شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

دُنيا جي مون جهڙن مُفلس ماڻهن جو آواز

دُنيا جي مون جهڙن مُفلس ماڻهن جو آواز ۽ سندن حياتي جا بي سواد لمحا

الف؛ اسان کي ٻوڙ گهرجي، کاڌو گهرجي، گهرجي گهر جي ماني،
نہ لک ٿا گهرجن نہ ڪروڙ ٿا گهرجن گهرجي عزت احساني،
ماني بن نہ سري جُواني، نہ بچپن پيري شهجاني،
ماني بن نہ پيري فقيري، نہ ماني بن مھماني،
ماني من جو قُوت قراري، ماني لاءِ دل مستاني،
ماني سواءِ ڇا خان ۽ خاني، ڇا ماني سواءِ دل جاني،
ريءَ ماني احساني ڇاجي، ڇا خوب خوشي کل خُواني،
کاءَ کپاءَ کل خوشي ۾، بنا خطري خوف تون جاني.

ب؛ بُک جي باھ آ بُڇڙي ڏاڍي، پيٽ کپي ان پاڻي،
انگ تي ڪپڙو، صابڻ سُرمون ۽ بِستر هنڌ وڇاڻي،
جيئري جيءُ کي سڀ ڪجهہ گهرجي، انڌي منڊي ڇا ڪاڻي،
پيٽ بُکئي کي ڳالھ نہ ڪنھن جي، سيني منجهہ سيباڻي،
نہ اُرھ اورائي نہ زيادتي، نہ عشق سندي اُجهراڻي،
بک جي باھ بري، مصيبت من ۾ متل منڌاڻي،
ريءَ ماني جي من نہ سرچي، دل ساڻي قلب ڪُماڻي،
ساري رات لُڇندي لُڇندي وسندي مينھن وهاڻي.

ت؛ تڪڙ کان ڪم نہ وٺ، هي هڪ لاءِ نہ اها ڳالھ آ،
مون جهڙن لکين غريبن گذر جو هي حال آ،
لڄ ڀرم رب سائين رهائي، اهوئي ڌڻي لڄپال آ،
لکندي لکندي آڌي رات جو، هي هانءُ جگر جو حال آ،
ڇا گذر آهي غريبي، سڀ کي منھنجو هي سُوال آ،
سڀ ٻُڌايان ٿو اجايو طلسم نڪي ڪو تال آ،
رت جي ڳوڙهن سان جسم لالي، لڳل جيئن لال آ،
ٻڌ ٻڌايان ٿو شعر توکي جو بحر وزن سان بحال آ.

ث؛ ثمر نہ ساڻ ڪو، جيئن پرندو پکي کولي ڳولي ثمر،
رڳو ٽڪر کائي رات جو، صبح جو نت نئون گُذر،
نہ انگ جي لاءِ اوڇڙ ڪپڙو، نہ کنڊ مٺايون کير و چھر،
نہ ٻڪر پُلاءُ نہ ٻوڙ ڀاڄيون، رهندو مٿان ڪاوڙ قھر،
سڀ ڪو سيٽيو وتي سيٽ مان، سئو سئو ڪري ان تي ڏمر،
اهڙي مفلس مسڪين تي، ناهي ڪائي رحم و نظر،
هي تماشو ٿو ڪهڙو ڏسان، غريب لاءِ اهنجو سفر،
هن جي حياتي تيل آ ۽ زندگي ڄڻ بي اثر.

ج؛ جٿ ڪٿ ڏسئون ٿا، جا بجا سادو ستايو ٿو وڃي،
دٻدٻي ۽ دام دولت سان، لُٽايو ٿو وڃي،
هر ادا ناقابل سندس ڏاڍو ڏُکايو ٿو وڃي،
هن کان هر ڪم بد عزت آسان ڪرايو ٿو وڃي،
پوزي ڏٽي ۽ دم دلاسي ۾ رهايو ٿو وڃي،
مظلوم جو سڀ پيار قرب ڦوڪي اُڏايو ٿو وڃي،
اي زنِ دولت حال دل توکي ٻُڌايو ٿو وڃي.

