مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

برداشت ڪريو ۽ برائي جو جواب ڀلائي سان ڏيو

وَ لَا تَسۡتَوِی الۡحَسَنَۃُ وَ لَا السَّیِّئَۃُ ؕ اِدۡفَعۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ فَاِذَا الَّذِیۡ
بَیۡنَکَ وَ بَیۡنَہٗ عَدَاوَۃٌ کَاَنَّہٗ وَلِیٌّ حَمِیۡمٌ ﴿۳۴﴾ وَ مَا یُلَقّٰہَاۤ اِلَّا الَّذِیۡنَ صَبَرُوۡا ۚ
وَ مَا یُلَقّٰہَاۤ اِلَّا ذُوۡحَظٍّ عَظِیۡمٍ ﴿۳۵﴾ (حــٰم السجدة: ۳۴، ۳۵)

(٣٤) ۽ (ياد رکو ته) نيڪي ۽ بدي هرگز برابر ناهن. (سو اي پيغمبر!) تون (بدي ۽ برائيءَ کي) انهيءَ طريقي سان دفع ڪر جو بهترين طريقو هجي. پوءِ نتيجو هي ٿيندو جو جنهن (بري) شخص ۽ تنهنجي وچ ۾ بي اتفاقي يا دشمني هئي سو اهڙو ته ٿي پوندو جو ڄڻ ته هو گهرو ۽ گهاٽو دوست آهي. (٣٥) اها (اعليٰ درجي جي) نيڪي (يعني دشمن سان به احسان ڪرڻ جي رغبت) فقط انهن کي نصيب ٿي سگهي ٿي جيڪي صبر ڪن ٿا ۽ پاڻ تي ضابطو ٿا رکن، ۽ فقط انهن کي نصيب ٿي سگهي ٿي جيڪي تمام وڏي بخت وارا آهن.