منھنجا سھڻا سڄڻ پيو ٿو ماڻا ڪرين،
مون کي ماري مِٺا، پوءِ پُڇاڻا ڪرين،
هِڪ تہ تنھنجي حُسن جو ٿو جلوو وڻي،
تنھنجي اکڙين جي اُلفت، اندر کي اُڻي،
مولا توکي ڏني سونھن سوڀيا ڳڻي،
پنھنجي حِرفت سان، عالم اياڻا ڪرين.
هي نزاڪت، ڪرامت ۽ جوڀن جُڙئي،
ونڊ ونڊيندي ڏِنئي، جنھن جڏهن بہ گهرئي،
تون آن ساقي سخي، ٿو خُدا رنگ ڀرئي،
پنھنجي اڻ کُٽ عنايت ٿو پاڻهان ڪرين.
تنھنجي در جا گدا، ويا ٿئي جهوليون ڀري،
پنھنجي من جون مرادون، ويا پوريون ڪري،
تنھنجي چھري ڏسڻ سان ملامت ٽري،
شوق اهڙا اِمن ٿو شاهاڻا ڪرين.