شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

مُھاڳ

اِمن آزاد مانجهيءَ جي شاعري جو ڪتاب ”غزل جھڙي جواني“ محترم حُبدار علي چانگ طرفان لکڻ لاءِ مليو. اڄ سڀاڻي ڪندي ڪافي وقت گذري ويو. مھاڳ لکڻ جي معاملي ۾ مان اِلاهي ڪيٻائيندو آهيان جنھن جا ڪي ئي ڪارڻ آهن.
”اِمن آزاد مانجهي“ جي شاعراڻي ڪتاب تي مھاڳ لکڻ کان آئون ڪنڌ ڪينَ ڪڍائي سگهيس؛ پر ايئن چوندي وڌاءُ ڪون ٿيندو تہ سندس ڪتاب جو مھاڳ لکڻ تي منھنجي دل پڻ ايئن ئي چاهيو پئي تہ جيڪر اِمن آزاد مانجهيءَ جي ڪتاب جو مھاڳ لکڻ گهرجي ڇاڪان تہ سندس شخصيت قابلِ تعريف ۽ قابلِ احترام آهي. پاڻ پنھنجي ذات ۾ تمام انوکي مزاج جا ماڻھو رهيا. اڄ جيتوڻيڪ اِمن آزاد مانجهي اسان جي وچ ۾ جسماني طور موجود ناهي پر سندس خُلوص، نماڻپ، مثبت ڪردار، سچائي، ايمانداري ۽ اتم ماڻھپي جھڙا گُڻ ۽ سندس خوبصورت شاعري هر باشعور شخص جي روح ۾ رچيل رهي آ ۽ رهندي.” آس نہ پر احساس اتم آ ڇا ڪتري ڇا ويش“ اِمن ازاد مانجهي سندر احساس ڀريو مھڪندڙ گلشن ٿي رهيو. پاڻ سٻاجهو ۽ سلڇڻو انسان هو. ڪنھن انسان تہ ڇا پر ڪنھن جيت جڻي کي بہ ايذاءُ رسائڻ سندس وهم گمان کان ڪوهين ڏور هيو. سندس قول ۽ فعل ۾ اچرج جي حد تائين هم آهنگي پَسجي ٿي جيڪا باقي شاعرن ۾ تمام گهٽ ملي ٿي.
”غزل جھڙي جواني“ سندي اردو ۽ سرائيڪي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب آهي. سندس شاعراڻو تخيل تمام اعليٰ پائي جو آهي. اصلاح ڀري شاعريءَ سان مالامال سندس هي هڪڙو ئي ڪتاب کيس امرتا بخشي ٿو. مون جيئن جيئن سندس شاعري تي گھري نظر رکي تيئن تيئن حيرت آڪاش کي ڇُھڻ لڳي. لفظن ۽ خيالن جي چونڊ پڻ ڪمال جي آهي، سندس غزل جو هڪ مصرع پڙهو.