ح؛ حُسن و عشق غارت گري ۾ وقت نبيريو زردگر،
هٺ وڏائي ڏاڍ سان، خط وصل ۾ برد بر،
ڪنھن اهل نادار جي آهِ فِغان ڪيو درگذر،
ڊڄو نہ ٿا رب کان اصل، سئو سئو ڏيو سخن جبر،
ڇو لک مذاقون ٿا اُڏايو، ربُ جي ڏمر کان بي خبر،
نہ حق ادا انصاف سان، نہ صاف دل شام و سحر،
خون جهڳڙا جو روستم ابليس جي پاڙيو ٿا پر.

خ؛ خوف کان هردم وري هي حال هيڻا ٿا جلن،
بي زبان ڀوتار سان، سامھون ڀلا ڪجهہ ڪيئن چون،
سچ چوڻ سان سر ٽنگيل ۽ آڪھ سوڌا سڀ مرن،
بک مرڻ جي ڀئو ڪنان، پنھنجي زبان بند ٿا رکن،
ڇا ميارون رنج رسامون، ڇو ڀلا ڇا لاءِ ڪُڇن،
داغ دل جا دل اندر، سور سڀ سھڻا پون،
غم غصي غيرت اندر، ناصور ڦٽ اٿليو پون،
هي حال غربت جو ڏسي، چشمن منجهان ڳوڙها ٽمن.

د؛ دم بدم هردم ڏسو تپ ۽ بيمارين جو ڪلور،
گهر غريبن جي ڏسو ناحق وڏو آ، هي ناصور،
هي ناصورن کان وڏو، ناصور جيئن ڪھن ڪي گهاءٌ گهور،
هن سوز غم مذڪور ۾ چئو طرف آهيان چڪنا چور،
يا خدا ! ڪهڙو ظلم هي، ڪهڙو ڀلا آهي قصور،
تون الله سڀ جو ڌڻي، تون ئي ساھ منھنجي جو سُرور،
تون ڇڏاءِ هن تنگ غم مان، اڄ سُڀان مون کي ضرور.

ذ؛ ذوق هي ڏس ظاهري، اهڙي طرح اهڙا ٿا ڪن،
نيڪ نيتي ساڻ ڏسندين، بربر ظلم جهڙا ٿا ڪن،
کائي کپائي گهر جو گهر ۾، عشق غم گهرا ٿا ڪن،
چِچ غريبن جي ڪکن ڏي ترڇي نظر پهرا ٿا ڪن،
پيٽي پِٽيا هي بي ظرف،هي ڪم ڏسو ڪهڙا ٿا ڪن،
هي ظلم ۽ هي ستم، جٿ ڪٿ ڏسو برپا ٿا ٿين،
تڏهن تہ ڪڪرن مان ايڏا، وڄ جا وڏا ڪڙڪا ٿا ٿين.

ر؛ روح پرور ڳالھ چئجي، سچ ڏُکيرو ٿو لڳي،
ڌڪ هڻي ماري وجهو، ڏاڍو چڱيرو ٿو لڳي،
مرڻ مهڻو ناهي مون لاءِ، حق نبيرو ٿو لڳي،
ڇا نوڪري پاڻي بہ بند، سُنسان ويرو ٿو لڳي،
سچ واري جي چوطرف، هي گهرد گهيرو ٿو لڳي،
شعر ان جو ٻول ان جو، سڀ ٽول ميرو ٿو لڳي،
ٻُڏي مرو ڍڪڻي اندر، جي کوھ انڌيرو ٿو لڳي.

ز؛ زرد رنگ منھنجو ٿيو، هي چال چالاڪي کي ڏسي،
ڳالھ هڪ ڪم ٻيو، هر هڪ ٻٽاڪي کي ڏسي،
پيا مري، نہ مڙس ٿيا، رشوت چٽاڪي کي ڏسي،
سڀ ڪم پيسي ساڻ ڪن، اڪثر اوشاقي کي ڏسي،
هردم هرڪي هُج رکن، مٺاڻ ماکي کي ڏسي،
مايون ميڙيون ڪاهيو اچن، ڪو مُڙس اوطاقي کي ڏسي،
کاڌو کپي، لئي کپي. گهمن چريا چاسي کي ڏسي،
اهي بہ ڪم ڪن زردگر خوبرو ڪا خاشي کي ڏسي.

