شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

تصوف جا بيت

جيڏانھن ڪنڌ ڦير، تيڏانھن دلبر منجهہ ديدون،
نظر ايندئي نہ ڪير، جٿ ڪٿ جوڙ جبار جي.
جاڏي ڪن نظر، نيت ٻڌي نينھن جي،
هر جاءِ مظھر، مُورت اچي محبوب جي

فڪر وٺن فيراق جو،وٺن ۽ وڌن،
جاڏي آزار عشق جو، تاڏي وک رکن،
نہ رنجائي رهن ڪنھن کي، نہ رنج رُسامو رکن،
سدا محبت من ۾، ٻي ٻولي م رکن من،
سڀ سان سُٺو ساءُ هجي، ويھي قرب ڪجن،
مرد سي چئجن، جي مري ملھائن ميدانگي.

ڦرهي پڙهيائون فيراق جي، فاقع منجهہ فقير،
جلن جاڳن رات جو، ٻي اندر منجهہ اُڪير،
سچ جن جو سيرُ، امن نياز تن نصيب ۾.

مُڙس نہ مرن ڪڏهين، سدا رهن حيات،
تن کي طمع نہ طعام جي،ريجهائن رب ڏينھن رات،
هڪ توبھ ٻي طلب رسول ٽين طيش اندر ۾ تات،
امن انھن جي عشق جي اوقات، منصور ڪي ئي ماريا.

سچا عاشق سدا ويھي اورين رب رسول جي ڳالھ،
ٻي ٻولي چون نہ ٻُڌن، تن جو سيتل رب سين ساھ،
ڏينہ ون رات ذڪر زباني ۽ باطن ۾ برھ جي باھ،
امن تن عاشقن جي آھ، اٿاھ عشق اٿاريو!

هو راضي رهيا رام سين، راضي رام سندن،
ڏسي پرڀُو پڌر ۾، هو پرت پنھنجي پسن،
عشق جي آتش ۾، هو ٿا روح ڪن روشن،
اکيون ڌار امن، جن ۾ معرفت محبوب جي.

ڏس سُڃاڻي محبت من ۾، منجهئي تو مڪان،
رک روزا پڙھ نمازون، حافظ ٿيءُ قرآن،
نياز رک تڪبر تڙ تون، فھم لا فرمان،
پوءِ امن انسان، موجون ماڻي محبت جون.

مئي پيتائون محبت جي، ويا جلڻ ۾ جلي،
حضرت حُسن پاڪ جي، اکئين پئي تجلي،
جا کنيائون نظر ڪجلي، امن عشق اٿاھ ڀرجي آئيو.

سارو سمايو سور، مردن سندي من ۾،
سلين ڪين ڪنھين سان، محبت جو مذڪور،
چارئي پهر چُور، چاهت رکن چاھ جي!

پڇڻ ۽ ڪڇڻ کان واتان ڪر بس،
نہ پچارن ڪي سار کائين متان ڪس،
امن اڄوڪي زماني ۾ رهي نہ اها رس،
جي وارو ملئي وس، تہ ڪر تون ڪار ڪتڻ جي.

ڪر تون ڪار ڪتڻ جي، ٻئي هنڌ ڪين نہ ار،
متان جوکو ملئي جيءُ کي، کائين حسن ڪنان هار،
هي دنيا درياءَ مثل، تانگهين پاڻي تار،
ٻڏي مرين ڪٿ ڪُن ۾، تون ڌيان تہ دل ۾ ڌار،
امن اهو اسرار، ڳولج پنھنجي اندر ۾.

ڳولج پنھنجي اندر کي، نہ جاچج دُنيا دورنگي،
ڏسج هڪ نظر سان تون ننگ پنھنجو هي ننگي،
تہ ننگ بہ تون ننگي بہ تون تو ٻئي هنڌ دل ڪيئن ٽنگي،
تو ٻيائي امن ٻنگجي، اها ڪيرائي نہ هڻئي ڪُن ۾.

اها ڪيرائي نہ هڻئي ڪُن ۾ جا ڪاغذ سندي ڪُشتي،
فڪا فھم شيطان جا، اها هوڏ واري هستي،
اها تڪبر سندي تڪڙ توکي، اها ملڪن مٿان مستي،
امن چئي الستي، تو اڳيان ڳڻ ڳاهي ڇڏيان!

تو اڳيان ڳڻ ڳاهي ڇڏيان، اهي يادون ڪُل يگانيون،
اهي وچن واعدا وساريا اٿئي، رکين پنہ جيون من مانيون،
ڳالھ ڳڻن جي ڳڻين نہ ڳهلا، اهي نوبت سنديون نِشانيون،
امن چوي آسانيون، ڪيئن ٿينديون توکي قيام ۾!

