مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

قصاص جو تفصيل

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُتِبَ عَلَیۡکُمُ الۡقِصَاصُ فِی الۡقَتۡلٰی ؕ اَلۡحُرُّ بِالۡحُرِّ وَ الۡعَبۡدُ بِالۡعَبۡدِ وَ الۡاُنۡثٰی بِالۡاُنۡثٰی ؕ فَمَنۡ عُفِیَ لَہٗ مِنۡ اَخِیۡہِ شَیۡءٌ فَاتِّبَاعٌۢ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ اَدَآءٌ اِلَیۡہِ بِاِحۡسَانٍ ؕ ذٰلِکَ تَخۡفِیۡفٌ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ وَ رَحۡمَۃٌ ؕ فَمَنِ اعۡتَدٰی بَعۡدَ
ذٰلِکَ فَلَہٗ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۱۷۸﴾ (البقره: ۱۷۸)
(١٧٨) اي مؤمنو! قتل جي حالت ۾ اوهان کي قصاص (يعني بدلي وٺڻ جو) حڪم ڏنو وڃي ٿو (پر انسان سڀ برابر آهن) جيڪڏهن آزاد ماڻهو ڪنهن آزاد ماڻهو کي قتل ڪيو آهي ته ان جي بدلي ۾ اهوئي قتل ڪيو وڃي (ائين نه ته مقتول وڏي پوزيشن وارو ماڻهو هجي يا وڏي خاندان ۽ نسل جو هجي ته ان جي عيوض ۾ ٻه ماڻهو قتل ڪيا وڃن، جيئن اڳي عربن جو دستور هو) جيڪڏهن غلام قاتل آهي ته غلام ئي قتل ڪيو ويندو (ائين نه ته مقتول آزاد هجي ته بدلي ۾ وري ٻه غلام قتل ڪيا وڃن) ۽ عورت قاتل هجي ته عورت ئي قتل ڪئي ويندي پوءِ جيڪڏهن قاتل کي مقتول جو وارث ڀاءُ معافي ڏئي (۽ خون بها وٺڻ تي راضي ٿئي) ته پوءِ قاتل کي ڇڏي سگهجي ٿو. ان حالت ۾ وارث انصاف طور مناسب خون بها گهري ۽ قاتل سهڻي نموني سان ڏئي (جيئن صلح ۽ ڀائپي قائم رهي) هي (جو عدل ۽ مساوات جو اصول قائم ڪيو ويو آهي ۽ معافي ۽ خون بها جائز ٺهرائي ويئي آهي سو) توهان جي پالڻهار وٽان (اڳوڻن سخت قانونن جي) هلڪائي آهي ۽ وڏي رحمت آهي، هاڻي هن کان پوءِ جيڪو زيادتي ڪندو تنهن کي سخت عذاب ملندو.