س؛ سُرت و سما هردم، رکو گهرو گهڻو غمناڪ جو،
دل ٿو رکي سيني اندر، هي بہ ٺھي ل آ خاڪ جو،
سک مزي ۽ عيش ۾، تڪبر رکين ٺمٺاڪ جو،
مولا سنديون هي سڀ وڏايون، جو مالڪ سڄي لولاڪ جو،
ڇانو وڻ جي ناهي هن لاءِ، تون مالڪ محلات جو،
سوڙ رلي اوڍڻ بنا، سيءٌ ۾ سمھي هر رات جو،
ان جي مٿان آلاڻ سردي، پهرو لڳل جيئن ماڪ جو،
شل مالڪ ڏسي ٻاجهون ڪري ربُ آ زمين افلاڪ جو.

ش؛ شاهي بادشاهي سئو سڪندر سڀ فنا،
سڀ ويچارا ويا وهي، هت ڇا رهيو آ رب ڪنا،
موت ماري سڀ مڃايا، مانجهي گوهر گهاتو گهڻا،
ڇا ڏسيان سڀ ڪجهہ ڏسو ٿا، خود پنھنجي اکڙين اڳيان،
هڪڙا اچن ٻيا ٿا مرن، ڪهڙا قصا ويھي کڻان،
انبياء سڀ اولياء درويش رب جا ڇا چوان،
سڀ مٽي موٽي هليا، ربُ جي طرف راھ روان،
ڪنھن کي ستايو ڪين ڪي، سمهندئو آخر سامي سنوان.

ص؛ صفائي دل سندي، هر کوٽ پوري ٿي ڪري،
جيئن دوشيزه سون پائي ڪن ٻوٽ پوري ٿي ڪري،
جيئن ملم ڪُني زخم جي چوٽ پوري ٿي ڪري،
جيئن بارش ٿر بر اندر اوڻاٺ پوري ٿي ڪري،
۽ گهر شھر در جي اڳيان، پالوٽ پوري ٿي ڪري،
جيئن هٿ مزدوري املاڪ جي هر ٽوٽ پوري ٿي ڪري،
اهڙي طرح املاڪ جي هر جوت پوري ٿي ڪري،
اڻ سمجه آدمي لاءِ هر ڳوٽ پوري ٿي ڪري.

ض؛ ضعيف سمجهو ڪين ڪي، اسين مڙس آهيون مردمي،
ڪين ڏسندئو ڪانہ ڪا، ڪائي اسان ۾ ڪا ڪمي،
غيرت، عزت ۽ آبرو، حُسن حليمت هردمي،
قرب واري قرب هردم، رُخصت ڪيون ٿا هٿ چُمي،
باقي گناهن سان گُذر آ، دور دنيا دم دمي،
سو خود خدا معافي ڏيندو، صدقي مُحمد هاشمي،
غريب پرور بيڪسن تي، مُشڪل ڪيو ڪا خاتمي،
هن جي دُعا اڪسير سمجهو ۽ ڪيو ڪا سخاوت حاتمي.

ط؛ طلبون لک سنديون ناهن اسان کي يا خُدا،
کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهہ تہ گهرجي، ڪجهہ ثمر ۽ سڪا،
ٻئي حاڪم سندو محتاج مون کي ڪين ڪر تون نورالهُديٰ،
دُشمن منھنجو، منھنجي جسم کان پرور پري ڪر علحده،
مون ڏٺا جاچي دنيا جا زردار پيٽي کرپٽ وڏا،
سي غريبن لاءِ ظالم، بي رحم ۽ بي وفا،
ڪوڙا ڪنجوسي واعدي خلافي بي مزاجي انتھا،
سي ڀل اڄ ڇا ڪندا، ڪلھ نہ جي مون سان ٺھي ا،
دل غريبن لاءِ سڙي ٿي، جي هردم رهن حق کان جُدا.

ظ؛ ظالم راشي نڀاڳا، وڏا وات ڦاڙيو ٿا گهمن،
لعنت انھن جي سر مٿان جو مسڪينن جو رت ٿا پيئن،
مجبور ماڻھو ڇا ڪري، آخر ٻارا ٻني جا مُلھ ڏين،
نوڪري جي نااميدي پئسو ڏئي پوري ٿا ڪن،
پوءِ بہ آهي يانصيب روزي ملي يا ڌڪ ڪڍن،
پيو ڏٽي ۾ وقت گذري، اڄ سُڀان جا ڪن وچن،
حق وارا انصاف وارا آخر چڱا بہ ڪٿ رهن،
هي حال دل جو نالي خدا، ٻڌي ڀلا ڪا لٺ کڻن.