فقيري اجائي رُلڻ ۽ پِنڻ جي،
اهڙي پِٽ ذِلت کان حيا پيا ڪنداسون.
سندس مٿيون شعر روايتن کان بغاوت جو اهڃاڻ آهي. پاڻ ڏيک ويک جي فقيراڻي ويس جو انڪاري آهي ۽ اهڙي رُلڻ ۽ پنڻ هيچ ۽ نِيچ ٿو سمجهي. فقيري ڪنھن ويس ڏيک ۽ ويک جي محتاج ڪانھي فقيري هڪ اعليٰ مزاج جو معراج آهي فقيري سلڇڻي ڪردار، سٻاجهي سوچ ۽ ڪِرت، نماڻپ ۽ اتم ماڻھپي جو نانءُ آهي. پاڻ سندس شاعري ۽ زندگي تي جڏهن غور وَ فڪر ڪنداسين تہ معلوم ٿيندو تہ اِمن آزاد مانجهي واقعي هڪ فقير مزاج ماڻھو هئو. اوڙي پاڙي مِٽ مائٽ سنگت ساٿ ۽ پنھنجن توڙي پراون سين پُر خلوص پيار ڀريو رويو ساکي آهي تہ امن آزاد مانجهي ڇا تہ ڪمال ڪردار جو امين رهيو. اِمن آزاد مانجهي جيتوڻيڪ اسان کان ڄمار ۾ وڏو هيو پر جڏهن بہ ساڻس ملاقات ٿي ڪچھري ٿي دل ۾ پيھي ويندو هيو سندس ڏاڏو چاچو خان محمد پڻ اتم وڙائتو انسان هيو. اڪثر اسان جي اوطاق سندس اچڻ ۽ رهڻ ٿيندو هيو. چاچي خانڻ سان ڊگهيون صوفياڻا ڪچھريون رهيون. گفتي جو پڪو، اخلاق ڀريو ۽ ماڻھپي جو اعليٰ ڪردار انسان! سچ پچ تہ اهڙا ڪردار تمام گهٽ ٿا ملن. ڪائينات جي ڄڻ تہ ڪا سونھن هجن ٻئي ڏاڏو پوٽو. اڄ بہ اڪثر کين ياد ڪندي جيءُ جهري پوندو آهي. اڄ بہ اڪثر کين ياد ڪندي دل درد سان سرشار ٿي ويندي آهي.
اچو تہ وري امن آزاد مانجهي جي شاعري ”غزل جھڙي جواني“ ڏانھن مُڙون. سندس غزل جا ڪجهہ مصرع هن ريت آهن؛
ڪچرا رنگ جوڀن جا، سادا جذبا يادون ڍير،
پوپٽ جا پر کولي ڏسجان، خط م هوندئي ٻيا ڪُل خير.
پاڻ هئاسون ڄاڻ سڃاڻپ، ڪھڙي پنھنجي پيارا سائين،
ڌنڌلو تصور خيال هيو ڪو، اُڀ جيئن ڪا اڇڙي مَير.

