تقدير جو طوفان اهڙو گهليو، ويا دل جي درياء جا ڪنارا ٽُٽي،
ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو، ويا پنھنجا پراوا دل وارا ٽُٽي.
جيون جو مُقدر بگاڙيو تو، توکي ڇا مليو جو اُجاڙيو تو،
زندگي جو سفر اڪيلو ٿيو، هر پاسي کان ويا سھارا ٽُٽي.
ٿر جي اُجڙيل رستي تي، ڪنھن موڙ ڀيانڪ اڪيلي تي،
مون کان بيھي مٺا ڇا ٿو پڇين، آڪاش تان ويا سڀ تارا ٽُٽي.
تنھنجي محفل ۾ جو گُذاريو مون، زنده هيس پئي نڀايو مون،
تڏهن توکان دلبر ويس وڇڙي، هن جيون جا ويا ستارا ٽُٽي.
هڪ گل جي ڪارڻ سارو چمن، اُجڙيل ٿو ڏسان خُدا ڄاڻي،
مانجهي امن هن گُلشن مان، هر سونھن جا ويا چارا ٽُٽي.