سھيڙيندڙ پاران
مان يقين رکان ٿو تہ اڄ بہ اُن جو روح باطني يا ظاهري هر روپ ۾ مون ساڻ گڏ هوندو آهي، ڀل پوءِ مان اُن وقت نہ ٺھن دڙ سِٽن کي پوئيندڙ هُجان يا ڪلاسن ۾ شاگردن جي ذهنن کي اُڻيندو هجان يا ڇو نہ مان دنيا جي گردشن ۽ ڦيرن ۾ڦيراٽيون کائيندڙ هُجان، ڀل ڇونہ پوءِ منھنجو وجود واري جي ذرڙن جيان طوفانن ۾ اُڏامندڙ هُجي پر اُستاد امن مانجهي هر روپ ۾ هر مھل ۾ مون ساڻ گڏ آهي، هُو مان کان هڪ پل نہ جُدا آهي، ڇو تہ مون جيڪا بہ هي ڪاوش ڪئي آهي، منھنجي ان سڄي ڪاوش جي پُٺيان ان جو ئي وجود آهي، جنھن جو وجود ٻين کي ظاهر ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي نہ تہ ايتري ڪاوش ڪرڻ منھنجي وس جي ڳالھہ ئي نہ هئي.
اُستاد اِمن مانجهي جو وجود منھنجي وجود ساڻ تڏهن رلمل ٿيو جڏهن آءُ ٽئين ڪلاس جو شاگرد هيس. اُن وقت کان وٺي هُن منھنجي اڻ گهڙيل وجود کي اُڻڻ جي ڪوشش لاتي. ٻارهين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس هُن جو وجود منھنجي وجود کان دنيا جي نظرن آڏو دور ٿيو، ليڪن اُن جي وجود منھنجي وجود کي ايترو تہ مضبوط اُڻي ورتو هيو جو غُربت هوندي بہ پنھنجي تعليم کي جاري رکيو ۽ اُستاد اِمن مانجهي جو خواب پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ڪاوش بہ اُن اُستاد اِمن مانجهي ڏانھن وڃي ٿي تہ مان معاشري ۾ اُستاد جي حيثيت سان سُڃاتو وڃان ٿو. اگر هو اِها ڪاوش نہ ڪري ها تہ مان ڀٽن جي دڙن تي ڌنار بنجي رُلندو رهانۡ هانۡ پر سندس جا ٿورا اڻ ڳڻيا مون تي رهيا آهن. هُن مون کي اِنھي جي قابل بنايو تہ مان سندس جي تحريرن کي محفوظ ڪري وٺان پر وقت جي لھرن ۽ حالاتن جي ڦيرن مون کي ايترو تہ مصروف رکيو جو ڪافي وقت گذرڻ باوجود مان اُنھن تحريرن کي منظرِعام تي نہ آڻي سگهيس، پوءِ اُستاد اِمن مانجهي جا دوست منھنجي اُها مغروري سمجهن يا لاپرواهي سمجهن پر اُها صرف منھنجي مجبوري ئي هئي.
مون سندس جي مواد کي سھيڙيو آهي، ڪافي دوستن جي صلاح بہ هئي تہ اُن جي سڄي مواد کي بحر وزن جي صورت ۾ آڻي پيش ڪجي پر مون اِها بہ خيانت ٿي سمجهي ۽ اُن جي خيال کي محفوظ رکيو. سندس مواد ۾ فني رُخ بہ نظر اچي ٿو تہ اُن کان زياده فِڪري خيال نظر اچي ٿو. هُن هر موضوع تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي، هُن پنھنجي اندر جي اِمام عِشق کي هر رُخ ۾ ظاهر ڪيو، ڪڏهن تصوف جي رنگ ۾ رلجي ويا تہ ڪڏهن کيس کي مجاز ولوڙي وڌو.
هو آزاد قسم جا شاعر هئا هُن جا خيال آزادانہ هيا تڏهن تہ سندس جي شاعري ۾ آزادانہ خيال ملن ٿا، هُن پنھنجا ننڍا وڏا سڀ خيال پيش ڪيا آهن ۽ مون سڀني خيالن کي ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون چونڊ ڪرڻ کان ڪِنارا ڪش ڪئي آهي ڇو تہ مون لاءِ سندس جي هر تحرير وڏو وجو رکي ٿي، چاهي هِن ڪتاب اندر پيش ٿيل گهڻين تحريرن سان گهڻائي شاعر متفق نہ هُجن پر مان مانجهي جي هر خيال کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مون ڪوشش ڪئي آهي تہ اُن جو سڄو نظمي مواد هِن ڪتاب اندر اچي وڃي پر اُن باوجود بہ ڪافي شيون مون کان رهجي ويون هونديون، جيڪي مون وٽ نہ پھچي سگهيون هونديون. اگر ڪنھن بہ دوست کي ڪو بہ مواد اُستاد اِمن مانجهي جو هٿ اچي تہ هو مون وٽ پھچائي، آءُ سندس جا ڳُڻ ڳائيندس.
مان ٿورائتو آهيان اُنھن دوستن جو جن مون سان هِن ڪاوش ۾ ساٿ ڏنو خاص طور تي اُستاد سُلطان علي (گدا) ۽ محمد سليم چانگ جو جن مون کي هِمٿايو ۽ ساٿ ڏِنو.
مان وڌ ۾ وڌ پنھنجي شاگرد غلام عباس چانگ (ادل) جو ٿورائتو آهيان جنھن مون سان گڏجي هن ڪِتاب کي ڪمپوز ڪيو، ترتيب ڏِني ۽ پنھنجي ڪم کي بھتر کان بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن باوجود اگر هِن ڪتاب ۾ ڪنھن کي ڪا بہ ڪمي اُوڻائي نظر اچي تہ سندن جي اِصلاح جو منتظر رهندس. مان بي حد ٿورائتو آهيان راج راڄپر صاحب جو جنھن مون کي هن ڪتاب ”غلز جھڙي جواني“ جو مھاڳ لکي ڏنو ۽ استاد امن آزاد مانجهي جي خيالن کي پنھنجي سنھري لفظن جو ويس ڍڪايو.
اُستاد حُبدار علي چانگ (حُبن)
هاءِ اسڪول پڪا چانگ
03013410189