پاڻ پنھنجا عيب جاچ، پوءِ اڳئي تي ڇوھہ ڇنڊ،
خود غرق ۽ غافل آهين، ٻئي جو مروٽين ڇو تون ڪنڌ.
تون خاموش ٿي عقل سان عيب پنھنجا ٿو ڍڪين،
ٻئي جي ڪرين غيبت گلا، اهڙي زبان کي رک تون بند.
اٽڪل ٺڳي جي ٺاھ سان، خود صاف ٿو سمجهين ادا،
اُبتي عدالت ساڻ ٻئي تي، ٺاهي ٺوڪي رکين ٿو ڏنڊ.
گوشت جو واهي ٻِلو تہ گوشت خلق کاڌو اِجهو،
لوفر ڇڱو ٿئي راڄ جو تہ خير جي ڪھڙي آ ونڊ.
راڄن اندر رات ڏينھن راحت وئي آ گُم ٿي،
ٿا وڙهن هڪ ٻئي ساڻ سي، ڏيندا وتن گلائون گند.
کڏ کڻي تنھن جي مٿان ڍَٻَ ٺاهي ڪکڙا وجهين،
اعتبار سان ايندڙ ڪِريو، هُن جي ليکي آهي ٻنڌ.
چنڊ گِرهڻ ٿي ٻُڌائي، چنڊ ۾ بہ عيب هَن،
داغ منھن تي، وِت ۾ وڌگهٽ، رات لاءِ چئجي ٿو ڏَڍَ.
مڙس سو آ مانجهي امن جو چوي تيئن هو ڪري،
نہ وات کولجي، نہ اجائي دل ۾ رکجي سَڌَ.