ايمان وارن جون نشانيون
(٣٦) سو (ياد رکو ته) جيڪي شيون اوهان کي ڏنيون ويون آهن، سي هن دنيا جي زندگيءَ جو سامان آهن. پر جيڪي الله وٽ آهي سو انهن ماڻهن لاءِ گهڻو بهتر ۽ وڌيڪ جٽاءُ ڪندڙ آهي، جيڪي ايمان وارا آهن ۽ (حق جي راهه تي هلڻ ۾) پنهنجي پروردگار تي ڀروسو رکندڙ آهن. (٣٧) ۽ جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان پري ڀڄندڙ آهن ۽ جڏهن هو (ڪنهن جي اڳرائي کان) ڪاوڙ ۾ اچي ٿا وڃن ته (ڪاوڙ کي ماري اڳرائي ڪندڙ کي) معاف ڪري ٿا ڇڏين (۽ اڳرائين کي روڪين ٿا). (٣٨) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جا حڪم مڃين ٿا ۽ نماز جو نظام قائم رکن ٿا ۽ پنهنجا ڪم ڪاريون ۽ معاملا هڪ ٻئي سان مشورا ڪري سرانجام ڪن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏيون ٿا تنهن کي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا.