منھنجو يار ڪِريو آ گهوڙي تان،
ڪنھن واھ ڪپر جي موڙَي تان.
جيئن ئي گاڏي گهوڙي ايندي ڏٺي،
تيئن پاور مان تنھن پُوزي پَٽي،
همراھ جي اهڙي قسمت ڦِٽي،
جو گهوڙي سوڌو ڪِريو، لکيو لوڙي تان.
سيارو سيءُ گهڻو ٻي صبح جي مھل،
پئي ڪانہ ڪنھن ماڻھو کي ڪھل،
مٿان گهوڙو هيٺان هو جُوان ڪِريل،
سيءُ جانَ جِسم ڪپي ڪورَي تان.
جسم جان مٿان نڪو ڪوٽ هيو،
نڪو نيرن جو کاڌل روٽ هيو،
هڪ بُک تي ٻيو ٽُٽل بُوٽ هيو،
سو ڪنڊا پير روڙي تان.
اڳي ساعت مون وانگر ڪانہ هُئي،
وري واھ ڪِريو، سڀ ڪنھن کِل ڪئي،
لڳو سيءُ گهڻو ٿِڙي ڪَل وئي،
ڪيئن يار منھنجو وات چورَي تان.