مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

اهلِ ايمان جون وصفون

اِنَّمَا الۡمُؤۡمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِاللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ ثُمَّ لَمۡ یَرۡتَابُوۡا وَ جٰہَدُوۡا بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ؕ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الصّٰدِقُوۡنَ ﴿۱۵﴾ (الحجرات: ۱۵)

(١٥) (اي بني اسد قبيلي جا عربؤ!) مؤمن ته فقط اهي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي (پڪو ۽ سچو) ايمان آندو آهي (۽ هنن کي دل جو يقين آهي ته قرآن جو نظام ئي صحيح آهي) ۽ جن کي (قرآن جي سچائيءَ ۾) ڪڏهن به ذرو به شڪ نه پيو آهي ۽ جن خدا جي راهه ۾ پنهنجي مال ملڪيتن ۽ پنهنجي جانين سان جهاد (يعني بي انتها ڪوشش) پئي ڪئي آهي، فقط اهي ئي آهن جيڪي سچا (مؤمن) آهن. (ٻيا منافق آهن).