سهيڙيندڙ پاران
خادم الفقراءَ ٽرسٽ جي پاران ڪجهه سالن کان قرآن مجيد جي ترجمن جي اشاعت جو ڪم مسلسل رکيو ويو آهي ته جيئن قرآن شريف جي هدايت ۽ رهنمائي مقامي ٻولين ۾ ماڻهن لاءِ آسان ۽ نصيحت واري بڻجي.
هينئر قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ هيءَ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
اسان جا روزاني زندگيءَ جا نفسي مسئلا، سياسي، سماجي ۽ معاشرتي الجهنون اقتصادي ۽ اخلاقي معاملا سخت ويڳاڻپ جي وَر چڙهيل آهن. جنهن جي نتيجي ۾ سماجي ابتري ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. اهڙين حالتن ۾ پنهنجي خالق جي موڪليل هدايت کي چنبڙي وٺڻ ۽ ان کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ نافذ ڪرڻ ئي واحد بچاءَ جو ذريعو آهي. اسان کي اميد آهي ته اسان جا پڙهندڙ سڀني طبقن جا ماڻهو، نوجوان ۽ اسان جا سڀ ڀائر ڀينرون هن احڪامات جي مختصر چونڊ مان پنهنجي روزاني زندگي جي مسئلن جي رهنمائي ڀرپور نموني حاصل ڪري سگهندا. اسان جو هيءَ فرض آهي ته جيڪا هدايت ۽ رهنمائي خدا تعاليٰ اسان کي نصيب ڪئي آهي، اُنهيءَ کان پنهنجن ٻين ساٿين، مٽن مائٽن ۽ سڃاڻو ماڻهن تائين پهچايون ته جيئن گهڻن ماڻهن جو ڀلو ٿي پوي. الله تعاليٰ کان دُعا آهي ته اسان سڀني کي پنهنجي هدايت مان ڀليءَ ڀت بهروره ٿيڻ جي توفيق ۽ همت عطا ڪري. (آمين)
[b]عبدالستار عباسي
[/b]