اچرج آهي حيرت مون کي رات سڄڻ ڪا ترسيو ڪونہ ،
واچوڙي جيان ڀنواٽي کائي ذهن منھنجي ڪجهہ پرکيو ڪونہ.
مرڪ اڳيان ڇا رات بيھي؟ ڇا گلڙن ۾ چرپر نہ هجي؟
خيال هيو ڪجهہ مرڪي دلبر، ليڪن دلبر مرڪيو ڪونہ
سج لڙيو ۽ سانجهي ٿي وئي پيار جا پاڇا رات ۾ گم،
زلف کليا واسينگ صنم جا، دشمن دل ۾ جرڪيو ڪونہ.
سنڌو صحن ۾ لھرون مست ۽ ڪارونجهر ۾ مور رنو،
هيبتناڪ وڇوٽي ور ۾ نانگ صحرا ۾ سرڪيو ڪونہ.
فطرت گوئي ذات ۾ چئجي عشق جي يا اوساٽ ۾ چئجي؟
چئجي هن کي ڪجهہ تہ چئجي پتنگ باهيئون ٽرڪيو ڪونہ.
جاهل يا داناءُ هجي پر پنھنجي ليکي هرڪو پورو آ،
امن مانجهي تن ويچارن هڪ ٻئي کي ڪجهہ سمجهيو ڪونہ.