فضا ۾ ڦيريون ڏيندڙ هڪڙو شِڪرو يا شهباز هجان،
پرواز ڀٽن کان ناري تائين ڪو مون کي بڇي مان باز هجان.
ڪنڊي ڪنڊي تي، کبڙ کبڙ تي، جھرڪ جھٽي ۽ ڳيرو کڻان،
هڻ هڻان ۾، وٺ وٺان ۾، گد گد هجان گُداز هجان.
جوڳي هجان جنسار ڏسان در در تي نفليون ڦوڪيان پيو،
فيراق فڪر جو فقير هجان، ڪا سونھن پسان نمان نياز هجان.
يا هيئن هجان بس هن طرح ڪو شاھہ هجان يا خان هجان،
چوري ٺڳي سکڻيون ڊاڙون لُڙ لٻاڙون، يا اڻ ڍنگو ساز هجان.
ڪمري ٽوپي رلي ڪُلھي تي ڪُندري ڪڇ ۾ ياعلي مدد ڪندو وتان،
يا ڏاڙهي گوڏي تائين هجي، خلق کلايان، بم هجان بي آواز هجان.
يا هيئن هجان بس هن طرح غريب هجان اخلاق هجي ۽ ڪردار چڱو،
عمل چڱا ۽ عزت چڱي، اوڙي پاڙي سان هردم هم راز هجان.
يا هيئن هجان بس هن طرح بشني ڀاڙي، مُنھن سادو ۽ شيطان،
هر ڪنھن سان لڙان، ٽوڪ چٿر ۽ عيب ڪڍان ناساز هجان.
يا هيئن هجان بس هن طرح مذاق مزي ۾ مشڪري ۽ کل کلان،
ٽهڪ ڏئي ٻيو ٽهڪ ڏيان، وات پٽيل هجي وائي واز هجان.
امن ڇا بي هجان ۽ هيئن هجان يا کڻي ڪيئن بہ هجان،
دُنيا توکي ڪانہ مڃيندي، مُڙس هجان يا مئي ناز هجان.