وقت زمانو بچپن جو، رنگين بھارن وانگر هو،
باغ باغيچا، وڻ ٽڻ ٻوٽا، نازڪ نظارن وانگر هو.
کِلندا ڪُڏندا راندين تي، هر روز وڃڻ پيو ٿيندو هو،
چمڪ دمڪ ۽ سونھن جو چمڪو، چنڊ ستارن وانگر هو.
راڳ رهاڻيون شھر گهمڻ کِل ڀوڳ ۽ چرچا چوڌاري،
آڌي مانجهي اچڻ وڃڻ هي، جنگي جهازن وانگر هو.
جوت جواني جوڀن خوشبو، گُلشن جو هڪ گُل هيس ڄڻ،
سانوڻ رُت ۾ پيار جو جذبو، مينھن ڦوهارن وانگر هو.
کِل خوشي مھمان نوازي، موج مزاڪون مھر وفا هئي،
سونھن پرستي دل ڪُشادي، ڌيان دانائن وانگر هو.
راڳ جي سُر سنگيت کي سمجهڻ، منھنجي اصل ۾ فطرت هئي،
تانَ هڻڻ، سرگم کي سنوارڻ، ڳائڻ ڳائڪن وانگر هو.
يارن دوستن وٽ وڃڻ، گُفتار اُنھن سان سھڻي سُٿري،
سوچي پرکي غزل لکڻ، منھنجو وڏن شاعرن وانگر هو.
ماضي نہ اري ڏِس تون سائين، ڳوٺ اسان جو شاھہ جي ننگري،
هر ڪو ماڻھو، موتي داڻو، هيري جي هارن وانگر هو.
مانجهي اِمن ويھہ ماٺ ڪري، ڏِس رنگ دنيا جا نوان نوان،
مان جي مران تون پويان چئجان ننڍڙن ٻارن وانگر هو.