هاڻي ڪابہ حسرت ڪانھي، نفرت ڪانھي محبت ڪانھي
ساھ پِنڊي مان نڪري ويو آ، حال ههڙي تي حيرت ڪانھي.
آيس ڪاڏئون، ڪاڏي وڃان ٿو، ڪرڻو ڇا آهي؟ ڪيو ڇا مون؟
ٺاهيم ۽ ڊاهيم ڇا، افسوس ٿم مون کي ڪا قدرت ڪانھي.
اچان اڪيلو وڃان اڪيلو، ڳُجھ ڳُجهارت ڀڃآن اڪيلو،
پنھنجي نفي ۾ لِڪان اڪيلو، ظاهر ڪائي زيارت ڪانھي.
منھنجي اچڻ تي آڌرڀاءُ ۽ منھنجي وڃڻ تي ڪيڏي مايوسي،
اهائي تہ مون وٽ دولت دنيا، ڇا ٿو سمجهين اُلفت ڪانھي.
وحدت ڪثرت پاڻ ۾ سڀ ڪُجهہ، پاڻ ۾ پنھنجا رنگ رتولا،
هن سان هُن سان آنک مچولي، اهڙي منھنجي طبيعت ناهي.