ڪيئن ٿينديون توکي قيام ۾، هي آسانيون ائين،
جيئن هلندي گهمندي راھ وسارين، تاڻيو هلين ٿو تيئن،
جيئن قابو کان رهين ٻاهر پنھنجي، نازڪ وساريئي نينھن،
امن محبت سندا مينھن، وسندئي ڪيئن وٿاڻ تي.

وسندئي ڪيئن وٿاڻ تي، ٿڌي ٿڌي برسات،
ڳيھي ڏُکوئين دل ماڻهن جي ۽ روئين رڙين نہ منجهہ رات،
منھن مٿي ڪيو مُڇان وٽين، مري ٿيندين نيٺ مات،
امن الله جي ذات، واحد سڏائي هر ويل ۾.

ڳول ڳولين جي ڳولڻو اٿئي، اندر منجهہ امام،
سڀ ڪجهہ ملندئي من منجهاران، اهي قُرب سندا ڪِمام،
هادي سندي حال جو، رک فڪر صُبح شام،
امن چوي هي مام، پروڙج ڪنھن پيار سان.

پروڙج ڪنھن پيار سان، من سندي موج کي،
جيئن تاث هجي آب جي، ٿر جي ڍڳي روجه کي،
پاڻ ماري ڪر فنا، ڇڏ اجائي عوج کي،
امن سوچ ۽ سوجه کي، وري سوچج ساھ ۾.

وري سوچج ساھ ۾، جانۡ سين دم ۾ اٿئي دم،
هردم هاج حُسن جي، ڪر اِهوئي ڪم،
حُسن تنھنجي هستي ۾، نائي اُنھي کي نم،
امن چوي اُتم، ۽ اُتان ٿجي اڳرو.

اتان ٿجان اڳرو، جِئان پاڻ پاڻ هٽاءِ،
عاشق اسير فقير تون، اهي جهيڙا ڪر جهڪا،
رُوح پنھنجي کي راحت ڏي، ڏُک اٿئي ڏکا،
امن چوي خطا، اٿئي هُج هئڻ مان.

جِئان اتان ٿيندين، اڳتي من ماري ڪر ميڻ،
رک واحد سندو واسطو، واتان وار نہ ويڻ،
امام اٿئي اندر ۾، نائي ڏسين جي نيڻ،
امن ساٿي ۽ سيڻ، رهيل اٿئي رُوح ۾.

رهيل اٿئي روح ۾، راڄن سندا راڻا،
نڀاڳا نيڻ ننڊاکا، جيئن اٿئي ڪاڻا،
تون ڀِٽون جبل رڻ ڳولين، اٿئي اندر سي وٿاڻا،
امن تون اياڻا، ڳولين پنڌ پهاڙ جا.

ڳولين پنڌ پهاڙ ۾، اِهو پري ڪيئن پيئن،
اجايو دعويٰ درد جي، ڏُک اهوئي ڏيئين،
سِر جو رکين سانگ سڦرو، حال نہ تنھنجو هيئن،
جت رات نہ لڀي ڏينھن، سي ڏيھ ڪيئن ڏوربا.

سي ڏيھ ڏُکيا ڪيئن ڏوربا، جت سِر جو ناهي سانگ،
نہ سُڌ سماءُ پنھنجي ساھ جي، نہ طلب تاڻي تانگه،
خود ماري خاڪ ٿي، تن ۾ پاڻ بناءَ سڄو بانگ،
سير ڪر سِر پنھنجي جو، لنگهہ اهوئي لانگه،
جيئن طلب رهي پُٺي تنھنجي، جيئن ماڪ لاءِ ڀڄي نانگ،
اها مُحبت سندي مانگ، ماڻج امن پنھنجي من مان.

ماڻج پنھنجي من مان، ۽ پاڻ وڃج ماري،
ڏُکي ٿي ڏُونگر ۾، جيئن ڏُک وِجهني ڏاري،
تن ڏکن ڪِنا جي سُک پسين، وٺ ڏک وري سڀ واري،
پاڻ پچاءَ پڪو ڪر تون، اهو ڳهر وجهئي نہ ڳاري،
طلبون پنھنجو تاري، امن عاشق ٿي عشق جو.

عاشق ٿيءُ عشق جو، طلبون پنھنجو تڻ،
روح کي راحت ڏي رب جي، ڳالھ اِهائي ڳڻ،
ڪوڙ ڪسوٽي ڪوري ڪڍ، قلب ۾ رکج ڪڻ،
امن مدايون مڻ، تان ڊاهي رکج هن ڍِڳ کي.

