ملت ابراهيم جي پيروي
(آل عمران: ۹۵)
(٩٥) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته الله تعاليٰ حق جي ڳالهه ٻڌائي آهي. (توهان بني اسرائيلن کي جيڪڏهن سچائي قبول ڪرڻي آهي ته) توهان حضرت ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪيو (جنهن جي مان دعوت ڏئي رهيو آهيان). اهو طريقو آهي غير کي ڇڏي فقط الله جو ٿي رهڻ، ۽ يقيناً حضرت ابراهيم مشرڪن منجهان نه هو.