مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

پيءُ جي گهر وارين سان نڪاح نه ڪيو

وَ لَا تَنۡکِحُوۡا مَا نَکَحَ اٰبَآؤُکُمۡ مِّنَ النِّسَآءِ اِلَّا مَا قَدۡ سَلَفَ ؕ اِنَّہٗ کَانَ فَاحِشَۃً وَّ مَقۡتًا ؕ وَ سَآءَ سَبِیۡلًا ﴿٪۲۲﴾ (النساء: ۲۲)

(٢٢) ۽ انهن عورتن کي پنهنجي نڪاح ۾ نه آڻيو جن کي توهان جي والد نڪاح ۾ آندو هو (عرب اڳي ائين ڪندا هئا) هن کان اڳي جو ڪجهه ٿي چڪو سو ٿي چڪو. (ائنده لاءِ ياد رکو ته) اهو وڏو فاحش ڪم هو، نفرت جهڙو ڪم هو ۽ ڪنو بڇڙو دستور هو.