شاعري

غزل جھڙي جَواني

اُستاد امام الدين تخلص امن آزاد مانجهي ضلع خيرپور، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ صاحب خان چانگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ھو ھڪ استاد ۽ قبل شخص ھيو. سندس مٿان ڏات مھرباني ڪندي رهي. هُن جو ڪُجهہ بہ لِکيو، سو عشق وچان لِکيو، هُن کي اندر جي سِڪ ۽ اُڻ تُڻ سڀ ڪُجهہ لکرائيندي رهي . تمام حِساس شخصيت جا مالڪ هُئا ، هُن درد کي ايترو تہ محسوس ڪيو جو شاعري ڪيائون.

Title Cover of book غزل جھڙي جَواني

مون سان ايڏي نہ ڪر بي خطا تون جفا،

مون سان ايڏي نہ ڪر بي خطا تون جفا،
دِل هي نازڪ اٿم، پاڪ ڄاڻي خُدا.
هيڏي هوڏي ڦِران، ڏس مان ڪاڏي وڃان،
مون کي ناهي مزو، مان ٿو جاڏي وڃان،
مان ٿو ڦتڪان لُڇان، تنھنجي هر هر پُڇا.
مون کي گهر ۾ مٺا، نہ ٿي ماني وڻي،
نہ ٿا ٻچڙا وڻن، نہ ٿو پاڻي وڻي،
جان آهي تتل، ماس هڏ کان جُدا.
مون کي تنھنجي ڪري، هرڪو ماڻھو وڙهيو،
جيڪو جاتي هُيو سو پيو تاتي وڙهيو،
تن کان هيڻو ٿيس، مون ڇڏيا سڀ ڦڏا.
توکي پارت ڪيم پڪ سان پلجان سڄڻ،
منھنجي دُشمن جي سامھون نہ گهمجان سڄڻ،
نڪو پرپُٺ وڄي ڪجان ڊاڙا ٺڪا.
مون سان رهجان، مگر جي مري مان وڃان،
قسم رب جو اٿئي، ٻئي کي دل نہ ڏجان،
ڇو تہ قبر ۾ بہ ناهيون دل جا پڪا.
مرڻ ناهي مِهڻو، مون کان پوءِ صنم تون،
ڏَسي ٿو وڃان توکي، ڪجان هڪڙو ڪم تون،
ڪجان غير کي نہ سلامي دُعا.
امن چانگ مانجهي وري هٿ نہ ايندئي،
هٿان تنھنجي ويو جي، وڃڻ ڪاڻ ويندئي،
هي آهي ڀاڳ تنھنجو، اڄ آهيون ڪَٺا.