مارُئي جا بيت
ڪاهليءَ ڪانڌريءَ بِنھ بي وس،
ملير منجهہ مُيس تہ اڳيان سُور نہ ساري هنئون.
جي ٿر ۾ ٿوڪ، سي ساريو سُوءَ مران،
ويڙهيچن وري وڃان، هي هينئين اندر هوڪ،
ساريو سنگهار سنہ ڙا، سڙي ٿيس سوڪ،
جهانگين سندي جهوڪ، پسي امن پوءِ مران.
پسي من پوءِ مران، هاڙيچن مجلس،
نہ هيرا موتي هٿ رهن نہ انگ مٿي اطلس،
هُت هيروڻي سندي مينھن وس لس،
امن هي سڪ رس، سانڌيان سدائين سرير ۾.
جُوءَ اباڻن جهوڪ، ڪنڊا ڪِرڙ ڪرينھن،
ڏِهاڙي ڏُڌ ڦُڙهي، راتيون وسن مينھن،
ٿر بر اندر سوز جا، نائق لڳا نينھن،
لِلُر، لُنب لَسي کنڀ گُذر جن جو هنئن،
امن سانگي ساھ سين، ساريو پئي سُور مران!
ريءَ اباڻن اُڪنڊي، رُويو نيڻ وسن،
جي سانگي ويا سانگ تي، سي ڪُڇيو ڪين ڪھن،
نہ ڏوراپو ڏُک سندو، نہ مون مُٺي معيار مُنجن،
ڏمرجي ڏَنجه ڪري، الفون ب نہ چون،
امن ڪي سُجهن، ڏِنگايون ڏيل ۾.
اباڻن ريءَ اُڪنڊي، ٿِڙيو ڪِران پٽ،
تہ پرور ڌڻي پنہ وار سان پوري ڪجانءِ پت،
پري رهيا ڪنيز کان، هُوءَ جي رُوحاني رت،
اکين ۾ آهٽ، سڄڻ سفر سنوان ٿيا.
ڪڏهن مارو مون سين، پل نہ پري رات،
اڄ سي اوڏا ڏُور ويا، ڪري پنڌ پِرڀات،
ڇڏي هليا ڪنيز کي، اٿم هينئين اندر هيھات،
امن تن اندر تات، ڏيندا ڏيھ هليا ويا.
رات ئي روان رات، راتئي سڄڻ سنبريا،
پل نہ پليا ڪنيز کان، ويا ڇِني سنگت ساٿ،
ڏئي ڏُک ڏنڀي ويا، تن تنين جي تات،
سڄو ڌڪ دل مٿي، اڌ ڪُٺي آءُ ڪات،
امن مارو سين مُلاقات، وري منھنجي محشر ۾.
سانگي جِت سانگ تي، ڪانگُ اُڏاريان تتُ،
رُوح اباڻن سان آ، مگر خاڪي جِسم هِت،
امن چس وٺي مُحبن جي، سا ٿي رُواري رت،
مُوران منھنجي مت، مِلڻ لاءِ ماندي ٿئي.
اڄ پڻ رِڻ نہ رَچيا، نہ ٿيون وري وَسُونۡ،
ڀِٽُن ساوڪ ڪينَ پائي، ٿا ڏُکيا ڏوٿي ڏِسُونۡ،
وسي مُلڪ ملير جو، ڪو رِجي لهن ڪسُونۡ،
امن کير مکڻ لسيون، کاوانۡ ملڪ ملير جون.
مٺو مُلڪ ملير جو، وُٺَي وٺينۡ واس،
تہ عُمر ڪل پوئي قدر جي، رهين نہ هت راس،
منھنجي مُلڪ اباڻي لاءِ، اُٿي اندر منجهان آس،
رهان وڃي رِڻ ۾، ڌڻُ ڌنارن پاس،
امن اباڻي پياس، سانگين ريءَ مَ سري.
ڏاچ چِڀڙ ويرو، اڄ ساوا گاھ سانگَي،
ٿر ۽ ٿريچن جي، خبر ڪئي ڪانگي،
تہ وُٺو مينھن ڀِٽُن تي، رب جي رحمت وانگي،
من ٿو تانگهي، جو امن وڃجي اوڏنھن.
غريباڻو گُذر، منھنجي ماروئڙن جو،
کائن ڏُٿ ڏِهاڙي، ساڻيھ منجهہ سنڱر،
عُمر آڇون ڪِيمَ ڪر، موڪل ڏي تہ ملير وڃان.
جهانگي وسن جهنگ ۾، کائن کِلي کير،
هِت نہ مُون آرام اکئين، آهي اندر منۡجه اُڪير،
پلو پانئيان پير تہ پنھنوار پري نہ ٿئي.
ٻُوھڙا پِپُون پٽن ۾، هُت کِلي اباڻا کائن،
سنہ ا ساوا گاھڙا، جهليو گُل جرڪائن،
جي مارُو مُلڪ وسائن، سي ساريا پنھنجي ساھ سان.
مَوڪ، مَرِيڙو، مکڻي، جُوئر ٻاجهر کوڙ،
هُت کُلي هوا ڏکڻ جي، سختي ناهي سوڙھ،
اِها الله سندي جوڙ، جَي سانگي پري سانگ ٿيا.
ڳالھيون ڳڻي مَ ڳاءَ تون، آءُ لاهيان ڪين لباس،
سِر اوتيان اباڻي لولي مٿان، اچي اباڻن آس،
مانۡ تون اچون مَ راس، جو لڄ مري ۽ ست سٽيان.
ڏُک سور سھي، وَهي اُت ويندياس،
پڪا پيرون پنھنوارن سان، کِلي کائيندياس،
ٿاڪ وٿاڻن ۽ ڀٽن جَي، ولر ۾ ويھندياس،
وڃي گهرندياس، امن ڏُٿ اباڻي ڏيھ جو.
عُمر اباڻن جا گهاءُ چڙهن ٿا گهور،
وُٺا مينھن ملير تي، سي پھ پچايان پُور،
پرين پکا پري اڏيا، دُڻي ڏسي دُور،
هي مُحبت جو مذڪُور، وڃي سلبو ساڻيھ ڏي.
مينھن وسندي مارُوئڙا، خوشيون ڪن کيل،
تو جهانگياڻي جهلي جهنگ جي، جيئري ڏنو جيل،
امن وري جَي ويل، تہ واڳ ڇِڪبي وطن ڏي.
مينھن وسندي مارُو سُکيا رهن سدا،
پکا اڏي پڌر ۾، رهن قُرب رُڌا،
تن سانگين کي خُدا، آڻي تہ آسائتي ٿيان.
مرٽ چارين مال کي، جي ڳنڍا ڪن ڳنڍير،
ڳمولو، مَکڻو مانڌاڻو، موگِر موچارا مير،
اُڪنڊي مون اُڪير، گاھ ڏسي اِهو گهاءُ کڻان.
سِڪان تنھن ساڻيھ لاءِ، جِت سائي ساوڪ ڪري،
لُنۡب، ڪنڊيون، سانۡٽوڙا، تون قُرب ڏس ڀري،
امن جڏهن مولا مھر ڪري، تڏهن مون ميڙيندو ملير کي.
اِڪڙ، ٻُوھ ٻاجهري، اُت گولاڙا گنج،
مارو خار نہ ڪڏهن، نہ رکن روحاني رنج،
چِڀڙ پڪا پيرُونۡ هي، سُٿرا ڏُٿ سمجه،
اسين عريب تون امير، قُرب اِهوئي ڪجُ،
عُمر ملير مُنج، هي جا امانت آهي اُتان جي.
عُمر منھنجي مُلڪ تي، ڪڪرن ڪئي قطار،
ٿر مٿان ٿاڌل ٿي، وُٺا وس ولھار،
ساوا گاھ سرها ٿيا، گُلن ڪئي گُلزار،
ڦوڳ ڦُوھ ڏئي ڦولاريا، کسي دل ڦُولار،
سبزي اهڙي سونھن ڪئي، چادر سائي چوڌار،
سُڪا ٿر ساوا ٿيا، سھنجا ٿيا سنگهار،
ڳاڙهن ڳئون ڳچي ۾، ڳانيون ٻڌن ڳنوار،
وسي پيو وڏڦُڙو، هاءِ خُوشبوء هُٻڪار،
مِٺو مُلڪ ماکي جهڙو ، جِت جنت جو جنسار،
اُتي امن چانگ چوي، ڀونئرن جا ڀُڻڪار،
عُمر بادشاهيون هي بيڪار، ڊڄ ڏڻي جي داءُ کي.