ڊاهي رکج هن ڍِڳ کي، هي ڪچرو ڪِن غليظ،
مري ملھائيج ميدان کي، نہ مُشڪل ڏِس مھميز،
ڏُکن سورن جو ثمر وٺ، جو لک مٺاڻ لذيذ،
ڏِس اکين سين عزيز، امن اهائي واٽ وندر جي!

واٽ اهائي وندر جي، جو وڏائي ڇڏ وري،
ارمان رک اندر ۾، دل ۾ ڌيان ڌري،
عاشق ٿيءُ الله جو، ٻر انھيءَ ۾ ٻري،
امن رنگن منجهہ رهي، ڪو رنگ ڏيکارج روح جو.

جانۡ ڪو رنگ ڏيکارج روح جو، سکڻي بات گُناھ،
پاڻ نہ ڄاڻين پاڻ کي ۽ انڌا رکين ارواح،
ٻين کي ٽوڪين ٽل ڪري، ڇڏ رُلي اها راھ،
خيال رک تون خوف جو، سِڪا تون پنھنجو ساھ،
امن جي ڳالھين سندو ڳاھ، تہ رب ملي روح ۾.

رب تہ رهي ٿو روح ۾، پر ڪسُ نہ رک قلب ۾،
تہ رب تنھنجو تو ۾، تون پنھنجي ربُ ۾،
ڏسج اٿئي اکين سين، سيڻ پنھنجو سڀُ ۾،
امن چوي ادبُ ۾، اکيون پورج اوپريون.

اکيون پورج اوپريون، ناحق مَ ٿي نادان،
کوڙج پنھنجي اندر ۾، ڪو نوبت نينھن نِشان،
مشڪل من آسانۡ ٿئي، دانھ ڪنان ملئي دان،
امن دردن سندا ڌوڪان، پاڻ پروڙج پاڻ ۾.

پاڻ پروڙج پاڻ ۾، جي ڳولڻو رب تہ ڳول،
ليا پائي لوڪن ۾، رُليا پاڻ نہ رول،
اِهي ڪُنڌا هڻين ڪُنن ۾، پر قلبين اٿئي قول،
ڍاٽي اندر ٿيا ڍول، جي اکيون پورين اوپريون!

اکيون پورين اوپريون، منھنجا چور نہ چريا چاڪ،
پاڻ راڻو، پاڻ مومل، پاڻ اُڏائي ڪاڪ،
مُئا مري وڃ خاڪ ٿي، اِها مستي ڇڏ مذاق،
امن چوي اوشاق، لڀائن پنھنجي لال کي.

جن لڌو پنھنجي لال کي، سي سُرت نہ ڏين سوجهي،
نہ ار هڪ نظر سين، صورت سُھڻي ڪوجهي،
سکيا ٿيا سانگ ۾، ڏُر ٿيا ڏک ڏوجهي،
پير رکيائون پوجهي، پھتا پار پرين کي.

پھتا پار پرين کي، جن پڇاڙيو پاڻ،
لِيا نہ پائن لوڪن ۾، هڪ پُنہ ل جي ڪاڻ،
ٻين سان ٻيون ڳالھيون، سِر ساھ سيڻن ساڻ،
امن اهي اُهڃاڻ، اٿئو اُونھي عشق جا.

اٿئو اونھي عشق جا، اديون اهي اُهڃاڻ،
سدا سُک نہ سُمهن سامي، تن تاڻو رهندي تاڻ،
پنڌ پرينَ ڏي پيھي ڪن، جيئن ندي وهي نِواڻ،
جن خود کان لڌي کاڻ، امن سي سپرين اوڏڙا ساھ ۾.

سي سپرين اوڏڙا ساھ ۾، جن ڪَشتي ڪُن ڏي ڪاهي،
جيئن ڇوليون ڇِڪين ڇوھہ مان، تيئن راھ اُنھيءَ راهي،
تن کي سوز سدائين سفرو، هُو ساهان ڪن نہ ساهي،
امن چوي اِلاهي، پسيائون علم اِسرار جا.

پسيائون علم اسرار جا، رهبر پويان لوچين،
سِڪ منجهاران سنبري، اندر ساھ سوچين،
سڀئي پنڌ پنہ ل لاءِ، ٻيا رايا رُوح روڪين،
امن چوي اوڇين، باھ پنھنجي بدن تي.