ع؛ علم آيو انگريز جو، نہ اسلام کان رُڪجي وڃو،
جاڳو اُٿو ڪجهہ ڪيو، نہ واٽ تي رهجي وڃو،
نوجوان سڀ نااهل ۽ ڇو بي علم رهجي وڃو،
سائنس اٿو قُرآن ۾، سياڻا ٿي سُلجهي وڃو،
صندرا ٻڌي ايمان سان، طاقت وڏي بنجي وڃو،
پڙهو پرايو هر هڪ علم، بدوش ڪنان پلجي وڃو،
سلام بدران ”هيلو “چوڻ، نہ اهڙا چريا چٽ ٿي وڃو.

غ؛ غافل رهياسون دين کان، بي دين غلبو ٿو ڪري،
هي حال ويران ڏسي، دل ٿي منھنجي هردم سڙي،
نوجوان ناز سان جيئن انگلش ٿو پڙهي،
جي پڙهي قرآن ائين، ڀاڳ پُٺيرو يڪدم وري،
انگلش پڙهو، عربي پڙهو، پڙهو فارسي بہ ڏس ڌيان ڌري،
سڀ پڙهو ٻوليون مگر ڏسو ڌيان عربي ڏي ڌري،
جنھن ٻولي ۾ قرآن آ، سا رب ڏني امانت ڪري،
ان کي وساريو ڪين ڪي، بنا جنھن، ٻئي جڳھ نا سري.

ف؛ فيراڪي آهيان گهڻو، جيءُ جڏو جالي نہ ٿو،
هن دنيا ۾ غريب مفلس پيٽ پالي نہ ٿو،
ڇا چوان تقدير جو ڪم هي، ڀاڳ بي ڀالي نہ ٿو،
غريب پنھنجو سر سلامت ۽ ساھ بي سنڀالي نہ ٿو،
دل کٽي ۽ روح تنگ کلي خوش ٿي نہ اري نہ ٿو،
غربت هڪ آهي مصيبت، رب اڃا ٽاري نہ ٿو،
رب رحيم ۽ ڪريم ۽ رزاق ڏئي روز پچاري نہ ٿو،
سوئي مالڪ، سوئي خالق، عيب جو اُگهاڙي نہ ٿو.

ق؛ قسمت ساڻ ڪو امير صالح ٿو لڀي،
غريب لاءِ ٿو پتوڙي سو هر طرف کٻي سڄي،
ان جي عظمت محبت لاءِ ٿو هردم ڀڄي،
الله جو ٻانہ و تون سمجهين، جو جيءُ جان ۾ هن لاءِ جهڄي،
تہ غريب ڪا روزي رسي ۽ ڪنھن منزل مقصد تي پھچي،
اهڙي ماڻھو لاءِ هردم دعا دم دم پئي ٿي ڪجي،
پوءِ ڪجهہ ٺھي يا جو ٿئي احساس دل ۾ تان هجي،
امن هر ماڻھو کي پيار محبت ۽ وفا جو ڏس ڏجي.

ڪ؛ ڪسوٽي ٿا رکن دولتمند گهڻي يتيم سان،
پٺڀرائي يا مدد ڪين ڪن مسڪين سان،
هي ڪهڙو رواج بدتر اُٿيو، محبت ناهي دين سان،
ناهي مُروت مفلس ماڻھو ڪاري ڪوجهي ڪين سان،
بي سُري ۽ بي اثر رانجهن ڪيئن ريجهي چنگ بين سان،
جُنگجو ڌُريون جي ٿيون وڙهن، نہ ٿيون ريجهن ٺھن امين سان،
هرڪو منھن پنھنجو رکي، نہ ٿو حال اوري ڪنھن غمگين سان،
امن مرد ٿو تڏي ٿُوڻي سان ٺھي ۽ سمنڊ ٺھي زين سان.

ل؛ لک لک ڀلايون رب سنديون جو پالي پالڻهار،
نڪو عيب اُگهاڙي اڳيان نڪو رُسوا ڪري خوار،
بنا سبب جي روزي بخشي، ڪيون قُوت قرار،
سو مالڪ مھلت ڏيندو، ڪلمي جي آڌار،
شل ٻاجهيندڙ ٻاجهون ڪري، ڏيھن جو ڏاتار،
ڏئي پڇاري ڪين ڪي، سو سخي رب ستار،
جو صحت بخشي سرور بخشي سڀ سندس اختيار،
ماري جياري جڳ جو والي جو جانب جيءُ جيار.

