ٺاهه سينگار جي نمائش نه ڪيو
(٣٣) ۽ توهان پنهنجن گهرن ۾ (امن امان ۽ پاڪائيءَ سان) رهو. اڳئين جاهليت جي زماني (جي عورتن) وانگر (ماڻهن کي) هار سينگار ڏيکارينديون نه وتو. (۽ نه گهمو ڦرو) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪنديون رهو. اي اهل بيت (يعني حضرت جن جي گهر جا ڀاتيو انهن هدايتن ڏيڻ جو مقصد هي آهي جو) الله تعاليٰ فقط هي ٿو چاهي ته ناپاڪائيءَ کي اوهان کان دور رکي ۽ اوهان کي هر طرح بلڪل پاڪ ڪري ڇڏي.