جوڀن ڀريا جمالياتي جذبا ۽ سندس شاعراڻي انداز ۾ هيئين لفظن جي چِٽسالي پڙهي آساني سان طئي ڪري سگهجي ٿو تہ امن آزاد مانجهي ڪلا جي ڪائنات جو ڪيڏو پارکو ڪَوي آهي. سندس ڪُل شاعري ۾ ڪاٿي بہ عُرياني، بي حيائي ۽ حوس جو ڪو بہ اهڃاڻ ڪونہ ٿو ملي. پاڻ زندگيءَ ۾ پڻ حيا، غيرت ۽ وڏماڻھپي جهڙن اُتم گُڻن جا ساکي رهيا ۽ اهڙي ئي جهلڪ سندس شاعري ۾ پڻ پسجي ٿي. سندس شاعري ڏات ۽ ڏانءُ جو سندر سنگم آهي، رواني ۽ خيال جي اُڏام کي نمايان حيثيت حاصل آهي سندس غزل توڙي بيت ۾؛
لک ڪو غزل تون اهڙو، جنھن جو عمل ٿئي اهڙو،
هر هڪ حَسين ٻُڌي جيئن، هر دل ۾ حُل ٿئي اهڙو.
ماري وري تون هٿ سان، زنده ڪري ڏيکارين،
اهڙي طرح مسيحا! ڪر تون قتل ٿئي اهڙو.
منھنجا خُدا کي سجدا ۽ تنھنجي حُسن جي اچرج،
مشڪل اوهان برابر، نعم البدل ٿئي اهڙو.
ڇا تہ خيال آهي، ڇا تہ اُڏام آهي، ڇا تہ گهرائي آهي. ڪيترائي غزل لکجن ۽ پڙهجن پيا، پر امن آزاد مانجهي ڪنھن عام روايتي غزل جو قائل ڪونھي، پاڻ عام رواجي سوچ جو ساکي ڪونھي، سندس خيال موجب ڪو اهڙو غزل لکجي ڪا اهڙي سِٽ سرجي جا جيءَ اندر جايون ٺاهي. جا دل جي دنيا ۾ داخل ٿي ڪنھن ڪُنڊ پاسي نہ بيھي رهي پر دل جي دنيا ۾ حُل ٿي وڃي. دل جي دنيا جو اٽُوٽ عنصر ٿي پوي پنھنجا اڻ مِٽ اثر ڇڏي. اهڙي غزل، اهڙي سِٽ جو ڳولائو رهيو آهي امن آزاد مانجهي. پاڻ ڀٽائي جي هن سِٽ جو ڄن تہ چِٽو ڪردار هجي.
”لوڪ وڃي لنہ وارو، تون اوچو وڃ اوڀار“
امن آزاد مانجهي واقعي ڪو عام رواجي انسان بنھ ڪونہ هيو ۽ ائين ئي سندس شاعري پڻ ڪا عام رواجي خيالن جو ڍير ڪانھي. سندس شاعري ڏات، ڏانءُ ۽ ڏاهپ جو سندر گلدستو ٿي ڀائنجي.
چنڊ تارا ڪن ٿا اِشارا، اُٿو اُٿو غفلت ڇڏيو،
درد کي منھن مُڙس ٿي ڏيو، ڇاجي شامت يقين ٿم.
ڇا تہ جذبو آهي، ڇا تہ جنون آهي، ڇا تہ همٿ ۽ حوصلو آهي. امن آزاد مانجهي پنھنجي وجود کي، پنھنجي خيال کي ۽ پنھنجي عمل کي فطرت سان جوڙي رکي ٿو ۽ فطري نظارن مان متاثر ٿيندي همٿ ۽ حوصلو ماڻي ٿو. جت عام رواجي شاعر ادسين ۽ مايوسين کي پنھنجو مقدر سمجهي ماتم ڪندا رهن ٿا ات امن آزاد مانجهي درد کي پڻ درمان بڻائي اڳتي ئي اڳتي وڌڻ جو ڏس ۽ گس ڏيندو رهي ٿو. ” ڪڏهن ماڪوڙي ڪڏهن ڪِيهر شينھن“ جھڙو خيال پڻ انساني زندگي ۾ معنيٰ رکي ٿو پر ڪنھن ليکڪ، شاعر ۽ سماج سڌارڪ جو شعوري فرض آهي تہ مڙني مشڪلاتن ۽ اهنج ڀرين حالتن باوجود سماج کي ڪا نئين اميد ڪو نئون ڏس گس ۽ ڪو اتساهيندڙ نئون نياپو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ دنيا اميدن تي قائم آهي. امن آزاد مانجهي سچ ۽ سونھن جو علمبردار ساکي ۽ سرواڻ رهيو. هونئن بہ سرجڻهار تي سونھن سدائين حاوي رهي ٿي. سونھن کي سائي هيٺان ئي کيس پيار پاٻوھہ ۽ پناھہ ملي ٿي. جان ڪيٽس جي شاعري مطابق ” سونھن سچائي آهي ۽ سچ ئي سونھن آهي“ سونھن ۽ سچائي هڪ ئي سِڪي جا ٻہ پاسا آهن. سونھن سچائي ۾ آهي ۽ سچائي ۾ ئي سموري خدائي سمايل آهي. امن آزاد مانجهي سندس ڪَلا توڙي سندس ذاتي زندگي ۾ پڻ سچ ۽ سونھن جي سُڻڪ جو سونہ ون ۽ ساکي ٿي رهيو. سندس هي غزل پڙهو..

