي، تو اڳ ۾ ڪئي انڌير،
ڪھڙي خبر نصيب جي، فنا جو آهي ڦير،
متان شادي اڳ مري وڃي، ٿئي خاڪ مِٽي جو ڍير،
تون تہ ڀلي رو رڙيون ڪر، ذائقان نہ ٿيندئي زير،
مان بہ ماري پُوري پُورت ڪندو ساءِ، اوير يا سوير،
پوءِ ڀُوءِ مٿي ڪوئي ڀير، ڪندئي ڪينَ قسمت سين.

چَي ادا سِر جا ڀاڳ سِر سان پر سانگا ڇڏيم سڀ،
هڪ سگهي صحتمند، سُلڇڻي ۽ سونھن جا سڀ سبب،
سي ماريو ڳاريو مروٽيو وِجهن، هن تاءُ جو ناهي تَبَ،
اِهڙو حُسن امن چوي آهي اڄ اڻ لڀ،
اهڙن جو ادب، سانڍي رکجان ساھ ۾.

چئي ادا واھ جو ادب تو ڪيو، چوان ڇا هاڻ،
سچ پُڇين سچي ڪيان، آءُ عاشق آهيانس پاڻ،
مران ٿو مان مستيءَ ۾، شالا سُمھي سوَڙ ۾ ساڻ،
ڪَي چپ رکون چپن تي، ۽ اُرهن جي اَڇاڻ،
آهن ٻن مھينن کان پوءِ، شادي جا اُهڃاڻ،
اهڙي حُور حُسن واري، خُود ڏاڏَي ڏياري ڏاڻ،
سڳي سوٽ سُونھيم ٿي، آهي هيرن لالن جي کاڻ،.
جنھن جي ڪاڻ، انتظار اکين کي.

چئي ادا اهڙيون ڳالھيون اَنۡدوھ جون، داغ تي نہ هڻ ڌڪ،
مان اڳي ئي مران ٿو، سِر پنھنجي مان ڪَڪَ،
وري پاڻ اها ٿو هام ڀرين، چاهي اٿئي حَقاني حق،
چئين ٿو پاڻ ڏِسيو ٿو پاڻ مران، آهيانۡس خُود عاشق،
چاڪ دل جا چوري وِڌئي، ظلم ڪري ناحق،
اڃا معيارون مون تي رکين، انڌا تون احمق،
مري ويس مسڪين، مان سارو آهيان سُڪ،
هاڻي لوڪان ڪري لِڪ، حال توسان ڪيم هانءُ جا.

چئي ادا حال اِهو معلوم ٿيو، تون جاچي ڏس جهان،
منھنجو حق مون سان رهي، اِهو ماڻھپو آهي مان،
مان حق پنھنجي ۾ ٿو هٿ وِجهان، تون ناحق ڪرين نُقصان،
منھنجو سچو عِشق جو، تون نِپٽ آهين نادان،
مون کي مائٽن امانت اُماڻي، جيڪا منھنجي نام نشان،
سا تہ سُونھين منھنجي ساھ کي، تو ۾ شِر آهي شيطان،
تون بہ ٻاڏاءَ ڪنھن ولي کي، من ڪو دانھ ڏيئين دان،
هي تہ منھنجو وِرثو مون کي مليو، ڪيو ڪنھن عُمر لاءِ اِحسان،
سڱ ۾ سڱ عيوض ڏنم، کِلندي منھنجا خان،
مِڙئي ڀاڳ ۾ حُور هٿ آئي، دِلبنۡد دلجانَ،
سا تہ سِڪون لاهيندي منھنجي ساھ جون، وقت ڪيو آ پريشان،
تہ من ملئون جلدي ميلاپ ڪيون مستان،
هاڻ توکي خبر ڏبي ڪانہ ، جو تون ويري آهين منھنجي واٽ جو.

چئي ادا ويري نہ آهيان واٽ جو، توکي خبر ڀانئيان ناهي،
خبر اٿئي خُدا ڄاڻي، منھنجي من اندر ڇا آهي،
عشق مِزاجي ماڳهينۡ، ڳاھ ونگر ٿو ڳاهي،
رهندو خبرونۡ ڏيئين نينھن جون، وئين ڪُن اندر ڄڻ ڪاهي،
نڪو سُڌ سمنڊ جي، نہ سِير سينو ساهي،
ٻُڏان تران اِن بحر ۾، ڏس نہ ڏنو ڪنھن ڏاهي،
تہ بابا گهڙ نہ انھي گهيڙ ۾، ڪينَ وڃج ڪاهي،
هاڻي تہ مڇ مانگر ٿو ماري، صلاح ڏيو تہ سِر بچي.

چئي ادا صلاح ڏيندس توکي، جَي وٺين رُوحاني راھ،
پلي وڃ پنھنجي تون، بِرھ واري باھ،
هن اوٿاھ عشق جي، ٻي سين سل مَ آھ،
سيني ۾ اوٻر کاءُ عشق جا، تہ سڙئي ڀلي ساھ،
عورتون مرد آيا ويا، ڪُل جي اوڏاهين ڪاھ،
باقي ڀُلجي ڀُوري ڇوڪري، مٿي عشق نہ رک آڙاھ،
هُن کي ڏار وهي جا، اٿس ڏِنا الله،
چس رکي اُتي چاھ، جِتان ڀُليو پاڻ اچين وڃين.

چئي ادا ڀُليو پاڻ اچين وڃان، وري وڃان ڀُليو،
نہ رند رستو راھ ڏٺل، آهيان چرين وانگر چليو،
رُئان کِلان پنھنجو پاڻ سان، رمز ۾ وڃان رَليو،
چُمي ڀاڪر لاءِ چريو ٿي آھيان عُمر لاءِ کريو،
رحم ڪر راضي ٿي تہ وڃان تار تريو،
حُور سھڻي لاءِ هوش گُم، ٻرڻ ۾ وڃان ٻريو،
هانۡ پنھنجي تي هٿ رکي، ڌيان تہ ڪُجهہ ڌريو،
تنھنجي آهي تنھنجي رهندي، مون کي ڇا وريو،
بس قُرب اهو ڪريو، جو چئينس هڪ چُمي لاءِ.
چئي ادا چوانۡس ٿو هڪ چُمي لاءِ، اهو عيب نہ اسين ڪو،
حُسن جي سونھن کان، ڏُک پسئي جو،
سو چُمي جي صدقي، من سُور لهئي سو،
امن اسان بہ پوء، چُمي جي کڻي چس وَتي.

چس وٺي چُمي جي، شُڪرانو ڪيم بجاءِ،
لٿا ڏُک ڏِيل تانۡ، جا جانب ڪئي جفا،
ڦُٽي وڻ ساوا ٿيا، جي سيءُ ۾ هئا سُڪا،
باغن ۾ بھارون ٿيون، سانوڻ ٿيا سُٺا،
چُمي کان اڳتي چوڻ، اِها چڱي چال نڪا،
هُجت ناهي حُسن سين، نڪو قُرب جي ڪٿا،
پاڪ نيت سان حُسن جي، پِرتئون ڪر پُڇاء،
سئو ڏُک ملن، من ۾ لوئي ۾ ڪُل لڪاءُ،
ايڏي وڏي تڪرار کان، چُمي جي وڏي چس آ،
جن جا اندر امن چئي، اصلئون آهن اڇا،
سِير تن جي سچ آ، ڪڏهن ٻُڏندا ڪينَ ڪي.