مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

رسول الله ﷺ به بشر آهن

قُلۡ اِنَّمَاۤ اَنَا بَشَرٌ مِّثۡلُکُمۡ یُوۡحٰۤی اِلَیَّ اَنَّمَاۤ اِلٰـہُکُمۡ اِلٰہٌ وَّاحِدٌ فَاسۡتَقِیۡمُوۡۤا
اِلَیۡہِ وَ اسۡتَغۡفِرُوۡہُ ؕ وَ وَیۡلٌ لِّلۡمُشۡرِکِیۡنَ ۙ﴿۶﴾ (حــٰم السجدة: ۶)

(٦) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته مان اوهان جهڙو انسان آهيان (نڪي خدا آهيان نڪي مَلَڪَ آهيان پر) مون ڏي هي وحي ٿو اچي ته، توهان جو خدا فقط هڪ خدا آهي (ٻيو ڪوبه خدا ڪونهي) سو فقط انهيءَ (جي ٻانهپ) ۾ سچائيءَ سان محڪم ۽ ثابت قدم رهو ۽ کانئس بخشش گهرو (يعني سندس ڏيکاريل نظام هيٺ اچي سندس حفاظت ۽ پناهه ۾ رهو) ۽ (ياد رکو ته) مشرڪن لاءِ تباهي آهي.