منھنجي اباڻن مٿان مينھن وسن ٿا پيا،
ٿڌڙا ٿر جا تلاءُ ڪيڏا ڀرجن ٿا پيا.
ڇنا ڇپر مَنھَ ٿي ٿڌڙا ويا، هلي هير ٿڌڙي ٿي مزڙا ويا،
ڇڇڪار اوهيرا وسندڙا ويا، ٻيا پورب کان اچن ٿا پيا.
ننڍا ڪڪر ٺھي وري وڏا ٿا ٿين، ڪڍي چوٽيون وري وسي ٿا پون،
ٿي لسا ميرانجها گجگوڙ ٿا ڪن، ڏِسو بر تي ڪيئن برسن ٿا پيا.
آواز اوهيرا اهڙا ٿا ڪن، سُسراٽ هوا جا پِيا ٿا ٻُڌجن،
اهي وڏڦُڙا مينھن ڪاٿان لڀن، جن لاءِ سانگي سِڪن ٿا پيا.
وري رات جو اوڀر ڏکڻ کان، چمڪار ڪيڏا ٿيا چِمڪن سان،
ڏسان ٿو مانجهي ڪُنگرا ڪڪرن جا، اسان جي ڳوٺ اچن ٿا پيا.