فطري طريقي جي مباشرت
(٢٢٣) اوهان جون عورتون اوهان جي لاءِ پوک وانگر آهن، پوءِ جيئن توهان چاهيو تيئن (فطرت جي تقاضا موجب) ٻنيءَ ۾ پوک پوکيو ۽ پنهنجي لاءِ ايندڙ وقت جو بندوبست به ڪري ڇڏيو (يعني جيڪو اولاد پيدا ٿيندو تنهن لاءِ سامان تيار رکو) ۽ هر حال ۾ خدا جو خوف رکي پرهيزگاري ڪيو ۽ ياد رکو ته توهان کي (هڪ ڏينهن مرڻو آهي) ۽ الله جي حضور ۾ حاضر ٿيڻو آهي ۽ سچو ايمان رکندڙن کي (دائمي سعادت جي) خوشخبري ڏي.