پيا پور مون کي اڄ آڌي رات تنھنجا،
وري ساڳيا سانوڻ ۽ وري ساٿ تنھنجا.
اسان جي اڱڻ تي جڏهن گوڙ گُونۡجي،
وسن مينھن ٿڌڙا، نيسارا وهن جَي،
طوفان جهڪ جي جِهرمر ۾ ڪھن ڪات تنھنجا.
حُسن جي تپش ۾ لحم لِڱ جُهري پيا،
جذبا اندر جا ڀورا ٿي ڀڄي ڀُري پيا،
وريا ڇو نہ مون ڏي هي جذبات تنھنجا.
جفا جو ڪُڻو ٿو پوي سِر اسان جي،
۽ غريبت رهي ٿي سدا گهر اسان جي،
ليڪن پوءِ بہ پيارا ڏسان گهاٽ تنھنجا.
جنھن سان اسان جي مُحبت ٿئي ٿي،
دُشمن جي ڄڻ ڪا ضرورت ٿئي ٿي،
سھان سِر تي جهيڙا ۽ ظُلمات تنھنجا.
امن چانگ مانجهي سدا سِر وسائي،
ڪڍي دل جون ڳالھيون نہ ٻئي کي ٻُڌائي،
سُجهن ٿا هي هيڻا هاءِ حالات تنھنجا.
ڪڻڪ جو کائي ان، پِيا ٿا عاشق مستيون ڪن،
ويلھو وِچڙي قِسمت سانگي تہ پِٽي پار ڪڍن.
سکڻو سانگو سُور برابر،
ان ڀٽارو نُور برابر،
کپي ٿي دولت ڌن
عاشق چئجن ڪينَ ڪي اهڙا،
کاڌي بِنا سي خُوني جهڙا،
ٻيائي کي ڪن نہ ٻن
ان بِنا ڏس سري نہ سھنجي،
گهڙي لڳي ٿي گهارڻ اَهنۡجي،
زُونۡ زُونۡ ڪن وڄن.
ان جو عاشق آهين ادا تون،
مُشڪل ۾ ڪندين وفا تون،
ڀلي سھڻا سڀ سُڻن.
پيار ڪرڻ آ پيٽ ڀرائي،
شعر چوڻ آ چريا چريائي،
اِهڙا سُڃا ڪيئن بار سھن.
پيار سچو اڄ ڪٿي لڀي ٿو،
هرڪو کائي پي ڪُڏي ٿو،
موج مزي لاءِ ماڻھو مرن.
بُک بيماري بُريون بلائون،
سچ چوان ٿو امن آئون،
وڳا ويس ڪينَ وڻن