م ؛ معياري ڪين ڪنھن جو هي جڳ وڏو جالار آ،
سر جي بلا جيئن سر مٿان، سر سندو سر بار آ،
وقت وهندڙ آ درياھ، ڪنھن جو نہ تنھن انتظار آ،
اڻ سمجه هي آدمي،قسمت ڪنان لاچار آ،
ڪو چڙهيو چوٽا هڻي، ڪو ڪريو اندر ڪنھن غار آ،
ڪنھن کٽيو هي کيڏ کيڏي، ڪنھن کاڌي هتان سڀ هار آ،
هي مڪان، هي جهان، اورانگهي وڃڻ دُشوار آ،
امن ڇڏ هتان تان هُت ملي، هي سڄڻن سندو اقرار آ.

ن؛ نالو ۽ نشان ڪين ڪنھن جو ڪو رهيو،
جو ٺڪر ٺُڪجي ٺھي و سو ڏسو آخر ڊهيو،
موت کان پوءِ ڪنھن اٿي حال دل جو نا ڪيو،
هي بحر آ اڻ ڏٺل ان لاءِ ڌڻين ڌوڻي چيو،
گڏ ڪيو ان ڏينھن ان لاءِ جو اوکي مھل ٿئي ڀرجهلو،
ڌيان دل جو اي ستمگر پاڻ ڏي تان ڪجهہ ڌريو،
پاڻ ڪنھن نہ ڪم جوڳا ڇا اسان ۾ آ رهيو،
بس امن رحمت خدا جي ۽ توبھ سندو پيو آ در کُليو.

و؛ وارث ولھين جو واهرو محبوب مدني آ سندم،
ڪبير ڏوهي آهيان ڏاڍو، مولا شفا معافي ڪندم،
هي حال ٿيا بي حال منھنجا، من مونجهاري ۾ منڌم،
توفيق رب بخشي سندم جو سر هجي سجدي ۾ خُم،
لاالٰه الا الله محمد رسول الله، ايمان سين نڪري هي دم،
بخشش هي مولا سندي هر ڏوهي مٿان آڻي رحم،
برحق بدتر بدعمل آهيون اسين، ابتا اسانجا سڀ ڪم،
مغفرت معافي ملي وٺ خدا جو نالو اسم.

ھ؛ هجت ساڻ ڪنھن جون تون پچارون ڪين ڪر،
هرڪو قبر پنھنجي ڀري، اجايون مذاقون ڪين ڪر،
خاڪ آهين مٽي مثل، وڌي وڏايون ڪين ڪر،
ڇڏ ادا ٻئي جي پچر، اهي سچ سڌايون ڪين ڪر،
پاڻ پنھنجو خود سنڀالج، ٻئي لاءِ پُڄايون ڪين ڪر،
غريب پيءُ جو پُٽ آهين، ناز نٽ ادائون ڪين ڪر،
پيٽ لاءِ سائل ڪين ٿي، در در سدائون ڪين ڪر،
سودو سر جو سر سونھين، سر نوايون ڪين ڪر.

ء؛ الف جو اکر پڙھ، سدا اوشاق ٿي،
حسد ڪيني کي تڙي، محبت سندو مشتاق ٿي،
جو لکين پڙهين تان ڪر عمل، نہ حرص کان هلاڪ ٿي،
ابليس جي دوکي دولابي کان گهڻو چالاڪ ٿي،
هي دنيا سمجه سياڻا، مومل واري ڪاڪ ٿي،
جي بچي چڙهئين امن چوي بهشت ۾ اوطاق ٿي،
اچڻو وڃڻو آخر فنا رهڻو، نہ سدا لولاڪ ٿي،
حرص و حوس دنيا جي رنگ کان بنھ سفا بي باڪ ٿي.

ي؛ ياد ٿو اڄ ڪيان گذريل زمانا سال ڪي،
تہ ڇويھ ورھ گذري چڪا، هن زندگي جي حال کي،
خدا مشڪل آسان ڪري، ٽاري غربت وبال کي،
غازي گناهن کان بچائي، ڇڏيان شيطاني چال کي،
جي اڳتر چڱو الله ڪري ڇا ڪندس ڌن مال کي،
پر محتاج ڪنھن جو ڪين ٿيان، هي سوال آهي لال کي،
سخي سخاوت جو ڌڻي، م موٽائي منھنجي سوال کي،
ياد رکج اي امن مانجهي، قادر ڌڻي لڄپال کي.