باھ پنھنجي بدن تي، سڙيا سورن ساڻ،
پري ڪُفر ڪٽ کان، ڀُليا نہ پنھنجي ڀاڻ،
هُو رچيا اٿئي رُوحن ۾، پڌرو ڪن نہ پاڻ،
امن ڪنھن پرين جي ڪاڻ، ٿيا سانگي ڪنھن سانگ جا.

ٿيا سانگي ڪنھن سانگ جا، پُريا پنڌ ڪري،
ڏسي ڏونگر ڏُکيرڙا، نہ تن جو ڏيل ڏري،
توڪل تُرهو تسبيح تن ۾، ويندا پنڌ ڪري،
امن سامين ڪيئن سري، ساعت پنھنجي سڄڻ کان.

ساعت پنھنجي سڄڻ کان، سھي ڪين سگهن،
سر آڏو سڄڻين، نذُر نايو رکن،
ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينھن ۾، اڌ ڪُٺا ڪُسن،
پتنگ جِيان شمع مٿي، ڪري گهور گهڙن،
پاڻ وجهيو آگ ۾، سَتا ٿي سڙن،
ڀنئورا ٿي بُلستان ۾، واريو واس وٺن،
بلبل جيئن گل مٿي، عاشق ارواحن،
امن ان اُھڃاڻن، هُوند جوڳي جوڳ ڪمائين.

هُوند جوڳي جوڳ ڪماءَ، تہ سڀ جُڳت جئيرو رهين،
دل ۾ درد دائمه، دونہ ان دوده دُکاءَ،
سڌ ماري سُکن جي، وٺ سوجهي سِڪ سڀاءَ،
لال ڳولج لِڱن مان، لاهوتي تون لڀا،
جي اڌين ڪا اجها، تہ سورن ڏُکن جي ڏاج مئون.

لال ڳولج لڱن مئون، رڙيو ڪوھ مرين،
اندر آگ نہ عشق جي، ٻاهران ڪيئن سڙين،
ريءَ ڏاڪڻ آڪاش تي، چريا ڪيئن چڙهين،
ماريو من پنھنجو نہ ٿئي، مُڙيو ماڻهن سين وڙهين،
اهي اُبتا ڪم عجب جهڙا، ڪوڙا ڪيئن ڪرين،
من نہ مثلحت محبوب جي، پنا واريو پڙهين،
امن جي قُرب اندر ڪڙهين، تہ لال بہ لڀئي لڱن مان.

دل جي گُلستان ۾، گُل ڦل پيا ٽڙي،
مُشتاقن جي من مان ويو، ڪِينو ڪچ سڙي،
اکر سمجهي عشق جو، پاڻهي ويا پڙهي،
امن روئي رڙي، رِيجهائي ويا پنھنجي رب کي.

امن غشق رتا لال، سِر ڏني سرهام ٿيا،
رڳو پياس پسڻ جي، ڳجهي ڳالھ مقال،
هِڪ رضا الاهي رب جي، ٻيو ڪُسڻ جو ڪمال،
ڀلائي جا ڀال، ڪري ويا قُربان ٿي!

نوٽ؛ ڳوٺ جي هڪ شاعر مرحوم مڪن خان چانگ جي شاعري کان مُتاثر ٿي پاڻ شاعري ڪيائون،
شاعري جي اندر ڏاچي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪا پنھنجي ولر کان وِڇڙي وئي ۽ ڀٽن جا ڀر ڏئي رُلندي رهي، شاعر ان جي درد کي پنھنجو درد سمجهي ذڪر ڪيو آهي، سندس شاعري جي اندر تصوف جي انتھا تي جهلڪ نظر اچي ٿي، ۽ نفس نادان کي ڀيٽا ڏاڇي جي لفظ طور ڪيو اٿس.

(مرتب)

ڏاچي جي ڏُک جي ٻڌم ڳالھ ڳڻي،
ڏاڏي مرحوم مڪن جي شاعري وئي وڻي،
دل چيو تہ آءُ بہ چوان ٻہ ٽي سِٽون کڻي،
هاڻي سڏ گوريءَ جا سُڻي، سڌي آئي ڪنھن سانگ سان.

هڪ تہ ڏاچي ڏُکن ڀري، ٻيو تہ وات نہ وجهي وڻ،
اندر ان جي امن چوي، ڏُکن سورن جا ڏڻ،
جَت ڪاهي جبل مان، تاءُ مان چِڪي تڻ،
بُکي تسي ڀڄي پئي امر مڃيو اڻ،
امن چوي اڃڻ، جو اٿس دم دل ۾.