عُمر منھنجي ملڪ تي، سانوڻ ڪئي سرهائي،
هرڪو بات ڀلي ڪري، ڀائي ساڻ ڀائي،
پيئن کير کاهڙ ۾، وسن جي ملي واڌائي،
مارو قُوت قراريا، ڏيلھا ڏُت کائي،
اباڻن مان خير جي خبر اِها آئي،
تہ مارو منھنجي مُلڪ جا، جاڳيا گهمن جائي،
چوڏهينءَ رات چنڊ جي، سُمهڻ جي نہ سائي،
ويھن وِچ ڪچھري ۾، ڳالھيون ڪن ڳائي،
تہ وڳر مان بي وس ٿي، ڪنھن ڪونج ڪئي جُدائي،
سا بند آهي بنگلي ۾، مارئي مهڻي مائي،
ڪيئن ورايون قيد مان،تن نہ طاقت ڪائي،
يا رِيجهي وئي رِهاڻ ۾، اُونو اسان اجائي،
هو خان سان کِلي خُوش ٿي، پري ٿي پرائي،
نہ نياپو نہ ڏوراپو، نہ واپس ڪنھن ورائي،
شايد ٺھي وئي ٺاھ ڪري، ڪري ٻاجه ٻائي،
هنن خبر اِهائي، هِت آهيان اُٻاڻڪي انھن لاءِ.
عمر اڄ رات، کِنوڻ کِنوي ٿي کاهڙ ۾،
مون کي منھنجي مارن جي، طلب گهڻيري تات،
ويھڻ وِھ لڳي ٿو، اُڌما اچن مون کي آت،
ڇڏ ڏاڍا ڏاڍ کي، ظُلم نہ ڪر ظلمات،
مون جيڏيون ملير ۾، سکيون سڀ ساعات،
مان قيدي آهيان قيد ۾، ڪھن ڪپن ٿا ڪات،
نہ چئو ڀاءُ تون ڀيڻ کي، بُري واتان بات،
ڇڏ تہ ڇيلا ڇوڙيان، ڪيان مارن سان مُلاقات،
وس وُٺي جي جس وٺان، ساريان پنھنجي ساٿ،
ڏسان ڦوڳ ڦولاريا، جهاتي پائي جهات،
امن مري ٿي مات، سدا سانگين جي ساٿ ريءَ.
عُمر اباڻي مُلڪ ۾، مھرون مينھن وسن،
مارو منھنجا ملير ۾، ٽِلن ۽ ٽهڪن،
کيڏن ڀڄن ڀِٽُن تي، سھنجئون ٿا سھڪن،
صحت سُڌري صفائي سان، ريتون اهڙيون رکن،
ياري رکن يار سان، ورائي پر نہ پرکن،
سنگت، صُحبت، ساءُ مٺو سبق اِهي سکن،
رُوحي پنھنجي رمز ۾، رِچيو ٿا رِچن،
سانوڻ مُند ۾ سُومرا، وڏڦُڙا مينھن وسن،
کنوڻ کنوي ٿي کاهڙ ۾، مارو منجهہ منگهن،
مال ڇوڙي مُنھن ڪندا، سيءُ ۾ جي سڙڪن،
ننڍا ٻار اُٿي ننڊ مان، سي مون کي ياد ٿا ڪن،
ٻڪر ٻُلاها ٻڪرِيون، ڪُنڍڙيون ڪر کڻن،
هاءِ اباڻي اُڪير ۾، منھنجا جيرا جِگر جلن،
هت گاھ ڦُٽا گُلزاريون ٿيون، تِر تي ڀنئورا ترن،
پوپٽ ڦيرا تي ڦيرا ڪن، مُسافر ٿر چڙهن،
وس ۾ وس وري، وسي وسڪارا ڪن،
يار منھنجا مانجهي چوي، مون سان ڇو ٿا رُسن،
هُجا هاج مون ۾ تہ منھن معيارون ڪن،
هُت ٿڌا دُٻا تڙن جا، پاريھر پيئن،
ڳيرا، هيڙها، ٻاٻيھا ٻولي اهڙي ٻُرن،
ٻُڌي هانءُ هلڪو ٿئي، ٿي ٿڌا ڦٽ پون،
تن مارن سان امن چوي رتا رنگ رهن،
وڃان مُلڪ ملير ڏي، ٿڌي ٿيان ٿرن،
جهوپا ڏسي جهانگين جا، منھنجا نيڻ ٺرن،
ٻوليون ٻُڌائن ٻاٻاڻن جون، جي هينئين مون هُرن،
هاءِ قسمت قيد ڪيو، ڪھندا ڪان ڪُرن،
هُت گجگوڙ ڪئي گوڙن، هِت ماندي آهيان مارن لاءِ.