سچ چوڻ مجبوري منھنجي،
ڪوڙَي جڳ کان دوري منھنجي.
ڪات بہ ڪنڌ تي حق جا نعرہ،
موج ڏسو منصوري منھنجي.
مون کي آ هن کي پڻ هوندي،
چِنتا نيٺ ضروري منھنجي.

اهڙي شاعري ڪاٿي آ جا اڄڪلھہ جا روح گرمائي رکي، جيڪا منصوري مام سان جڙيل هجي. پاڻ ڄڻ تہ ڪنھن مقتل ۾ بيٺل هجي.، بلڪہ ڄڻ تہ ڦاهي گهاٽ تي چڙهيل هجي، جلاد ڄڻ قھري ڪات سندس ڪنڌ مٿان اولاريون بيٺو هجي پر پوءِ بہ سندس منصوري مام للڪار مقتل جا ڪُل قھر ڀريا قيد ڪڙول ڪات ۽ جلاد جي منھن ۾ نہ اري مرڪي اڳتي وڌي اجل جي ڌار کي چُمي ڏئي ” اناالحق“ جو نعرو بلند ڪري منصوري مام جو جام پي سرخرو ۽ سوڀارو ٿيندي محسوس ٿئي ٿو. پاڻ اهڙي شاعري ۽ اهڙن شاعرن جي ضرورت آهي جيڪي روح کي جهنجهوڙي ڪو نئون پيغام اجاگر ڪندي انقلابي واٽون تلاشڻ ۽ تراشن ۾ مددگار ثابت ٿين. امن آزاد مانجهي جا لکيل بيت پڻ سنڌي بيت جي هيئيت ۽ بيهڪ جا امين آهن.
پاڻ پروڙج پاڻ ۾، جي ڳولڻو رب نہ ڳول،
ليئا پائي لوڪ ۾ رليا پاڻ نہ رول،
ڍاٽي اندر ٿيا ڍول، جي اکيون پورين اوپريون.
امن آزاد مانجهي پنھنجي من اندر جي ڪائنات ۾ لُڇن ۽ لوچڻ تي ترجيح ڏئي ٿو. پنھنجو ماڳ ۽ مارڳ ٻاهر نہ پر پنھنجي اندر منھنجان ماڻڻ جو قائل آهي. سندس اهڙو صوفياڻو رنگ سنڌو تهذيب، تمدن ۽ پرچار جو اصلوڪو اهڃاڻ عيان ڪري ٿو. امن آزاد مانجهي جو نظم فني توڙي فڪري لحاظ کان الاهي پختو لڳي ٿو. سندس هڪ نظم منجهان ڪجهہ سِٽون هيئن آهن.
محبت هڪ سخاوت آ، ڌراوت آ شرافت آ،
هر ڪو ڌرم هن سان هلي، سندء سھڻي سعادت آ.
محبت ۾ مرڻ گهرجي محبت ۾ جيئڻ گهرجي،
عمر ساري محبت ۾ نِمائي سر هلڻ گهرجي،
ملي هٿ سان زهر قاتل پياسو ٿي پيئڻ گهرجي،
الفت ۾ عداوت کي ڪڏهن نہ جاءِ ڏين گهرجي،
محبت هڪ رجاوت آ محبت هڪ ڪرامت آ.
امن آزاد مانجهي محبت کي نہ رڳو پنھنجي شاعري، پنھنجي وجود بلڪہ پوري ڪائنات جو محور سمجهي ٿو ۽ ايئن آهي بہ. محبت ئي ڪائنات جي واحد ضمانت آهي.

ہزاروں چاند تاروں کے مداروں ميں حسيں گردش،
بقا وایومنڈل کے بس کشش پہ منحصر لاگی۔

(راج)

امن آزاد مانجهي جي سرائيڪي شاعري پڻ ڪمال جي آهي. اچو تہ سندس ڪجهہ سرائيڪي شاعري منجهان سُرور پرايون.
ايڏيان بي پرواهيان ڀورل سائين، باھہ لِڱان ڪون لا ڇوڙيئي،
ستاست روز اُڻ تُڻ جهڻڪان ڏي دل مٽا ڇوڙيئي،
امن قريب رقيب ڪل قرب نہ ڏيون ملڪ مين ڪنون فٽا ڇوڙيئي.
امن آزاد مانجهي لاءِ ٻوليءَ جون پابنديون ڄڻ تہ ڪا معنيٰ ئي ڪونہ ٿيون رکن. پاڻ سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي سان گڏوگڏ اردو ٻولي ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي اچو تہ سندس اردو شاعري پڙهون؛
ميت ہو گئی دفن ميری وه بهی مقام پر آئے ہيں،
کيا تھا واعدا اُس نے اُسی انجام پر آئے ہيں.
جيتوڻيڪ امن آزاد مانجهي سان زندگيءَ ڪو گهڻو ساٿ ڪونہ نڀايو پر پوءِ بہ پان مختصر زندگيءَ ۾ پنھنجي ڪردار ۽ ڪَلا جي سندر ٻج سماج جي ذهنن ۾ ڇٽي ويو آهي سو هڪ ڏينھن ضرور لاڀائتو ٿابت ٿيندو ۽..........مھانتا ۽ امرتا ارپيندو. امن آزاد مانجهي جي ڪتاب ”غزل جھڙي جواني“ جي سھيڙڻ ۽ ڇپائڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار محترم هبدار علي چانگ جن جو آهي جيڪو تمام گهڻو ساراھہ جوڳو عمل آهي.

(راج راڄپر)
25/01/2024