اٿس دم دل ۾، ڪُڻڪي ڪوڪون ڪري،
ڀڄي ڀر ڏئي ڀِٽن جون، وِکون واءُ ڀري،
جيئن مڇي پاڻي جي وچ ۾، تار منجهاران تري،
تانۡ جو هُو تتي رَيت رُيون ڪري،
ڏوران ڪانہ ڏري، تاڻيو پنڌ پيچرا چِٽا چونۡڪ چري،
ڇِنايو ڇِڪايو رُوي ۽ رڙي،
وڌي ڪنھن قُرب ڪڙي، جو ڪاف ڪشالا ڪرڻا پيا.

ڪاف ڪشالا ڪرڻا پيا، جيسين دم ۾ اٿس دم،
چرڻ پيئڻ چاھ جو، ڪري اِهوئي ڪم،
نہ بئو ڀوتار جو، نہ غفلت سندو غم،
هو تہ جانور جهنگ جو، ڪين اٿس علم،
تہ ڇا ٿي ڪيان يا ڇا ڪرڻو اٿم،
انڌ ۾ آئي وڃي نہ ام نہ تم،
شل قادر ڪريس ڪرم، جو تري هلي هن تار مان!

شل تري هلي هن تار مان، جو تِرڪڻ تڙ مٿي،
ڪي ئي ڪُنواٽ ڪِري ويا، تار اِهائي تڪي،
گوڏا پير ڀورا ٿيا، گس انھيءَ گتي،
ڪي منڊا ٿيا مُچن کان، اِتان لھوارا لٿي،
قادر شل ڪرم ڪري، ڪي سھندا بار سٿي،
ليکي لٿي پتي، شل پرين ڪرئي پانھنجو.

پرين ڪرئي پانھنجو، جو بُري آهي بي خبر،
بيماري تنہ جي بدن ۾ ۽ گوڏن مٿي گر،
رڳو ماس مُريا اٿئي، ڪانۡڀ نہ اٿئي ڪر،
گپ نہ انھي غلطان ۾، ٻُڏي ڪِيم مر،
ڄر ڪا مڇ ماريو وڃن، خار منجهاران کر،
ڪر اهو جو ڪم اچئي، ڀوڳي وڃ بحر،
ٻر انھيءَ ۾ ٻر، جو ڪاٿو پوئي انھيءَ ڪانڌ جو.

جي نہ پوندئي ڪاٿو ڪانۡڌ جو، تہ ٿر بر پوندين ٿڪجي،
ڪات قھري ڪٿيو هڻن، ڪِيس ۾ ويندين ڪپجي،
نڪو بات بچڻ جي، نڪو لھ ۾ لِڪ جي،
سيءُ سيارو سير سمنڊ جي، ڇولين ۾ ويندين ڇِڪجي،
انگ نہ چُرندو اُٿاھ کان، ٽاڪي ۾ ويندس ٽَڪجي،
اُت نہ سوار نہ ساڻ ثمر نہ مثلحت ڪنھن مت جي،
امن اُت جي، شالا پارت هُجئي پڳ ڌڻي!

پارت هجئي شالا پڳ ڌڻي، ڀُلجي نہ ڀٽاري،
وِنگا ڏنگا پھ پيچرا، آهي واٽن مٿي واري،
هڪ مينھن مٿان تيز هوا، رات قھر جي ڪاري،
شالا رحم ڪرم جي نظر هجي، وڳ مِڙَي ويچاري،
نہ ثمر نہ سُوار مٿان، سُورن ۾ آهي ساري،
توڪل مٿي تِنھن جي، تو اِجهو تات تاري،
ڏکيو پنڌ پهاڙ جو، ٻيو ڪُڏي پئي ڪنڌ ڪاري،
بي علم مٿان سُوار ٿي، کَنۡج ۾ اٿس کاري،
تنھنجي جنھن جت سان، چاھ آهي چئوياري،
سو ڪري غمگساري، ڪُڏي نہ هڻئي ڪنھن ڪُن ۾!

جهڙي تهڙي رب کي پرتي، ڀلا الله توهار،
رک تہ رب مولا مٿي، هنئڙو ڪين هار،
ڏُک نہ ڏيندو ڪڏهين، ڏيھن جو ڏاتار،
هل پئي چل پئي، ڪر پئي ڪوھ مٿي قرار،
ڪجهہ اکيون پٽ کوٻلي ساٿ تہ پنھنجو سار،
ڪاٺي ڏس ڪُهانڊ پنھنجي جي، وري مٿان ڏس باري بار،
امن الله جي آڌار، وڃي پھتي پنھنجي وڳ کي!