پئسو اسان وٽ پائي نہ آهي، آهي جام سُڃائي،
پلپل ويٺا پيار ڪيون، تہ بہ لھي نہ ٿي ٻاڙائي.
ميلي ميل ۽ کيل خوشي ۾ گيت غزل پيا ڳايون،
هرڪو واھ واھ جيئن ڪري ٿو تيئن ٿا نڙي ڏڪايون،
هيڏان هوڏان تانَ ۽ سرگم، اٿم ڌهنڪ ڌن مچائي.
سکڻي واھ واھ ملي نہ آنڪ، لڄ وئي آ کائي،
منھنجو تہ راڳ مون کي وڻي ٿو، ليڪن کلي پئي خُدائي،
ڳائيندي منھن ۾ وڪڙ پون ٿا، دل تابش آهي تپائي.
جهڙا آهيون، تهڙا آهيون، آهيون وڏا بس راڳي،
نڪو اسان سان انور پورو، نڪو يوسف نہ ڀاڳي،
لتا کي پاڻ ڇا لاءِ ليکيون، رفيع نہ سمجهون پائي.
امن اسان بہ سُريلا آهيون، ڀائو ڪيئن ٿو ڀانئين،
ماٺ ڪر تہ هاڪر ساريان، بس بڇ يار نہ ڪرائين،
راڳ جي رڳ اصل نہ ڇڏبي، آهي وڏي ڇِتڪُتائي.