شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

گڏجي غيرن سان نہ گُذار،

گڏجي غيرن سان نہ گُذار،
پيو ٿو هانء سڙي هروار.
ڌاريو اچي ٿو شور مچائي،
ننڍا وڏا سڀ فند ۾ ڦسائي،
دولت سان هي ساڌ دٻائي،
قرب وٺي ٿو قرار.
غيرن جو آ غلبو توتي،
سِر ڏبو وڙهبو توتي،
ڪڏهن نہ دلبر ڇڏبو توکي،
چاهي هُجون بيمار.
پنھنجا دلبر تو وِساريا،
واعدا تن سان ڪينۡ تو پاڙيا،
جگر اسان جا تو هن ساڙيا،
ايڏا ڪرين آزار.
تون پاڻ پلين تہ سڀ ڪجهہ ٿيندو،
ڪير اوهان جي ويجهو ايندو،
پر ڳالھ اسانجي ڪيئن مڃيندو،
تڪبر توکي تار.
سؤ دفعا توکي جاني جهليو مون،
پلپل ويھي امن توکي پليو مون،
گهڙي گهڙي ڏس ڪيڏو چيو مون،
ٿي دُشمن کان تون ڌار.